آئين ۽ ايران جي سول سوسائٽي
ڪنھن بہ مھذب جمھوري رياست جي سڃاڻپ اھا هوندي آھي تہ ان ۾ ڪجهہ اخلاقي ۽ سياسي ماپا ڏٺا ويندا آهن. انھن ماپن ۾ آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، سماجي انصاف ۽ شھري آزاديون شامل آهن. آئون جڏهن ايران ويو هئس، تہ مون اتي ايران جي موجودہ سياسي نظام کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي تہ 1979ع ۾ امام خمينيءَ جي قيادت ۾ ايندڙ انقلاب ۽ شهنشاھيت جي خاتمي کانپوءِ ايران ۾ ڪھڙيون سياسي، معاشي ۽ اخلاقي تبديليون آيون آهن؟ سڀ کان پھرين تہ ايران ۾ نئين ٺاھيل آئين تحت سڀ ادارا هلايا وڃن ٿا. ڪابہ شخصيت آئين کان بالاتر ناھي. ھر سياسي اداري پارليامينٽ، انتظاميہ ۽ عدليہ کي ڌار ڌار اختيار مليل آهن ۽ ھر ادارو پنھنجي فيصلي ڪرڻ ۾ آزاد ۽ خودمختيار آھي. ايران ۾ قانون جي حڪمرانيءَ کي تمام گهڻي اهميت مليل آھي. سمورا شھري قانون جي اطاعت ڪن ٿا. ايستائين جو ڪنھن بہ ڪار يا بس کي اجازت ناھي تہ اھا رستي تي ٻيءَ ڪنھن گاڏيءَ کي ڪراس ڪري سگهي. ايران جي وڏن شھرن ۾ مون کي ڪٿي بہ پوليس يا قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي مداخلت نظر نہ آئي. قانون جي حڪمرانيءَ جو هڪ مثال اهو بہ آھي تہ اصفھان جي دوري دوران جڏهن سج لٿي کان پوءِ ٿڪ ڀڃڻ خاطر هڪ پارڪ ۾ وڃي ويٺاسين، تہ ڏٺوسين تہ ٻہ نوجوان ڇوڪريون پارڪ جي ڪنڊ ۾ پينٽنگس ٺاھي رھيون ھيون. اھي تختي تي لڳل ڪاغذ تي مصوريءَ جا رنگ پکيڙي رھيون ھيون. اھي خوف کان بي نياز ۽ مطمئن ھيون. هنن سان گڏ ڪو مرد بہ نہ هو. اسان وٽ سج لٿي کان پوءِ اڪيلي سر پارڪ ۾ وڃي مصوري ڪرڻ جو نوجوان نياڻيون سوچي بہ نٿيون سگهن. ايران جي سول سوسائٽي ۾ پوليس جي مداخلت نہ هجڻ برابر آھي. اتي پوليس انسانن لاءِ آزار ڪونھي، پر ماڻهن جي مددگار آھي. ايستائين جو ڪو اجنبي جيڪڏهن رستو ڀلجي وڃي تہ ايران جي سپاھيءَ وٽ متعلقه شھر جو نقشو موجود هوندو آھي ۽ هو آسانيءَ سان راھہ ڀليل انسانن کي دڳ لڳائي ڇڏيندو آھي. ايران جي سياسي نظام ۾ سڀ کان وڏو عمل دخل سماجي انصاف (Social Justice) جو آھي. ايراني حڪومت جي سڀ کان گهڻي ڪوشش آھي تہ ھر ايراني شھريءَ کي ان جون بنيادي ضرورتون مھيا ڪيون وڃن، جنھن ۾ اٽو، لٽو ۽ اجهو، تعليم ۽ صحت جون سهولتون شامل آهن. ايراني سياسي نظام ۽ سول سوسائٽيءَ ۾ عورت کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويئي آھي. ايستائين جو مرڪزي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي وهنوار ۾ انھن کي برابريءَ جي حيثيت ڏني ويئي آھي. مرڪزي ڪابينہ ۾ عورتن کي معقول نمائندگي مليل آھي. فوج، ايئر فورس، نيوي ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن کي مناسب نمائندگي مليل آھي. صوبن ۾ جيڪڏهن مرد گورنر آھي تہ ڊپٽي