ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

ملڪ ۾ هڪ نئين سماجي معاهدي جي ضرورت!

ڪنھن ڏاھي جو قول آھي تہ ”بدترين جمھوريت، بھترين آمريت کان بھتر آھي!“ اسان وٽ بہ جنرل پرويز مشرف جي حڪمرانيءَ ھيٺ ملڪ ۾ ”مستحڪم جمھوريت“ قائم ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات ڪم هلي رھيو آھي. آئين جي بالادستي، جمھوري ادارن جي استحڪام، قانون جي حڪمراني، گڊ گورننس، ڪرپشن جي خاتمي، غربت ختم ڪرڻ وغيره جنرل صاحب جي مقصد ۽ منشور جو حصو ڄاڻايا ويندا رھيا آهن. 2001ع ۾ مرڪز توڙي صوبن ۾ قائم ڪيل حڪومتون، جنرل صاحب جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رھيون آهن.
آمريڪي صدر جارج بش جي پاڪستان جي تفريحي دوري کانپوءِ، اھا ڳالھہ عالم آشڪار ٿي چڪي آھي تہ پاڪستان ۾ جلد عام چونڊون ٿينديون ۽ اھي چونڊون صاف شفاف ۽ غير جانبدار هونديون. ڪنھن بہ مھذب جمھوري سماج ۾ منصفانہ چونڊن لاءِ ھيٺين شين جو هجڻ بيحد ضروري سمجهيو ويندو آھي:
(1) آزاد ۽ غير جانبدار اليڪشن ڪميشن جو قيام.
(2 ) صحيح حلقه بنديون ( Constitunces)
(3 ) غلطين کان پاڪ ووٽر لسٽون.
(4 ) چونڊن جي نگرانيءَ لاءِ غير جانبدار نگران حڪومت جو قيام
(5) چونڊن کان پوءِ غير جانبدار اليڪشن ٽربيونل جو قيام.
جنرل پرويز مشرف تازو جسٽس محمد فاروق خان کي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو مستقل چيئرمين مقرر ڪيو آھي. هڪ مڪمل اليڪشن ڪميشن لاءِ اڃا ھر هڪ صوبي مان هڪ هڪ ميمبر، يعني چار ميمبر مقرر ڪرڻا آهن، جيڪي ھاءِ ڪورٽن جا جج هوندا.
پاڪستان ۾ قومي اسيمبليءَ توڙي صوبائي اسيمبلين جا تڪ (Constitunces) 2001ع ۾ جوڙيا ويا هئا. انھن تي ڪابہ ملڪي سياسي پارٽي مطمئن نہ آھي. هڪ عام راءِ اھا بہ آھي تہ 2001ع جون عام چونڊون انجنيئرڊ ھيون، ان ڪري حلقه بنديون اهڙيون جوڙيون ويون، تہ جيئن من پسند نتيجا حاصل ڪري سگهجن. پ پ ۽ نواز ليگ جي اميدوارن کي ھارائڻ لاءِ ڌانڌلين جون شڪايتون بہ ٻڌڻ ۾ آيون.
غيرجانبدار ملڪي توڙي غير ملڪي مبصرن جي اڪثريت 2001ع جي عام چونڊن کي ”مشڪوڪ“ قرار ڏنو هو. ووٽر لسٽن ۾ اهڙيون تہ غلطيون موجود آهن، جو انھن کي درست ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت لڳي سگهي ٿو. ڪجهہ اميدوارن بابت تہ شڪ ظاھر ڪيا پيا وڃن، تہ پنھنجي تڪن اندر انھن ڏھہ هزارن کان پنجاھہ هزارن تائين ڪوڙا ووٽ درج ڪرايا آهن. نہ صرف ڪوڙا ووٽ درج ڪرايا ويا آهن، پر شناختي ڪارڊ بہ ڪوڙا ٺھرايا ويا آهن، جنھنڪري اهڙا اميدوار ڪنھن بہ اليڪشن ۾ ھارائي نٿا سگهن. صاف ۽ شفاف چونڊن ڪرائڻ لاءِ مرڪز توڙي صوبن ۾ غيرجانبدار نگران حڪومتن جو قيام ضروري هوندو آھي. 1973ع واري آئين ۾ 17 ھين ترميم کان پوءِ آئيني طور اهو لازم ٿي ويو آھي تہ آئندہ چونڊون غير جانبدار نگران حڪومتن جي نگرانيءَ ۾ ڪرايون وڃن. آئين ۾ هن ترميم کان پوءِ اھا بہ پابندي لڳي چڪي آھي تہ نگران حڪومتن ۾ شامل ماڻهو عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جا اهل نہ هوندا، جڏهن تہ چونڊن لاءِ نگران حڪومتون ٽن مھينن