ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

سنڌ جي ڌاڙيلن مان جند ڪيئن ڇڏائجي؟

جنرل ضياءُ الحق جي ڪاري دور ۾ ڪرپشن، ڪميشن ڪلچر، پلاٽن ۽ پرمٽن جي سياست، فرقيواريت، مذهبي جنونيت، ڪلاشنڪوف ۽ ھيروئن جھڙن مرضن جو جنم ٿيو. سنڌ کي خاص طور ايم آر ڊي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي هڪ نرالي سزا اھا ملي، تہ شھرن اندر دهشتگردن ۽ ٻھراڙين ۾ ڌاڙيلن منھن ڪڍيو. شھرن اندر دهشتگردن ڀتي، غنڊه ٽيڪس وٺڻ ۽ مخالفن کي نيست و نابود ڪرڻ جو ڪم ڪيو، تہ ٻھراڙين ۾ ڌاڙيلن عوام کي ڦريو ۽ لٽيو، ماڻهن کي اغوا ڪري کانئن ڀنگ وصول ڪرڻ جو رواج وڌو. سال 1987ع ۾ منھنجا ٻہ دوست سيد علي اڪبر شاھہ ۽ آغا سڪندر شام جي وقت المنظر هوٽل ڄامشورو وٽان اغوا ڪيا ويا. ان وقت حيدرآباد جو ايس پي محمد بچل سانگري هو. هن مشورو ڏنو تہ اغوا ٿيل همراهن کي ڄامشورو ۾ قائم اعليٰ تعليمي ادارن جي ھاسٽلن ۾ ڳولھيو وڃي. ڇاڪاڻ تہ ڪجهہ شاگرد اغوا جي وارداتن ۾”مڊل مين“ جو ڪردار ادا ڪندا هئا ۽ ھاسٽلن ۾ نامي گرامي ڌاڙيلن جي اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ جو سلسلو بہ هلندڙ هو. اغوا ٿيل دوستن کي ڳولھيندي، اسان جي معلومات ۾ ڪافي اضافو ٿيو تہ ڌاڙيل ماڻهو اغوا ڪيئن ٿا ڪن، انھن جا ٿاڪ ڪھڙا آهن ۽ ڪنھن حيلي وسيلي انھن کي آزاد ڪرائي سگهجي ٿو. اهو بہ پتو پيو، تہ مختلف ضلعن ۾ ڪھڙن ڀوتارن جون سلطنتون قائم آهن.
علم سماجيات جي لحاظ کان ڌاڙيل ٿيڻ جا جيڪي ڪارڻ آهن، انھن ۾ سماجي ناهمواري، طبقاتي جبر، پئسن جي حَوس، ناانصافي، قبائلي جهيڙا، غيرت ۽ پلاند، ھيرو ازم، ايڊوينچرزم شامل آهن. ماضيءَ ۽ اڄ جي ڌاڙيلن ۾ اخلاقي قدرن جي لحاظ کان بہ زمين ۽ آسمان جو فرق آھي. ماضيءَ جا حڪمران ان کي ڌاڙيل يا دهشتگرد سڏيندا هئا، جيڪو”وطن پرست“ هوندو هو، قومي غيرت ۽ ڌرتيءَ جو درد رکندو هو. سڪندر مقدونيءَ جو دور هجي يا چندر گپت موريا جو، عربن جو دور هجي يا ارغونن ۽ ترخانن جو، غيرن جي غلامي قبولڻ بدران جيڪي انساني جابرن ۽ غاصبن سان مھاڏو اٽڪائيندا هئا ۽ ڌارين جي آڻ نہ مڃيندا هئا، سي تڏهوڪن حاڪمن جي نظر ۾ ڌاڙيل هوندا هئا ۽ کين ختم ڪرڻ لاءِ انعام اڪرام مقرر ڪيا ويندا هئا. ماضيءَ جو ڌاڙيل دنگن ۽ ننگن جو رکوالو هو، ڌرتيءَ جو درد رکندڙ ۽ ڌارين سان نفرت ڪندڙ هو. اهو ئي سبب آھي، جو ڀٽ ڌڻيءَ سر ڏھر ۾ سنڌ جي هڪ عظيم سورمي، جنھن کي وقت جي حڪمرانن ڌاڙيل سڏيو، يعني لاکي ڦلاڻيءَ جو ذڪر ڪيو آھي. هو ڪڇ جو ٺَڪر راجپوت هو، جنھن ڌاڙيل بنجي ظالم حڪمرانن جي ڏاڍ کي چئلينج ڪيو ۽ مسڪين ماروئڙن جي مدد ڪئي. ائين هڪ زماني جو سنڌ جو ڌاڙيل باغيرت، باضمير، حيا ۽ شرم جو رکوالو، ننگن جو لڄپال، ڦرلٽ ڪندڙن جو ويري، نياڻين جي مٿي تي هٿ رکندڙ، ٻڍڙن ۽ معصوم ٻارن تي رحم ڪندڙ هوندو هو. هن جي ويڙھہ هميشہ وطن جي ويرين، انياءُ ڪندڙ ظالمن، نياڻين جي لڄ لٽيندڙ لٽيرن خلاف رھي. هن هميشہ حڪمرانن جي ھيٺانھين ڪري، فائدا حاصل ڪندڙ وڏيرن جو جيئڻ جنجال بنايو، بي پھچ ماڻهن جي واھر ڪئي. مون 1970ع ۾ سينٽرل جيل جي ڪاري وارڊ ۾ ڪيترن نامي گرامي ڌاڙيلن جا نالا ٻڌا، جيڪي اهڙن ڌاڙيلن جي صف ۾ آڻي سگهجن ٿا. انھن ۾ ڦل ماڇي، رحيم هنڱورو، غلام حسين واڍو، علي مراد ميرجت وغيره شامل آهن.