گورنر جي عھدي تي خاتون مقرر ٿيل آھي. بازار ۾ نجي دڪانن تي پڻ عورتون ڪاروبار هلائين ٿيون. ايران جي خلاف اھا مغربي پروپيگنڊا بلڪل غلط آھي تہ 1979ع جي انقلاب کانپوءِ عورت کي گهر جي چؤديواريءَ ۾ قيد ڪيو ويو آھي. 1979ع جي انقلاب کانپوءِ ايراني سماج ۾ جيڪو مانُ ۽ مرتبو عورت کي مليو آھي، اهو مغربي ملڪن کان وڌيڪ آھي. صرف غير اخلاقي حرڪتن کي ٻنجو ڏنو ويو آھي. عورت جي تقدس جي پائماليءَ وارين محفلن ۽ حرڪتن کي بند ڪيو ويو آھي، فحاشي ۽ عريانيءَ کي روڪيو ويو آھي. ايران ۾ عوام کي مڪمل شھري حق مليل آهن. تحرير ۽ تقرير جي آزادي آھي. عقيدي ۽ عبادت جي آزادي آھي. جيتري رواداري، سهپ ۽ بردباري ايران جي سياسي نظام ۾ آھي، ايتري شايد ئي ڪنھن اسلامي ملڪ ۾ ملي. ايران ۾ سرڪاري ملازم جي سياست ۾ حصي وٺڻ تي ڪا پابندي ناھي، صرف ”لازمي سروس“، يعني ”فوج“ جي اهلڪار جي سياست ۾ حصي وٺڻ تي پابندي آھي. ان جو هڪ مثال ھي آھي تہ موجودہ ايراني صدر محمود احمدي نجاد پيشي جي لحاظ کان استاد آھي. هو تھران جي انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو مستقل استاد آھي. هن کان اڳ علي اڪبر رفسنجاني پڻ پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر هو ۽ اڄڪلھہ تھران جي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ آرٿوپيڊڪ وارڊ جو ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ آھي. سرڪاري ملازم موڪل وٺي ڪنھن بہ سياسي عھدي لاءِ بيھي سگهي ٿو. محمود احمدي نجاد پھريائين تھران جي ميئر جي عھدي تي ڪاميابي ماڻي ۽ ھاڻ هن صدارتي عھدي تي ڪاميابي ماڻي آھي. هو هڪ لوھار جو پُٽ آھي. هو اڄ بہ پنھنجي اباڻي گهر ۾ رھي صدارتي فرض سر انجام ڏئي ٿو. گذريل سيپٽمبر ۾ جڏهن اسان ايران ۾ هئاسين تہ اسان ڏٺو تہ ايران جي فضائي ڪمپني جي جهاز ۾ هڪ عام مسافر جي حيثيت ۾ نيويارڪ ۾ اقوام متحدہ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رھيو هو. هن لاءِ ڪو ڌار اسپيشل جهاز موجود نہ هو ۽ ساڻس صرف پنجن ڄڻن تي مشتمل صدارتي اسٽاف گڏ هو. هن سان ڪو وڏو لشڪر نہ هو. ايران ۾ صدارتي عھدي کان وٺي سرڪاري آفيسر تائين ھر ماڻهو سادگي ۽ قناعت سان پنھنجا سرڪاري فرض سرانجام ڏئي ٿو. ايران جا آفيسر پينٽ ڪوٽ پائين ٿا، پر”ٽائي“ استعمال نٿا ڪن. ٽائي کي هو ”صليب“ جي نشاني سمجهن ٿا. عام مرد ۽ عورت پڻ گهڻو ڪري ”جين“ ۽ ”شرٽ“ استعمال ڪن ٿا. خواتين مٿان حجاب پائين ٿيون. مون شھر مقدس جي ايئرپورٽ تي واپسيءَ مھل جڏهن مسافرن جي لائونج ۾ هڪ اڌڙوٽ عورت کي سگريٽ پيئندي ڏٺو تہ مون کي حيراني ٿي. ايران ۾ حقي ۽ سگريٽ پيئڻ تي ڪا پابندي ناھي، حقي ڇڪڻ جون باقاعدي هوٽلون ھر وڏي شھر ۾ موجود آهن. سير و تفريح لاءِ ھر وڏي شھر ۾ خوبصورت پارڪ ۽ ريسٽورانٽ آهن. ايران ۾ هلندڙ بسن جا