ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

نذير جي جوٽيل جنگ ختم نہ ٿي آھي

آگسٽ جي مھيني جي منھنجي آڏو وڏي اهميت آھي، انھيءَ لحاظ کان نہ تہ 11 آگسٽ 1947ع تي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾ جنھن پاڪستان جي پھرين دستور ساز اسيمبلي جو پھريون اجلاس ٿيو هو. جنھن جي صدارت مشرقي بنگال سان لاڳاپيل هڪ هندو ميمبر ”جوگندر ناٿ منڊل“ ڪئي هئي. جنھن ۾ پاڪستان جي باني مسٽر جناح تقرير ڪندي چيو هو تہ اڄ کانپوءِ توھان نہ هندو آھيو نہ ئي مسلمان. توھان مذهب، عقيدي جي لحاظ کان آزاد آھيو، توھانکي اهو حق حاصل آھي تہ ڀلي مسجد ۾ عبادت ڪرڻ وڃو يا مندر ۾ يا گرجا گهر ۾. توھان صرف انسان آھيو يا توھان صرف پاڪستاني آھيو! اڄ کانپوءِ مذهب جي لحاظ کان ڪنھن بہ قسم جي متڀيد نہ ڪئي ويندي. پر قائد اعظم اڪيڊمي جو ”ڊائريڪٽر شرف المجاهد“ اھا ڳالھہ مڃڻ لاءِ تيار نہ آھي تہ اھا تقرير ڪا مسٽر جناح ڪئي هئي. شايد اھا تقرير هندستان جي پھرين وزير اعظم پنڊت نھرو ڪئي هئي!؟
آگسٽ جو مھينو هن لحاظ کان بہ اهم آھي تہ 17 آگسٽ 1988ع تي بھاولپور ويجهو آمر ضياءُ الحق (جنھن جا اهم ساٿي اڄ ضياءُ الحق هٿان شھيد ٿيندڙ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي پارٽي جا اهم ٿنڀا بڻيل آهن.) فضا ۾ سڙي رک ٿي ويو. جنھن جو ڪو هڏو بہ نہ بچيو پر اسلام آباد ۾ اڄ بہ سندس مزار موجود آھي. جيتوڻيڪ ”جبڙا پير“ جي نالي سان مشھور آھي، اهو ڏينھن آگسٽ جي مھيني ۾ آيو هو. مان ان وقت ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد ۾ رهندو هئس. ٽنڊي ولي محمد ۾جيئن تہ ”مومن“ گهڻا رهن ٿا، اھي ”شھيد ڀُٽو“ جا شيدائي پڻ آهن، اُتي رهندڙ پ پ جي هڪ خاتون اڳواڻ سيمينار توڙي جلسن ۾ تقرير ڪرڻ وقت ”جيئي ڀُٽو“ سان گڏوگڏ ”يا علي مدد“ ضرور چوندي آھي. ان ڏينھن رستي تان غمگين شرنائين جي سُرن ۾ ذوالجناح جو جلوس گذري رھيو هو، مومن ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ ماتم ڪري رھيا هئا، سڄو ماحول سوڳوار هو. اوچتو ماتمي جلوس ۾ شريڪ ”مومنن“ جا زبانن تي ”مُبارڪ مُبارڪ“ جا نعرا گُونجي اُٿيا. ماڻهو روئڻ پٽڻ ڇڏي هڪٻئي کي خوشي وچان ڀاڪر پائڻ لڳا. کين اھا خوشي يارنھن سالن کانپوءِ نصيب ٿي هئي. اڄ هڪ سفاڪ قاتل پنھنجي منطقي انجام پھتو هو. جنھن جي ڏوهن جي فھرست ايتري تہ ڊگهي آھي جو انکي ڳڻائيندي سال لڳي وڃن. هن آمر جي دامن تي نہ ڄاڻ ڪيترن بيگناهن جي ريٽي رت جا داغ آهن، جيڪي قيامت تائين ڌوپجي نہ سگهندا. شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي کان وٺي سوين سرويچ ٽياس تي ٽنگيا ويا. هزارين جسمن کي ڪوڙن سان داڳيو ويو. جمھوريت ۽ انساني حقن ۾ ويساھہ رکندڙ هزارين انسانن کي سالن تائين زندان ۾ بند رکيو ويو. هن وحشياڻي دور ۾ جيڪي انسان شھيد ٿيا، انھن جي هڪ ڊگهي قطار آھي. ڪجهہ شھيدن جا صرف نالا اچن ٿا. ڪن جا چھرا ياد اچن ٿا. هڪ چھرو اهڙو آھي، جنھنکي سالن گُذرڻ باوجود وساري نٿو سگهان. 