ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

تاريخ جو جبر- تاريخ جو فيصلو ڪڏهن بہ غلط نہ هوندو آھي

سنڌ ڪيتري قديم آھي؟ جيتري انساني تهذيب جي ارتقا. سنڌو درياھہ بہ ايترو ئي قديم آھي. موجودہ هندستان جي راجپوتانہ رياست وارو ٿر يا سنڌ جو ٿر، جنھن جي باري ۾ مورخن جي راءِ آھي تہ شروعات ”درياھہ سرسوتي“ ۽ ”سنڌو درياهه“ مان ڦٽي نڪرندڙ هڪڙي شاخ ”ويھند“ يا “واهند” وارا سرسبز ميدان هئا. اھي ٻئي درياءَ موجودہ ”ڪڇ جي رڻ“ ۾ اچي پوندا هئا، جنھن ڪري ڪڇ جو ”رڻ“، رڻ نہ هو پر سمنڊ جي صورت ۾ هو. سنڌو درياھہ جي شاخ جيڪا موجودہ بھاولپور، جيسلمير ۽ ٿر واري ڀاڱي مان ”ويھند“ ۽ ”واهند“ نالي سان وهندڙ هئي، سا عربن جي زماني تائين قائم هئي، پوءِ ان جو وهڪرو بند ٿي ويو، جنھن ڪري بھاولپور جيسلمير ۽ ٿر جا ريگستان ٺھي پيا، ٻئي طرف ”ڪوري نار“ رڻ جو روپ اختيار ڪيو. سنڌو درياھہ جيڪو هن وقت صرف انھيءَ درياءَ کي سڏيو وڃي ٿو، اهو موجودہ هماليہ جبل جي ”ڪيلاس پربت“ واري ”مانسروور ڍنڍ“ مان نڪري ڳپت، ڪشمير، پنجاب ۽ سنڌ واري علائقي مان وهندو ”عربي سمنڊ“ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. البيروني سنڌ کي ”سورن ديپ“، يعني ”سورن واري زمين“ سڏيو آھي، عربن ”مرنديپ“ ڪوٺيو آھي ۽ سامونڊي سياحن ”سنڌ“ ۽ ”هند“ جو نالو ڏنو آھي. عربن جي فتح کان اڳ سنڌ جي حد تمام ڪشادي هوندي هئي، انھيءَ ۾ ”پنجاب“ ۽ ”بلوچستان“ جو ڀاڱو بہ اچي ٿي ويو. سنڌ جي فتح کان اڳ راءِ گهراڻي جي هندو راجائن وقت سنڌ جون حدون اوڀر ۾ ڪشمير ۽ قنوج، اولھہ ۾ مڪران، ديبل ۽ سمنڊ، اتر ۾ قنڌار، سيستان ۽ سليمان جبل ۽ ڏکڻ ۾ ”سورت بندر“ تائين ڦهليل ھيون، انھيءَ وقت سنڌ جي گادي جو هنڌ ”الور“ هو. هن سرزمين کي يوناني ”سنڌومان“، ”پراچين“ هندو ”سنڌو ديش“، عرب جاگرافي نويس ”مھراڻ“ ۽ سنڌ جا رهواسي ”سنڌو ديش“ جي نالي سان سڏيندا آهن. پنھنجن جي غداري ڪري سنڌ تي هميشہ ڌاريا حڪمران لالچ جي نگاهن سان ڏسندي ڪاهون ڪندا رھيا آهن، وڻ کان ڪنھن پڇيو تہ ”توکي ھي لوھہ جو ننڍو ٽڪرو، يعني ڪھاڙي ڪيئن ڪپي ٿي؟“ وڻ ڏک مان وراڻيو تہ ”ڀائو، هن ڪھاڙي ۾ منھنجو ئي حصو جڙيل آھي، يعني ڪھاڙي جو ڳن ڪاٺ مان ٺھيل آھي ۽ انھيءَ ڪري ڪپجان ٿو.“ سو سنڌ سان صدين کان ائين ويڌن ٿيندي رھي آھي. سنڌ تي جن ڌارين راڄ ڪيو، انھن ۾ عرب، مغل، ترخان، ارغون ۽ انگريز شامل آهن، انگريزن سنڌ تي 1843ع ۾ قبضو ڪيو ۽ ان کي ملڪ ۽ صوبي بدران بمبئي صوبي جو هڪ حصو بڻائي ڇڏيو، بمبئي ۾ سنڌ جي شموليت کانپوءِ سنڌ جي ڏکن ۽ تڪليفن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو، جيڪو اڄ ڏينھن تائين جاري آھي. سنڌ جا ماڻهو جيڪي صدين کان پنھنجي ”خودمختياري“ تحت زندگي گذاريندا آيا، جن جي سماجي زندگي برصغير جي ٻين علائقن کان