ٽرمينل ڪنھن بہ ايئرپورٽ کان گهٽ ناهن. اصفھان کان تھران ويندڙ بس ۾ ٽڪيٽ جي بڪنگ ڪرائڻ کانپوءِ سوار ٿياسين، ائين محسوس ٿيو تہ پي آءِ اي جي ڪنھن بوئنگ جهاز ۾ سوار ٿيا آھيون. بس ۾ ماني ۽ مشروب جو پڻ بندوبست آھي ۽ ھر بس ۾ ٽي وي لڳل آھي، جتي ايراني ۽ هندستاني فلمون هلايون وڃن ٿيون. ايران جي ھر شھر ۾ سئنيمائون پڻ موجود آهن، جن ۾ ايراني ۽ هندستاني فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون. ايران جي وڏي خوبي اھا آھي تہ 1979ع جي انقلاب کا پوءِ انھن پنھنجي”ايراني ڪلچر“ کي دائم ۽ قائم رکيو آھي. قديم عمارتون ۽ قديم مجسمہ ھر شھر ۾ موجود آهن. ايران ۾ ايمانداري ۽ اعتبار کي وڏي اهميت مليل آھي. ٽيڪسي ڊرائيور جڏهن ڪنھن پيٽرول پمپ تي وڃي ڪار ۾ پيٽرول ڀرائيندو آھي تہ اهو پاڻ هٿ سان ڪار ۾ پيٽرول ڀريندو آھي ۽ پيٽرول جا پئسا پاڻ ئي پيٽرول پمپ جي مالڪ کي ادا ڪندو آھي.ايراني سڪي کي”تمن“ سڏيو ويندو آھي. هڪ پاڪستاني رپئي جي قيمت 15 تمن جي برابر آھي. مون 0 3 سالن جي نوڪريءَ ۾ ڪڏهن بہ هڪ لک رپيا گڏ نہ ڏٺا آهن. ايران ۾ پاڪستاني رپين جي عيوض جڏهن ايراني ڪرنسي ۾ ”تمن“ ورتاسين تہ مون کي ڏھہ هزار رپين جي عيوض ڏيڍ لک ”تمن“ مليا. مون رب پاڪ جو شڪر ادا ڪيو تہ مان اڄ لک پتي ٿي ويو آھيان، پر چئن ڏينھن ۾ اھي سمورا پئسا ختم ٿي ويا. ايران ۾ پيٽرول، سي اين جي ۽ بجلي بلڪل سستي آھي. ٽيليفون جي لوڪل ڪال فري آھي. ڪراچيءَ کان تھران، تھران کان مشهد جهاز جي “Return Ticket” لاءِ اسان صرف ايڪويھہ هزار رپيا ڀريا. پر جيڪڏهن ڪوئيٽه ۽ تافتان جي رستي بسن ذريعي وڃبو تہ بلڪل گهٽ خرچ ايندو. زائرين جيڪي قافلن جي صورت ۾ ايران وڃن ٿا، اھي ٽيھہ هزار رپين ۾ ايران جون سڀ زيارتون ڪري سگهن ٿا. انھن پئسن ۾ ڀاڙي، ماني ۽ رھائش جو بندوبست ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسان سوات، ايوبيہ، ڪوھہ مري، مدائين، ڪالام وغيره سير تفريح لاءِ وينداسين تہ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک رپيا خرچ ٿي سگهي ٿو. ايترن پئسن ۾ هوائي جهاز ۽ لگزري بسن ذريعي اسان سڄو ايران 15 ڏينھن ۾ گهمي ڦري سگهون ٿا. ايران ۾ جوراب، سوئيٽر ۽ ڪمبل بلڪل سستا آهن. پاڪستاني ٻن رپين ۾ جوراب جي هڪ سٺي جوڙي ملي سگهي ٿي. پاڪستاني 100 رپين ۾ هڪ سٺو گرم سوئيٽر ملي سگهي ٿو، جڏهن تہ 300 رپين ۾ هڪ سٺو سهڻو ڪمبل ملي وڃي ٿو. ايران جون سرحدون ٻن سمنڊن، يعني عربي سمنڊ ۽ ڪاري سمنڊ سان ملن ٿيون. انڪري هن ملڪ ۾ 8 وڏا بندرگاھہ آهن. سڀني کان وڏو بندرگاھہ ”بندر عباس“ آھي. سمنڊ جي ڪنارن تي بہ تفريح جا ڪافي سهڻا ۽ دلچسپ ماڳ ٺھيل آهن. ايران صفائي، سهڻن ماڳن، خوبصورت ۽ روشن رستن، گلن سان سينگاريل پارڪن ۽ مواصلاتي نظام جي ڪري ڪيترن ئي مغربي ملڪن کان خوبصورت ملڪ آھي.