علم نفسيات جي ماھرن جو چوڻ آھي تہ ماءُ جي پيٽان ڪو بہ ڏوھاري نٿو پيدا ٿئي، پر سماجي ناانصافين، اقتصادي ناهموارين، معاشي ۽ اخلاقي جبر ۽ ويڪائو وڏيرن جي تسلط کي ختم ڪرڻ لاءِ ڌاڙيل جنم وٺي ٿو، پر اڄ جي ڌاڙيل بابت نفسيات، سياست، سماجيات ۽ ڏوهن جا ماھر بہ راءِ ڏيڻ کان قاصر آهن. سياسي ڌرين جي اھا راءِ آھي تہ 1983ع ۽ 1986ع جي ايم آر ڊي جي هلچل کان پوءِ اصل حاڪمن، سنڌ کي قومي شعور، قومي ٻڌي ۽ هٿياربندن سان خالي هٿين مھاڏي اٽڪائڻ جي سزا ڏيڻ لاءِ ”دهشتگرد“ ۽ ”ڌاڙيل“ پيدا ڪيا يا انھن کي هٿي ڏني. هڪ اڻ تصديق ٿيل سروي مطابق سنڌ اندر هن وقت چاليھہ هزار کان مٿي ڌاڙيل موجود آهن ۽ اڪثريت مٿان ڀوتارن جو هٿ آھي. اھا ڳالھہ بہ سوچڻ جي آھي تہ ڌاڙيل ڪڏهن بہ ڌارين کي اغوا نٿا ڪن، پر پنھنجن ئي غريب غربن ۽ اوڙي پاڙي ۾ رهندڙ اٻوجهہ ڌرتيءَ ڄاون جو اغوا ٿيڻ معمول آھي. اڄوڪي ڌاڙيل کي نہ ڌرتيءَ جو ننگ آھي، نہ ئي نياڻين سياڻين جو حيا. هنن کي نہ مائرن ۽ ڀينرن جو احساس آھي ۽ نہ ئي جهور پوڙهن ۽ معصوم ۽ ابهم ٻارن جو خيال آھي. تازو ئي هڪ شخص کي اغوا ڪيو ويو. ڀنگ نہ ملڻ جي صورت ۾ کيس قتل ڪيو ويو. ڪي ٽي اين تي بيگناھہ قتل ٿيل شخص جي پنجن سالن جي معصوم نياڻي سڏڪا ڀريندي چيو،”مان روز پنھنجي پيءُ سان ڀاڪر پائي سمھندي هئس. ھاڻ مون کي ابو کانسواءِ ننڊ ڪيئن ايندي؟“ اهڙيون ڪيتريون ئي نياڻيون سنڌ ۾ ھر روز سڏڪا ڀريندي ڏسجن ٿيون، جن جا پنھنجا بيگناھہ ماريا وڃن ٿا. ڪاش ڪوئي هنن نياڻين جي درد کي بہ سمجهي.