لاءِ جوڙيون وينديون. موجودہ مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتون ختم ڪيون وينديون ۽ اسيمبليون ٽوڙيون وينديون. ملڪ جي سياسي پارٽين جا ٻہ وڏا اتحاد، يعني اي آر ڊي ۽ متحدہ مجلس عمل اهو چوندا رھيا آهن، تہ جنرل پرويز مشرف جي موجودگيءَ ۾ منصفانہ ۽ غيرجانبدارانہ عام چونڊون ممڪن ناهن، انھيءَ لاءِ جنرل صاحب کي چيف آف آرمي اسٽاف سان گڏو گڏ صدارت جو عھدو پڻ ڇڏڻو پوندو. اپوزيشن جنرل پرويز مشرف جي استعيفيٰ جي گهر ان ڪري ڪري رھي آھي، تہ جيئن ڪا ”سياسي بارگننگ“ ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ تہ اھا ڳالھہ سمجهہ ۾ اچڻ جھڙي آھي تہ جنرل پرويز مشرف جو اقتدار تان هٽڻ سولو نہ آھي. ڇاڪاڻ تہ آمريڪي صدر جارج بش چئي چڪو آھي تہ آمريڪي مقصدن جي حاصلات تائين جنرل پرويز مشرف ئي پاڪستان جو سربراھہ هوندو- ۽ اھا ڳالھہ چٽي آھي تہ پاڪستان ۾ آمريڪي مفاد جلد ختم ٿيڻا نہ آهن. ان بعد اسان وٽ هڪ سياسي روايت اھا بہ آھي تہ اسلام آباد پھچڻ لاءِ واشنگٽن جي رستي کان ڦرڻو پوي ٿو.
اسان وٽ جڏهن بہ پاڪستان ۾ عام چونڊون ٿينديون آهن تہ ڌانڌلين جي شڪايت ڪندڙ اميدوار اليڪشن ٽربيونل ۾ پٽيشن داخل ڪندا آهن، پر اليڪشن ٽربيونل فيصلي ڏيڻ ۾ ايتري تہ تاخير ڪندا آهن، جو پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلين جو پنج ساله مدو ئي ختم ٿي ويندو آھي. انڪري ضروري آھي تہ اليڪشن ۾ ڌانڌلين کي روڪڻ لاءِ اعليٰ عدليہ جي ججن تي مشتمل گهٽ ۾ گهٽ پنجاھہ اهڙا اليڪشن ٽربيونل جوڙيا وڃن، جيڪي پنھنجا فيصلا ٽن مھينن اندر ٻڌائڻ لاءِ پابند هجن. مٿين قدمن کڻڻ کانپوءِ ئي ملڪ ۾ آزاد، غيرجانبدار، صاف۽ شفاف چونڊون ممڪن ٿي سگهن ٿيون، پر پاڪستان ۾ جيڪو موجودہ قومي ۽ جمھوري بحران آھي، اهو عام چونڊن جي نتيجي ۾ حل ٿي سگهندو يا نه؟ اهو هڪ اهڙو سوال آھي، جنھن تي ھر ذي شعور شخص پريشان آھي. بلوچستان ۾ هلندڙ فوجي آپريشن، وزيرستان ۾ گهرو ويڙھہ، سنڌ جي اصلوڪن رهواسين سان زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ ٿيندڙ ناانصافيون عام چونڊن کان پوءِ بہ ختم ٿي سگهنديون يا نه؟ ان لاءِ ڪي مضبوط ۽ ٺوس سياسي قدم کڻڻا پوندا.
سياسي مفڪرن جي راءِ ۾ ڪنھن بہ رياست جو قيام هڪ ”سوشل ڪانٽريڪٽ“ ڪرڻ کانپوءِ ئي ممڪن آھي. اھا ڳالھہ ورجائڻ جي ضرورت نہ آھي، تہ پاڪستان هڪ وفاق آھي ۽ اهو بہ هڪ سوشل ڪانٽريڪٽ جي نتيجي ۾ ئي وجود ۾ آيو آھي. پاڪستان جي رياست جي قيام جو پھريون سوشل ڪانٽريڪٽ 24 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ ٿيو هو، جنھن ۾ نئين رياست ۾ شامل ٿيندڙ ايڪائين کي يقين ڏياريو ويو هو تہ رياست جي قيام کانپوءِ اھي آزاد ۽ خودمختيار هونديون ۽ انھن جا قومي، اقتصادي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حق محفوظ هوندا، پر قيام کان پوءِ ان سوشل ڪانٽريڪٽ تي عمل نہ ڪيو ويو. ننڍا صوبا قومي ۽ سياسي استحصال جون دانهون ڪندا رھيا، جنھن جي نتيجي ۾ 1971ع وارو سانحو پيش آيو ۽ اڪثريتي صوبو مشرقي پاڪستان، بنگلاديش جي روپ ۾ الڳ ملڪ بڻجي ويو.