مختلف هئي، اھي برطانيہ جي نئين سامراجي نظام کي شڪ ۽ عدم تحفظ جي نظرن سان ڏسڻ لڳا. سنڌ جي بمبئي سان شامل ٿيڻ بعد بمبئي جي ماڻهن خاص طرح ۽ هندستان جي عام ماڻهن جي اچ وچ شروع ٿي ويئي، سنڌ جا واپاري تعلقات سموري هندستان سان شروع ٿي ويا، انھيءَ ڪري سنڌ جي آبادي ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو. هندستان جي مختلف علائقن مان ٻيون قومون سنڌ ۾ آباد ٿيون، جن ۾ اڪثريت هندستان جي مسلمانن جي هئي، جن بمبئي، يو.پي، بھار، سي. پي، حيدرآباد دکن ۽ ٻين صوبن مان لڏي اچي سنڌ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي، انھن ۾ اڪثريت واپاري طبقي جي هئي، سنڌ جو عوام بمبئي سان شامل ٿيڻ ڪري ويتر اقتصادي زندگي ۾ مڪمل تباھہ ٿي ويو. انگريز حڪومت ڄاڻي واڻي سنڌ جھڙي سکئي ستابي ملڪ کي بمبئي جي ماتحت بنايو تہ جيئن سنڌ جي دولت انگريز سامراج لُٽيندو رھي ۽ سنڌ جا ماڻهو پنھنجين مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ هوندا، تہ هو آزادي نہ وٺي سگهندا ۽ ان لاءِ سنڌ جو مٿانهون طبقو جاگيردار وڏيرو، لاچار ۽ مجبور ٿي انگريزن جو خوشامندي ٿيندو، جنھنڪري انگريز گهڻي عرصي تائين سنڌ کي پنھنجي قبضي ۾ رکي سگهندا. سنڌ جي ڪجهہ باشعور اڳواڻن جي اھا ڪوشش هئي تہ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪري ٻيھر خودمختياري واري حيثيت ڏياري وڃي. هن جدوجهد ۾ محترم محمد ايوب کھڙو جو ڪردار نمايان هو. هن جيڪي سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ لاءِ دليل ڏنا، ھيٺين ريت هئا:
(1) نھيءَ مان اسان کي حقِ خودارادي ملندو، جيڪو ھر قوم جو بنيادي حق آھي.
(2) انھيءَ مان صوبي کي بي انصافين ۽ مشڪلاتن کان ڇوٽڪارو ملندو، جيڪو گذريل 85 سالن کان لوڙي رھيو آھي.
(3) انھيءَ مان زمين جو سڌارو ۽ زراعت ۾ واڌارو ٿي سگهندو.
(4) انھيءَ مان اھي خرابيون دُور ٿي سگهنديون، جيڪي 800 ميل پري کان سنڌ تي حڪومت ڪرڻ ڪري پيدا ٿيون آهن.
(5) ڪراچيءَ جي بندرگاھہ کي ترقي وٺرائي ۽ هتان تيز ريل گاڏي شروع ڪري ڪانپور، دهلي ۽ سڄو واپار اتر ۽ مرڪزي هندستان سان ڳنڍيو ويندو.
(6) سنڌ پنھنجي جداگانہ صوبائي حيثيت حاصل ڪري سگهندي ۽ ٻين ملڪن سان سامونڊي ۽ هوائي رستي جي ويجهي هئڻ ڪري پنھنجي اهميت قائم ڪندي.
(7) سنڌي ٻولي جيڪا قديم ۽ ڪلاسيڪل ٻولي آھي، اھا بمبئي سرڪار جي بي توجهي سبب بي وسيءَ جي حالت ۾ آھي، سا وڌيڪ ترقي ڪري سگهندي.
(8) سکر بئراج جون زمينون ايستائين سڌاري نہ سگهبيون، جيستائين اھي سنڌ حڪومت جي هٿ ۾ اچن.
(9) پوري هندستان جي صوبن مان برما کانپوءِ بمبئي حڪومت جو انتظامي خرچ گهڻو آھي، جنھن مان سنڌ جي ترقي لاءِ حصو نٿو بچائي سگهجي، بمبئي کان جدا ٿيڻ بعد حڪومت جو خرچ گهٽائي، پيدائش وڌائي، تعميري ڪمن تي خرچ ڪري سگهندي.
