ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

سياسي پارٽيون، شاگرد يونين ۽ ضابطہ اخلاق

پاڪستان ۾ هن وقت تائين جمھوريت جو ٻوٽو اسري، نسري نہ سگهيو آھي. ان جو سبب غير جمھوري حڪومتون آهن. ضياءُ الحق جو دور پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو باب آھي، جنھن ۾ سڀ جمھوري ادارا تباھہ ڪيا ويا. صحافين، سياسي ڪارڪنن کي ڦٽڪا هنيا ويا. سڀ کان وڏي ڳالھہ تہ شاگرد يونين تي پاڪستان جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پابندي وڌي وئي. انھن جو استاد تنظيمن تي پڻ پابندي وجهڻ جو ارادو هو پر ڊاڪٽر شڪور دائودپوٽي جي حڪمت عملي سبب آمر جي حڪومت استاد تنظيمن تي پابندي نہ وجهي سگهي. ڊاڪٽر شڪور دائودپوٽو، رياض احسن مرحوم، قادر بخش طالباڻي، عزيز اڄڻ ۽ مونکي پنجاب وٺي ويو ۽ اتي ”آل پاڪسان ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي“ جو بنياد وڌو، جنھن جو سربراھہ مرحوم مولانا غفاريءَ کي بنايو ويو. لاهور ۾ هڪ ڏينھن سڀني شاگردن ۽ استادن تعليمي ادارن جي ٻاھر ڌرڻو هنيو. سڄي لاهور جي ٽريفڪ بند ٿي ويئي. مولانا غفاري، ڊاڪٽر شڪور دائودپوٽو ۽ ٻين رهنمائن کي ضياءُ الحق جي چيف آف اسٽاف جنرل ڪي ايم عارف اسلام آباد گهرايو ۽ اهو يقين ڏياريو تہ استاد تنظيمن تي پابندي نہ وڌي ويندي. سنڌ ۾ تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين تي وڌل پابندي سنڌ کي وڏو نقصان پھچايو. پ پ پ جي حڪومت توڙي نواز شريف جي حڪومت شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪئي. جڏهن سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين هئي تہ ان جا اڳواڻ يوسف ٽالپر، يوسف لغاري، يوسف جکراڻي مرحوم ۽ ٻيا رهنما هئا، پر جڏهن کان شاگرد يونين تي پابندي پئي آھي، اعليٰ تعليمي ادارا تباھہ ٿي ويا آهن. شاگرد يونين نہ هئڻ ڪري سنڌ جي سڀني پارٽين تعليمي ادارن ۾ پنھنجون ”ونگز“ قائم ڪري ڇڏيون. ڪي سوشلسٽ ونگ هئا تہ ڪي ترقي پسند، ڪي ”لبرل“ هئا تہ ڪي مذهبي، اهڙي طرح سڀني سياسي پارٽين يونيورسٽين توڙي ڪاليجن ۾ پنھنجي ”پاڪيٽ يونين“ قائم ڪري ڇڏيون. جمھوري ڪلچر بدران اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر پيدا ٿيو، تعليمي ادارن مان لاش نڪرڻ لڳا. ڏوھہ وڌڻ لڳا. ٻھراڙي مان آيل مسڪينن جا ٻار بہ انھيءَ ”ڪلچر“ جو شڪار ٿيا. 1992ع ۾ مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو جي ھاسٽل ۾ ٻن شاگرد تنظيمن جي شاگردن ۾ جهيڙو ٿيو، جنھن ۾ ڪجهہ شاگرد قتل ٿي ويا ۽ ڪجهہ زخمي ٿي پيا ۽ اهڙا واقعا روز روز ٿيڻ لڳا. سنڌي ادبي سنگت جيڪا سنڌي اديبن، دانشورن، قلمڪارن، سرجڻھارن جي تنظيم آھي، انھيءَ روز روز شاگردن جي قتل ٿيڻ ڪري ابرار قاضي جي گهر هڪ ”قومي جرڳو“ گهرايو. ان وقت يوسف لغاري سنڌ ڊيموڪريٽڪ گروپ جو سربراھہ هو ۽ ابرار قاضي ان جو جنرل سيڪريٽري. هن ”قومي جرڳي“ ۾ سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين ۽ ان جي شاگرد ونگز شرڪت ڪئي. متفقه طور تي پروفيسر محمد عمر ميمڻ مرحوم، يوسف لغاري، نور الھديٰ شاھہ، مشتاق ميراڻي ۽ مونکي ان ”قومي جرڳا ڪاميٽي“ جو ميمبر بنايو ويو. مشتاق ميراڻي ڪجهہ مصروفيتن جي ڪري جلدي هن ”قومي جرڳي“ کان ڌار ٿي ويو، باقي ميمبر ڪم ڪندا رھيا. ٻئي متاثر ڌريون سگهاريون ھيون ۽ مھراڻ انجنيئرنگ ھاسٽل جي واقعي کانپوءِ ”روپوش“ ھيون. روزانہ ”قومي جرڳا ڪاميٽي“ جي گڏجاڻي نورالھديٰ شاھہ جي گهر ٿيندي هئي، بعد ۾ هن ڪاميٽيءَ ”ٻيلن“ ۾ ۽ ”سنڌو دريا جي ڪچي“ ۾ وڃي متاثرين جا بيان قلمبند ڪيا. تعليمي ادارن جي سربراهن جا بيان پڻ قلمبند ڪيا ويا. هڪ تعليمي اداري جي سربراھہ اهو چيو تہ، ”جڏهن مون وٽ ڪنھن شاگرد تنظيم جو اڳواڻ يا ڪارڪن هڪ ڪلاشنڪوف کڻي ايندو آھي تہ ان کي مان يونيورسٽي جي پسنديدہ ڊپارٽمينٽ ۾ ”هڪ سيٽ“ ڏيندو آھيان“. هن جي رڪارڊ ٿيل بيان جي Tape اڃا تائين موجود آھي. اسان تعليمي ادارن جي سربراهن توڙي متاثر شاگردن جا بيان Tape ڪيا، جن ۾ ڪيترين ڳالھين جو انڪشاف ٿيو تہ سنڌ ۾ ڪار لفٽنگ ڪيئن ٿئي ٿي؟ اغوا جا واقعا ڪيئن ٿين ٿا؟ ۽ ”ڀتو“ ڪيئن وصول ڪيو وڃي ٿو؟ ٽن مھينن جي مٿاڪٽ کانپوءِ يوسف لغاري فيصلو لکرايو، ڇاڪاڻ تہ هو قانوندان هو. اهو فيصلو تقريبن 300 صفحن تي لکيل آھي، جيڪو مختصر فيصلو صحافين کي ٻڌايو ويو اهو صرف 30 صفحن تي مشتمل هو. هن فيصلي ۾ ٻنھي جھڙيندڙ ڌرين تي ڏنڊ وڌو ويو، جيڪو ٻنھي ڌرين خوشدلي سان قبول ڪيو، پر هن فيصلي ۾ جيڪا اهم ڳالھہ هئي، سا هئي شاگردن لاءِ ضابطہ اخلاق. ڪجهہ حڪومت کي سفارشون پڻ ھيون.