ھاڻ سمورا سياسي ۽ جمھوري سوچ رکندڙ ماڻهو ان تي اتفاق ڪندي نظر اچن ٿا، تہ جيڪڏهن وفاق کي قائم رکڻو آھي، تہ ان لاءِ سڀ کان پھرين نئين آئين ساز اسيمبليءَ جون چونڊون ڪرائڻيون پونديون ۽ ملڪ لاءِ هڪ نئون آئين سڀني قومن جي رضامنديءَ سان جوڙڻو پوندو. ان آئين ۾ اهو شرط بہ لازمي طور شامل ڪرڻو پوندو تہ ننڍن صوبن کي ھر قسم جي سياسي ۽ قانوني آزاديءَ جو حق حاصل هئڻ گهرجي. اھا ڳالھہ لڪل نہ آھي تہ پاڪستان ۾ جمھوريت ۽ جمھوري ادارن کي پنھنجن پيرن تي بيهڻ ناھي ڏنو ويو ۽ ان ۾ ملڪ جي طاقتور ادارن توڙي اصل واڳ ڌڻين جو وڏو عمل دخل رھيو آھي. اهڙن ادارن ۾ شامل اڪثريت جو تعلق وڏي صوبي سان آھي، جنھن ڪري گهڻا تڻا فيصلا بہ ان جي ئي مفادن کي آڏو رکي ڪيا وڃن ٿا. اهڙن قومي ادارن جي جوڙجڪ ۾ تبديلي آڻي، ننڍن صوبن کي برابريءَ جو حصو ڏيڻو پوندو. پاڪستان جي تاريخ ۾ صرف جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ طاقتور ادارن سان لاڳاپيل ماڻهن کي ئي فائدو پئي پھتو آھي. عام ماڻهو اڄ بہ صاف پاڻيءَ جي گلاس لاءِ پريشان آھي. ملڪ ۾ موجود استحصالي”سياسي سسٽم“ ڪري، عام ماڻهو روز مري ۽ روز جيئي ٿو. بي پھچ ماڻهو بک، موتمار مھانگائي، بيروزگاري، بدحالي، مفلسي ۽ ناداريءَ جي چڪيءَ ۾ پيڙجي رھيو آھي. کيس هڪ ويلي جي ماني بہ نصيب نہ آھي. سنڌ ۾ تہ اهو حال آھي تہ ھر مھيني هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو خودڪشيون ڪن ٿا. ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جارج وال تازو جيڪا تصوير چٽي آھي، ان ۾ صاف چيو ويو آھي تہ اڄ جي سنڌ کان 1947ع واري سنڌ وڌيڪ سکي ۽ خوشحال هئي. سنڌ جي اڪثريتي آبادي غربت جي لڪير کان ھيٺ واري زندگي گذاري رھي آھي. ٻھراڙيون مڪمل طور تباھہ ٿي چڪيون آهن. اهڙي ئي صورتحال بلوچستان، سرحد ۽ سرائيڪي بيلٽ ۾ رهندڙ عوام جي آھي، ان ڪري ملڪ ۾ حقيقي جمھوريت جي قيام لاءِ استحصال ۽ جبر کان پاڪ نئين سياسي نظام جو قيام ناگزير آھي، جنھن ۾ ھر ماڻهوءَ کي زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون يعني”اٽو، لٽو ۽ اجهو“ حاصل هجي. ڪو بہ انسان ٻئي انسان اڳيان هٿ نہ ٽنگي. ان کانپوءِ ئي وفاق مستحڪم ۽ مضبوط ٿي سگهي ٿو. طاقت جي زور تي ڪوبہ نظام قائم رکڻ ھاڻ پراڻو فارمولو بڻجي چڪو آھي. تيزيءَ سان وڌندڙ قومي شعور کي ”طاقت ۽ جبر“ ذريعي روڪڻ ناممڪن آھي. ھاڻ حڪمرانيءَ لاءِ ماڻهن جون دليون کٽڻ ضروري آھي.