ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

تعليم جي تباھي جو داستان، موجودہ صورتحال ۽ حل

مون ڪنھن ڪتاب ۾ پڙھيو هو تہ:
“Humanity is divided into two classes Teachers and taught”
”انسان ذات ٻن طبقن ۾ ورھايل آھي، هڪ استاد ۽ ٻيو شاگرد“
انسان جو سمورو جيون يا تہ علم حاصل ڪرڻ ۾ گذري ٿو يا علم ڏيڻ ۾، ھي دنيا جيڪا ”مالڪِ المُلڪ“ تخليق ڪئي آھي، سا هڪ عظيم درسگاھہ آھي، جنھن ۾ ھر انسان وک وک تي ڪجهہ سکي ٿو. دنيا ۾ انسان يا تہ سکڻ آيو آھي، يا سکيا ڏيڻ لاءِ.
ڪنھن ڏاھي جو چوڻ آھي تہ، استاد اهو ڪاريگر آھي، جيڪو زندگيءَ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪري ٿو، جتي ذهن تيار ٿين ٿا ۽ ذهن بہ هزارن ۽ لکن ۾. ڪنھن بہ انقلاب جي آبياري لاءِ لکين ڪروڙين ذهن ڪم ڪن ٿا، اهو انقلاب ڀلي روس جو هجي يا چين جو، فرانس جو انقلاب هجي يا “ايران” جو تازو انقلاب.
هڪڙي ڏاھي استاد متعلق تلخي مان چيو آھي تہ:
”Now no body honours Teachers because Teacher do not honour truth and light.“
”اڄڪلھہ سماج ۾ ماڻهو استاد جي عزت ان ڪري نٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ استاد، سچ ۽ روشنيءَ جي عزت نٿو ڪري“
پاڪستان ۾ علم جو زوال ان وقت شروع ٿيو، جڏهن استاد ميرٽ بدران سياسي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيا. عام طور تي پاڪستان ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ھي زوال جمھوري حڪومتن ۾ آيو تہ غير جمھوري حڪومتن ۾ پڻ. تعليم جو مقصد سچ ۽ روشني آھي، جيڪا دھر اوندھہ کي تڙڻ لاءِ ضروري آھي. ڪنھن بہ جاهل قوم کي ڀل توھان ”آزادي“ جھڙي عظيم نعمت وٺي ڏيو، پر اھا قوم ”آزاديءَ جي حفاظت“ نہ ڪري سگهندي ۽ ”جهالت“ جي ڪري ٻيھر ”غلامي جھڙي لعنت“ ۽ ذلت جي زنجيرن ۾ جڪڙجي ويندي.
ننڍي کنڊ جي ورھاڱي وقت سنڌ ۾ جيڪي عالم عامل هئا، انھن ۾ اڪثريت غير مسلمانن جي هئي، انھن کي ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين ننڍن وڏن شھرن مان نيڪالي ڏني ويئي ۽ انھن جي جاءِ آيل مسلمانن والاري، جن جي ”ٻوليءَ“ ٻي هئي، نتيجي ۾ هڪ وڏو ”خلا“ پيدا ٿيو، جيڪو اڃا تائين موجود آھي. اهڙي طرح سنڌ جا شھر اسان کان کسجي ويا، انھن کي اصل سڃاڻپ ختم ڪري، نئين سڃاڻپ ڏني وئي، ان وقت حيدرآباد ۾ علامہ دائود پوٽي هڪ ”سرڪيولر“ جاري ڪيو تہ سنڌ جي اصل باشندن ۽ آيل ڌارين جي وچ ۾ intergeration پيدا ڪرڻ لاءِ درسگاهن ۾ ”سنڌي ٻولي” کي ڌارين لاءِ لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ قديم رهواسين لاءِ ”اردو“ پر ان تي عمل نہ ٿي سگهيو ۽ علامہ دائود پوٽو طرفان ”يڪجهتي“ لاءِ جاري ڪيل سرڪيولر کي هوا ۾ ڦاڙي ڦٽي ڪيو ويو.