1933ع ۾ هندستان جي حڪومت سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ لاءِ هڪ سب ڪميٽي ٺاھي، جنھن ۾ محمد ايوب کھڙو، سيٺ حاجي عبدالله ھارون، قاضي عبدالرحمان، اي ايل برائس، ميڪلاڪن ڪاولا، ديوان بھادر ھيرانند کيسنگهہ شامل هئا. هن ڪميٽيءَ جي سفارشن جي روشني ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو. پھرين اپريل 1935ع ۾ برطانيہ جي پارليامينٽ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ پاس ڪيو، جنھن موجب اپريل 1936ع کان سنڌ کي مڪمل صوبي جي حيثيت ڏني ويئي. سر نسلات گرھام کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ ڪراچي کي سنڌ صوبي جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو ۽ سر غلام حسين هدايت الله کي وزيراعلى بڻايو ويو.
15 آگسٽ تي ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ٿيو، محمد علي جناح پھريون گورنر جنرل بڻيو ۽ نوابزادہ لياقت علي خان کي پھريون وزيراعظم چونڊيو ويو. جناح صاحب ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري ملڪ جي گادي جو هنڌ بڻايو ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت کي چيو ويو تہ اھا حيدرآباد کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻائي. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري فيصلي جي محمد ايوب کھڙو، آغا غلام نبي پٺاڻ، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين رهنمائن سخت مخالفت ڪئي. هنن جو موقف هو تہ ملڪ سان گڏوگڏ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچي هئڻ گهرجي، پر جناح صاحب، نوابزادہ لياقت علي خان ۽ ٻين جي چوڻ تي اھا ڳالھہ نہ مڃي، محمد ايوب کھڙو ان وقت سنڌ جو وزيراعلى هو.
پاڪستان شايد ايشيا جو واحد ملڪ آھي، جنھن ۾ گورنر جنرل، وزيراعظم، وفاقي وزير ۽ انتظامي آفيسر هجرت ڪري ٻين علائقن مان آيا، جنھن جو انھن علائقن سان ڪو بہ تعلق نہ هو. جن صوبن ۽ علائقن ۾ پاڪستان قائم ٿيو هو، اھا مسلم ليگ جيڪا ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ صوبائي خودمختياري جي چيمپئن هئي، پنھنجي اصولن تان ڦري ويئي، مضبوط مرڪز جو نعرو هڻي ننڍن صوبن جا تاريخي ۽ قومي حق لتاڙيا ويا. سنڌ جي سري ڪراچيءَ کي زبردستي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو. مئي 1948ع ۾ پاڪستان جي دستورساز اسيمبليءَ ڪراچي کي وفاقي انتظام ھيٺ رکڻ جو فيصلو ڪيو. سنڌ اسيمبلي کي پاڪستان جي دستورساز اسيمبلي جو درجو ڏنو ويو. سنڌ حڪومت جي دفترن تي وفاقي حڪومت قبضو ڪيو. سنڌين جي حاڪميت جو حق ڪراچي مان ختم ڪيو ويو. سنڌ مسلم ليگ 11 جون 1948ع تي پنھنجي اجلاس ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي هن فيصلي کي ناپسند ڪيو ۽ هن فيصلي کي سنڌ جون سرحدون گهٽائڻ جي سازش قرار ڏنو. 11 جون 1948ع تي 800 سنڌي شاگردن هن فيصلي خلاف ڪراچي ۾ جلوس ڪڍيو. سنڌ مسلم ليگ جي سيڪريٽري آغا غلام نبي پٺاڻ تقرير ڪندي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو تہ اسان 24 مارچ 1940ع واري قرارداد پاڪستان کي ڦاڙي ڇڏينداسين“. محمد ايوب کھڙي جي احتجاج ڪري هن جي وزارت کي ڊسمس ڪيو ويو. پير الاھي بخش کي ڪراچي کي وفاق کي ڏيڻ جي صلي ۾ سنڌ جو وزيراعلى بڻايو ويو. سنڌ جي سنڌي هندن جي ڇڏي ويل ملڪيتن کي آيل ڀائرن جي حوالي ڪيو ويو. لڏپلاڻ جي سلسلي ۾ هندستان مان آيل