سفارشون ۽ ضابطہ اخلاق:
• شاگرد يونين تان پابندي هٽائي وڃي
• آئندہ ڪنھن بہ سياسي پارٽيءَ جي ”ونگ“ سان لاڳاپيل شاگرد تعليمي ادارن ۾ هٿيار کڻي نہ ايندا.
• ”تاحيات شاگرد ليڊرن“ کي تعليمي ادارن توڙي ھاسٽلن مان نيڪالي ڏني ويندي.
• تعليمي ادارن جي ڪينٽن توڙي ھاسٽلن جي ميس ۾ ڪو بہ شاگرد مفت ماني نہ کائيندو.
• تعليمي ادارن ۾ ڪا بہ تنظيم پنھنجا جهنڊا نہ لڳرائيندي ۽ نہ ئي ديوارن تي پوسٽر لڳرايا ويندا.
• پوسٽرن جي لڳائڻ لاءِ ھر تعليمي اداري ۾ صرف هڪ جاءِ مخصوص هوندي.
• ڪا بہ تنظيم اعليٰ تعليمي ادارن جون بسون مفت ۾ ڪيڏانھن بہ زبردستي نہ وٺي ويندي ۽ نہ ئي تيل ورتو ويندو.
• جنھن بہ شاگرد وٽان ڪو ”مھلڪ هٿيار“ ھاسٽل يا تعليمي اداري مان برآمد ٿيو تہ ان شاگرد جي داخلا ”رد“ ڪئي ويندي.
• تعليمي ادارن جي ھاسٽلن کي چوديواري ڏياري ويندي، اچڻ ۽ وڃڻ جو ٽائيم ھاسٽل جو ”پرووسٽ“ طئي ڪندو.
• تعليمي ادارن مان قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي نيڪالي ڏني ويندي.
• شاگردن جي صحتمند سرگرمين لاءِ مرڪزي لائبريري کي جديد ڪتابن سان سنواريو ويندو ۽ ھاسٽل ۾ پڻ لائبريري جوڙي ويندي ۽ ڪمپيوٽر فراهم ڪيا ويندا.
• تعليمي ادارن ۾ سيمسٽر سسٽم نافذ ڪيو ويندو، آڊيو، وڊيو سسٽم نافذ ڪيو ويندو.
هن وقت ضرورت ان ڳالھہ جي آھي تہ شاگرد يونين تان پابندي هٽائي وڃي ۽ ان بعد اهڙي ئي ضابطہ اخلاق تي تعليمي ادارن ۽ درسگاهن ۾ عمل ڪيو وڃي، جيڪو ضابطہ اخلاق قومي جرڳا ڪاميٽي جوڙيو هو.