ضياءَ الحق جي دور ۾ انھيءَ نفرت کي وڌيڪ هوا ڏني ويئي ۽ نسل پرستي جي بنياد تي سياسي پارٽين جو بنياد وڌو ويو ۽ ڪيترا ”جڙتو“ اتحاد قائم ڪيا ويا. ضياءَ الحق جي دور ۾ ئي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي ”ماسترن“ جي ڪوٽا ڏني ويئي، جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ جي ”تعليم“ مڪمل طور تي تباھہ ٿي ويئي. سنڌ ۾ اڄ بہ 7572 کان وڌيڪ پرائمري اسڪول بند آهن، جڏهن تہ ٽوٽل پرائمري سرڪاري اسڪولن جو تعداد 49028 آھي، باقي 41456 اسڪولن مان 29035 اسڪول بغير ”بجلي“ ۽ 5037 بغير ”فرنيچر“ جي ڪم ڪن پيا. سنڌ جي سرڪاري ۽ پرائيوٽ اسڪولن ۾ نہ نصاب ساڳيو آھي ۽ نہ ئي في. سنڌي ٻوليءَ ايڪٽ 1972ع لازمي هئڻ جي باوجود سنڌ جي 12000 پرائيوٽ اسڪولن ۾ سنڌي زبان نٿي پڙھائي وڃي، جڏهن تہ سنڌي ٻارن کي اردو پڙھائڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. هن وقت سنڌ حڪومت پاران 20 هزار استادن کي سکيا ڏيڻ لاءِ اربين رپيا بجيٽ رکي ويئي آھي. 27 هزار پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ استادن جي ڀرتيءَ لاءِ هڪ ارب رپيا، پھرئين کان ڏھين ڪلاس تائين مفت ڪتاب ڏيڻ لاءِ 5 ملين رپيا بجٽ ۾ رکيا ويا آهن، جڏهن تہ 7572 بند پيل اسڪولن مان 1300 بند پيل اسڪول اين جي اوز پاران کولايا ويندا. هن وقت سنڌ جا 29 هزار اسڪول بجليءَ کان محروم آهن، 25 هزار اسڪول پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ 5 هزار اسڪول فرنيچر کان محروم آهن. سڄي سنڌ جي 247 سرڪاري ڪاليجن ۾ اٽڪل 3 لک شاگرد ۽ شاگردياڻيون انٽر ميڊيٽ، بي اي ۽ ايم اي/ ايم ايس سي جي تعليم حاصل ڪن پيا. هن وقت خاص طور تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص کي ڇڏي ٻھراڙي جي ڪاليجن ۾ حساب، ڪيميسٽري، فزڪس، بائلاجي، باٽني، انگلش، ڪمپيوٽر ۽ سائنس جي مضمونن ۾ 1130 ليڪچرارن جي کوٽ آھي. گذريل 12 سالن ۾ نوڪرين تي ”پابندي“ هئڻ ڪري سنڌ جي تعليم کي سخت نقصان پھتو آھي. سنڌ ۾ 126 ٽيڪنيڪل ادارا ۽ 73 ووڪيشنل ادارا سنڌ حڪومت جي انتظام ھيٺ ڪم ڪن پيا، انھن ۾ بہ استادن ۽ تعليمي سهولتن جي کوٽ موجود آھي. سنڌ جي تعليم کي بھتر بنائڻ لاءِ ڪجهہ تجويزون ھيٺين ريت رکجن ٿيون.
1. سيڪريٽري تعليم جي عھدي تي ڪنھن ماھر تعليم کي رکيو وڃي، جھڙي طرح شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 1972ع جي دور ۾ ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ تہ ھي دور اسپيشلائيزيشن جو دور آھي.