ڀائر وڏي تعداد ۾ سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا ۽ انھن جي آبادڪاري لاءِ هڪ ڌار وزارت قائم ڪئي ويئي. تحريڪ پاڪستان جي رهنمائن ورھاڱي کان اڳ ڪڏهن بہ انھيءَ ڳالھہ جو اظھار نہ ڪيو هو تہ ورھاڱي جي صورت ۾ لڏپلاڻ ٿيندي. قرارداد پاڪستان 1940ع، 1946ع جي ڪيبنيٽ مشن پلان، 3 جون 1947ع جي ننڍي کنڊ کي ورھائڻ جي منصوبي، يعني گورنمينٽ آف انڊيا انڊيپنڊنس ايڪٽ، جيڪي پاڪستان جي ٺهڻ جو بنياد آهن، انھن جي ڪنھن بہ شق ۾ لڏ پلاڻ يا هجرت جو ذڪر ناھي، پاڪستان جي قيام کانپوءِ مھاجرن جي آمد کي قانوني قرار ڏيڻ لاءِ نوابزادہ لياقت علي خان، گورنر جنرل کان هڪ ”آرڊيننس“ نافذ ڪرايو، جيڪو پاڪستان جي قيام جي روح جي خلاف هو. سابق وزيراعظم پاڪستان چوڌري محمد علي، جيڪو هڪ رٽائر آفيسر هو ۽ نوڪر شاھي جو نمائندو هو، پنھنجي ڪتاب ”ايمرجنس آف پاڪستان“ ۾ صفحي نمبر 267 تي لکي ٿو تہ ”مخصوص مفادن خاطر هندستان مان آيل غير قانوني ماڻهن خاطر پاڪستان جي عبوري آئين گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع جي سيڪشن 2 تحت گورنر جنرل کي آرڊيننس جاري ڪرڻ جي اختيار تحت جناح صاحب کي 27 آگسٽ 1947ع تي مجبور ڪيو ويو تہ هو هڪ حڪمنامي تي دستخط ڪري، جنھن تحت پاڪستان ۾ ٻاھريان ماڻهو اچي سگهن، جيڪي پاڪستان جي اقتصادي زندگيءَ لاءِ خطرو بڻيل هئا. هن حڪم نامي، يعني ”پروڪليميشن آرڊر“ تحت سنڌ ۾ ٻہ لک، پنجاب، صوبي سرحد، بھاولپور ۽ خيرپور رياستن ۽ بلوچستان کي هڪ هڪ لک پناھہ گير آباد ڪرڻا هئا.“ لڏپلاڻ جيڪا سڄي سنڌ تي رھي، قيام پاڪستان وقت سنڌ ۾ سنڌي 95 سيڪڙو ۽ ڌاريا صرف 5 سيڪڙو هئا، پاڪستان جي قيام وقت سنڌ جي آبادي 52 لک هئي پر اڳتي هلي سنڌ ۾ ڌاريا پاڪستان جي اندر ۽ پاڪستان کان ٻاھر ھر ماھہ 30 هزار کان مٿي ماڻهو سنڌ ۾ آباد ٿين ٿا. هڪ سروي مطابق ملڪ ۾ واڌ جي شرح 3.3 سيڪڙو آھي، جڏهن تہ سنڌ ۾ 6.6 سيڪڙو آھي، يعني جيترا ماڻهو سنڌ ۾ پيدا ٿين ٿا، اوترا ماڻهو ٻاھران اچن ٿا. اڳتي هلي سنڌ ۽ سنڌين کي تباھہ ڪرڻ لاءِ 1955ع ۾ ”ون يونٽ“ ٺاھيو ويو، يعني سڀ صوبا ختم ڪري پاڪستان ۾ ٻہ صوبا ٺاھيا ويا، هڪ مغربي پاڪستان، جنھن ۾ سنڌ، سرحد، بلوچستان ۽ پنجاب شامل هئا ۽ ٻيو مشرقي پاڪستان، جنھن ۾ بنگال صوبو شامل هو، ون يونٽ جو مقصد ننڍين قومن مٿان پنجاب جي حاڪميت قائم ڪرڻ هو. مرحوم محمد ايوب کھڙو جنھن سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ تي احتجاج ڪرڻ جي صلي ۾ وزارت اعلى قربان ڪري ڇڏي، انھيءَ ماڻهو وري اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ون يونٽ جو نوڙ سنڌي ماڻهن جي ڳچي ۾ وڌو. ون يونٽ جي مخالفت ۾ ان وقت جي سنڌ جي وزيراعلى عبدالستار پيرزادي کي ڊسمس ڪيو ويو، سنڌ اسيمبليءَ جي ان وقت جي اسپيڪر مير غلام علي ٽالپر کي گرفتار ڪري مٺي (ٿر) موڪليو ويو، موجودہ سيشن ڪورٽ حيدرآباد جي عمارت ۾ هلندڙ سنڌ اسيمبلي مان ون يونٽ جي حق ۾ ڏنڊي جي زور تي منظوري حاصل ڪئي ويئي.
نہ ڄاڻ ڇو سنڌ جا سياستدان اقتدار خاطر ڪاٺ جي عارضي ڪرسي خاطر سنڌ ۽ سنڌين کي وساري ويھندا آهن ۽ تاريخ ۾ انھن کي چڱن لفظن سان ياد نہ ڪيو ويندو آھي. سنڌ جا ماڻهو اڄ بہ پير الاھي بخش، قاضي فضل الله، محمد ايوب کھڙو، پير علي محمد راشدي ۽ ڄام صادق علي کي خراب لفظن سان ياد ڪن ٿا، جن عارضي مفادن خاطر سنڌ جا مستقل مفاد وڪيا ۽ پنھنجي تاريخي شخصيت کي داغدار بڻايو.