اڄ جا ڌاڙيل انسانيت ۽ اخلاقيات جا سڀ ليڪا اورانگهي چڪا آهن. هنن آڏو بھادري ۽ سورھيائي پنھنجن ئي ماڻهن کي لٽڻ، ڦرڻ ۽ آزارڻ ۾ آھي، ڄڻ تہ هنن جو رت ۽ ضمير هن مقدس مٽيءَ جي مان ٺھيل ئي نہ هجي. هنن جي ساڻيھہ جي سڪ، حيا ۽ شرم، دين ۽ ڌرم نِيرن نوٽن، سونن لاڪيٽن، راڊو واچن ۽ بوسڪيءَ جي پٽڪن تي وڪامي ٿو وڃي. اڄ سنڌ جو سَنڌُ سَنڌُ هنن جي جهٽن ۽ چهَڪن سان چُور چُور آھي. اڄ اسان جا نہ گهر محفوظ آهن ۽ نہ ئي ويڙھا، نہ ٻار ٻچا محفوظ آهن، نہ ئي ننگ نياڻيون، نہ ٻنيون محفوظ آهن، نہ ئي ونيون. ھي پنھنجن جا ويري ٻين آڏو ڪنڌ نوائي هلن ٿا، پر پنھنجن کي ڏاڙھين ۽ ڦاڙھين ٿا. سنڌ جي زراعت، معيشت، تعليم، امن، سک ۽ چين، سڀ ڪجهہ سندن ئي ڪارروائين سبب تباھہ ٿي رھيو آھي. سنڌ ۾ رهندڙ هندو ڀائرن سان تہ وڌيڪ ويڌن آھي. اھي ھروقت ڌاڙيلن جي ظالمانہ ڪارروائين جو نشانو بڻجندا رهن ٿا. ڌرتيءَ تي رهڻ لاءِ هنن ڀائرن 1947ع کان وٺي ڪيتري قيمت ادا ڪئي آھي، اهو ڪو هنن کان پڇي. اتر هجي يا لاڙ، ڪاڇو هجي يا ٿر، ھي ڀائر عدم تحفظ جو شڪار آهن، جڏهن تہ اڪثريت هجي يا اقليت، ان جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ئي ذميواري آھي. سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ جتي شھرن کي دهشتگرديءَ کان محفوظ بڻائڻو آھي، اتي اهو بہ لازم آھي تہ ٻھراڙين کي ڌاڙيلن کان نجات ڏياري وڃي. مون وٽ ڌاڙيلن مان جند آجي ڪرائڻ لاءِ ھيٺيون تجويزون آهن، جيڪڏهن انھن تي عمل ڪيو وڃي تہ گهڻيءَ حد تائين بھتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا:
(1) جيڪي جاگيردار، وڏيرا، ڀوتار يا عملدار، ڌاڙيلن کي هٿيار، گوليون، بارود ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ملوث آهن، انھن کي گرفتار ڪري سندن جائداد ضبط ڪئي وڃي، پوءِ ڀلي انھن جو تعلق حڪمران پارٽيءَ سان هجي يا اپوزيشن سان.
(2) ٻھراڙين ۾ زراعت تي مبني صنعتون قائم ڪري، روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا وڃن.
(3) ٻھراڙين ۾ تعليم کي لازمي قرار ڏيئي، تعليم کي عام ڪيو وڃي.
(4) قبيلائي جهيڙا ختم ڪرڻ لاءِ يونين سطح تي پئنچائتي نظام قائم ڪيو وڃي.
(5) پوليس ۾ اعليٰ تعليم يافتہ عملو ڀرتي ڪيو وڃي، خاص طور تي سماجيات ۽ نفسيات جا ماھر آفيسر مقرر ڪيا وڃن، کين سٺيون پگهارون ڏنيون وڃن.
(6) تڪڙي ۽ سستي انصاف لاءِ عدالتي نظام ۾ تبديلي آندي وڃي.
(7) جنھن پوليس عملدار جي حد ۾ اغوا يا ڌاڙي جي واردات ٿئي، ان خلاف سخت قدم کنيو وڃي.
(8) ڳوٺن ۾ رضاڪار چوڪيداري نظام قائم ڪيو وڃي ۽ ڳوٺاڻن کي هٿيار ڏنا وڃن.
(9) ڪچي ۽ ٻيلي وارن علائقن ۾ موجود ڌاڙيلن جا ٿاڪ ختم ڪرڻ لاءِ منظم طريقي سان آپريشن ڪيو وڃي.
(10) قانون ۾ ترميم ڪري، اغوا ڪندڙ ڏوھاريءَ لاءِ موت جي سزا مقرر ڪئي وڃي.
جتي ڌاڙيلن کي ختم ڪري عوام جي جند آجي ڪرائڻ حڪومت جو فرض آھي، اتي سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين، خاص طور قوم پرست ڌرين کي بہ منظم ۽ ٺوس پروگرام تيار ڪرڻ گهرجن. انھن پارٽين جا ڪارڪن سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پھچي ڳوٺاڻن جي تعاون سان خود حفاظتي نظام قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ڌاڙيلن کي ناس ڪرڻ لاءِ ڪچي ۽ ٻيلن جا گهٽ گهيڙ بند ڪيا وڃن، تہ ڌاڙيلن کي هٿيار، گوليون ۽ کاڌي جو سامان نہ ملي سگهندو. اهو سڀ ڪجهہ ڏکيو ضرور آھي، پر ناممڪن نہ آھي. اسان کي ٻين تي ڀاڙڻ بجاءِ پنھنجي مڙسي پاڻ ڪرڻي پوندي.