2. تعليم کي سڌارڻ لاءِ تعليم جي ماھرين جي هڪ ڪاميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ٽن مھينن اندر سنڌ سرڪار کي سفارشون مرتب ڪري ڏي تہ سنڌ جي تباھہ ٿيل تعليم کي ڪيئن سڌارجي؟
3. استادن کي تربيت ”فائيو اسٽار“ هوٽلن بدران سرڪار جي قائم ڪيل تربيتي ادارن ۾ ڏني وڃي.
4. پرائمري اسڪولن کي کولائڻ لاءِ صحافين، دانشورن، استادن، تعليمي ماھرن ۽ سرڪاري آفيسرن تي ”ڪاميٽي“ جوڙي وڃي، جيڪا ٽن مھينن اندر سنڌ حڪومت کي صحيح رپورٽ ڏئي ۽ اھا ڪميٽي ھر ضلعو، تعلقو ”وزٽ“ ڪري.
5. سنڌ جا تمام تعليمي ادارا ضلعي حڪومتن کان کسي سڌي طرح تعليم کاتي حوالي ڪيا وڃن.
6. استادن جون ڀرتيون صرف ۽ صرف ”ميرٽ“ جي بنياد تي ڪيون وڃن ۽ ھر قسم جي ڪوٽا بند ڪئي وڃي.
7. استادن لاءِ ”جزا ۽ سزا“ جو معيار مقرر ڪيو وڃي.
8. تعليمي ادارن جي انتظامي پوسٽن تي صرف اهل استاد، آفيسر مقرر ڪيا وڃن. سياسي سفارشن تي مقر ڪيل انتظامي آفيسرن کي فوري طور تي هٽايو وڃي.
9. تعليم کاتي ۾ او پي ايس تي ڪم ڪندڙ انتظامي آفيسرن کي سنڌ ڪابينا جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ فوري طور تي هٽايو وڃي.
10. پرائيوٽ اسڪولن جي ٻيھر ”رجسٽريشن“ ڪئي وڃي ۽ انھن جي في نہ وڌائي وڃي ۽ کين سرڪاري نصاب پڙھائڻ جو پابند بڻايو وڃي.
11. ديني مدرسن جي پڻ رجسٽريشن ڪئي وڃي ۽ ٻارن کي ديني تعليم سان گڏ جديد نصاب پڙھايو وڃي تہ جيئن انھن کي سماج ۾ ڪارآمد شھري بڻائي سگهجي.
12. تعليم لاءِ مخصوص بجيٽ 30 جون تائين ختم ڪئي وڃي ۽ تعليمي بجيٽ کي ليپس ٿيڻ کان بچايو وڃي.
13.سرڪاري تعليمي ادارن ۾ بجلي، فرنيچر، پاڻيءَ جي کوٽ پوري ڪئي وڃي ۽ ڀوتارن کان زبردستي قبضو ڇڏرايو وڃي، پوءِ ڀلي انھن ڀوتارن جو ڪھڙي بہ سياسي پارٽي سان تعلق هجي.
14. تعليم کي پھرئين درجي کان ڏھين درجي تائين خاص طور تي نياڻين لاءِ لازمي قرار ڏنو وڃي، ان لاءِ هڪ ”آرڊيننس“ جاري ڪيو وڃي ۽ خلاف ورزي ڪندڙن کي سزا ڏني وڃي.
15. سنڌ جا سڀ تعليمي بورڊ گورنر کان وٺي سنڌ جي تعليم کاتي حوالي ڪيا وڃن ۽ انھن ۾ رٽائرڊ ڪامورن بدران حاضر سروس استاد رکيا وڃن ۽ آفيسرن جي چونڊ ”سياسي سفارش“ بدران ”ميرٽ“ تي ڪئي وڃي ۽ حيدرآباد بورڊ کي ”نيوٽرل زون“ ۾ آندو وڃي.
16. ڪاليج استادن لاءِ ڪاليج ٽيچرس اڪيڊمي بحال ڪئي وڃي. ليڪچرارن جي ڀرتيءَ کانپوءِ کين گهٽ ۾ گهٽ ڇھہ مھينا تربيت ڏني وڃي.