9 آگسٽ 1980ع جي اھا منحوس رات جڏهن مون بي بي سي تان اردو نشريات جون خبرون ٻُڌيون، منھنجو ذهن مائوف ٿي ويو، اکين اڳيان اوندھہ ڇانئجي وئي. سڄي رات لُڇندي گُذريم، دل ۽ دماغ اھا ڳالھہ ھرگز مڃڻ لاءِ تيار نہ هو. صُبح جو ”روزاني جنگ“ جي ”بيڪ پيج“ تي خبر پڙھيم، ھانءُ ڇڄي پيو. لُڙڪ لارون ڪري لڙڻ لڳا. ڪجهہ دير کانپوءِ شير محمد مڱريو آيو، جنھن انھيءَ ڳالھہ جي تصديق ڪئي تہ ”فوجي درندن ڪامريڊ نذير عباسي کي تشدد ڪري شھيد ڪري ڇڏيو ۽ کيس فوجي پھري ھيٺ سخي حسن مقام ناظم آباد ڪراچي ۾ دفنائي ڇڏيو آھي“ ائين چئي هُو مونکي ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. مون پنھنجي دل مضبوط ڪندي هن کي آٿت ڏني تہ ”شھيدن لاءِ روئبو ناھي.“ اسانجو رستو شھادت جو رستو آھي، اهو رستو پاڻ پنھنجي مرضي سان پنھنجي خوشي سان چونڊيو آھي. انقلاب ۽ آزادي جي راھہ ۾ گُل ۽ ٻُوٽا نہ هوندا آهن پر پٿر ۽ پھڻ هوندا آهن، ڦاھيون ۽ ڦٽڪا هوندا آهن. اسانکي ثابت قدميءَ سان شھيد نذير عباسي جي ڇڏيل مشعل پنھنجي مضبوط هٿن سان جهلي اڳتي هلڻ گهرجي. ڇاڪاڻ تہ اڃا منزل پري آھي. جيڪي دوست چون ٿا تہ انقلاب اسانجي سرحدن تي پھچي چڪو آھي، سي چرين وارا خُواب ڏسن ٿا، انقلاب برآمد نہ ڪبا آهن پر ڌرتيءَ جي ڪُک چيري ڦُٽندا آهن. شھيد نذير عباسي جنھن نطريي ۽ مقصد لاءِ جان ڏني ڇا سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ اهو نظريو ختم ٿي چڪو آھي؟ دنيا مان بُک، بيماري، مفلسي، تنگدستي ختم ٿي چڪي آھي؟ پاڪستان ۾ غريبن جو حقيقي راڄ قائم ٿي چڪوآھي؟ محنت ڪشن کي پنھنجو حق ملي چڪو آھي؟ اسيمبلين منجهہ جاگيردارن، سرمائيدارن، وڏيرن ۽ ڀوتارن بدران غريبن جا ٻار اهليت ۽ صلاحيت جي بنياد تي پھچي چڪا آهن؟ دنيا کي سياست جي ڄاڻ ڏيندڙ افلاطون پنھنجي ڪتاب ”جمھوريت“ ۾ رياست کي قائم ڪرڻ جو مقصد ھي بيان ڪيو آھي تہ ”حقيقي رياست“ اھا آھي جيڪا پنھنجي شھرين سان انصاف ڪري. افلاطون جي ويجهو انصاف جي معنى تہ ”رياست پنھنجي ھر شھري کي صلاحيت ۽ اهليت مطابق ڪم ڏئي ۽ ان جي ضرورتن جو پورائو ڪري! جيڪڏهن رياست اهو فرض سرانجام نٿي ڏئي سگهي تہ ان کي زندہ رهڻ جو حق حاصل ناھي.“ اڄ جيڪي دوست ”سوشلزم“ يا سماجي مساوات کي ڪينسر سمجهي پري ڀڄن ٿا ۽ انھن جي آڏو ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان“ وارو نعرو فرسودہ بڻجي چڪو آھي. اھي شايد ڀُليل آهن تہ تاريخ جو فيصلو اٽل هوندو آھي. سوويت يونين جي انتظامي نااهليت جي ڪري وقتي طور تي مظلومن جي جنگ کي ڌچڪو پھتو آھي پر اھا جنگ ختم نہ ٿي آھي. جتي بہ ظلم ۽ ناحق آھي، بُک ۽ بيروزگاري آھي، معاشي اڻبرابري، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ آھي، قومي ۽ انساني حقن جي لتاڙ آھي. اھا جنگ جاري رهندي. جيڪڏهن ڪي ڪامريڊ ٿڪجي پيا آهن تہ انھن جي جاءِ ڪو ٻيو والاريندو. شھيد نذير عباسي جي ريٽي رت سان رڱيل ڳاڙهو جهنڊو ڪو ٻيو هٿ ۾ کڻي اڳتي وڌندو. کڻي اهو ڪو وڏو سياسي نانءُ نہ هجي، ڪو گُمنام ڪارڪن ئي هجي.