ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

صوماليہ تي جارحيت ۽ آمريڪي منصوبو

دنيا جي پرامن ڌرتيءَ کي انساني رت سان رڱڻ آمريڪا جو پراڻو شاھاڻو شوق رھيو آھي. دنيا ۾ تباھي ۽ بدامني پکيڙڻ جي باري ۾ جڏهن ڪو تجزيہ نگار سنجيدگيءَ سان ڪنھن ”تحقيق“ جي شروعات ڪندو تہ، ڌرتيءَ جي گولي تي ھر هنڌ آمريڪي فوجي مداخلت ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جنگين ۽ انسان ذات جي تباھيءَ کي نظر انداز نہ ڪري سگهندو. ھر آمريڪي فوجي مداخلت جي نتيجي ۾ بيگناھہ انسان قتل ٿيا آهن، تباھي ۽ بربادي آئي آھي، ۽ دنيا جو امن تباھہ ٿيو آھي. آمريڪي جارحيت جا داستان دنيا جي ڪتابن ۾ عيان آهن. ماضيءَ ۾، دنيا ۾ ڪميونزم جو خوف کڙو ڪري لکين انسانن جو رت وھايو ويو آھي، پوءِ ڀلي 1954ع ۾ گوئٽي مالا ۾ انساني رت جي هولي کيڏڻ واري ڪڌي ڪرت هجي، يا 1965ع ۾ ڊومي ري پبلڪ ۾ ڪميونزم جي نالي تي بيگناھہ انسانن جو رت وھائڻ هجي. 1983ع ۾ گرينيڊا واري جارحيت هجي يا 1989ع ۾ ”پاناما“ وارو ظلم هجي يا ويٽنام جي ڊگهي بي مقصد جنگ. هن کان اڳ انسانن جو قتل عام ڪميونزم جي آڙ ۾ ڪيو ويو آھي. 11/9 کانپوءِ دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي نالي تي عراق ۽ افغانستان ۾ انسانن جو قتل عام جاري آھي، پر اقوام متحدہ يا ان جا ذيلي ادارا سلامتي ڪائونسل، جنرل ڪائونسل ۽ عالمي عدالت، آمريڪا جي خوني هٿ کي روڪڻ ۾ ناڪام رھيا آهن. آمريڪا امن جي نالي تي سڄي دنيا ۾ امن کي تباھہ ڪري رھيو آھي. اھي ملڪ، جتي بادشاهتون يا مطلق العنان حڪومتون آهن، اتي جا حڪمران آمريڪا جي هن سنگين ڏوھہ ۾ هڪجھڙا ڀائيوار ۽ Co-accused آهن، ڇاڪاڻ آمريڪا جي ئي ڏڍ تي سندن بادشاهتون ۽ غير جمھوري حڪومتون قائم آهن.
مسلم ملڪ آمريڪي جارحيت جو سڀ کان وڌيڪ نشانو بڻيل آهن. ھر انھيءَ شخص کي دهشتگرد سڏيو وڃي ٿو، جيڪو آمريڪي ظلم ۽ ستم خلاف آواز اٿاري ٿو. تازو صوماليہ تي جارحيت ڪري هڪ نئون محاذ کوليو ويو آھي. صوماليہ، آفريقا جو هڪ اهم اسلامي ملڪ آھي. اوڀر آفريقا جي هن ملڪ جو سرڪاري نالو صوماليہ ڊيموڪريٽڪ ري پبلڪ آھي، جنھن جي اولھہ ۾ ايٿوپيا، اتر- اولھہ ۾ ڊجي بوٽي، ڏکڻ-اولھہ ۾ ڪينيا آھي، صوماليہ ۾ مرڪزي حڪومت نالي ماتر آھي، ان جا علائقا صومالي لينڊ، پونٽلينڊ انتظامي لحاظ کان خودمختار آهن. صوماليہ پھرين جولاءِ 1960ع تي برطانيا ۽ اٽليءَ کان آزادي ماڻي. هتي جي گاديءَ جو هنڌ موغاديشو آھي. جولاءِ 2005ع جي مردم شماريءَ مطابق صوماليہ جي آبادي 82 لک، 28 هزار آھي ۽ سرڪاري زبان ”صومالي” آھي. حڪومت جي نظام کي Transitional Federal Government سڏيو وڃي ٿو. صوماليا جي ڪرنسي کي ”صومالي شلنگ“ سڏيو وڃي ٿو. 24 ڊسمبر 2006 ع تي ايٿوپيا، صوماليہ کي فوجي جارحيت جو نشانو بنايو، 9 جنوري 2007ع تي آمريڪي فوجي تعاون سان صوماليہ تي بمباري ڪئي ويئي. ايٿوپيا جي فوجن صوماليا تي حملو ڪري اسلام پسند يونين آف اسلامڪ ڪورٽس جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي ۽ گاديءَ جي هنڌ موغاديشو تي مڪمل قبضو ڪري ڇڏيو. ظاھري طرح هن حملي جو مقصد آمريڪي نواز حڪومت قائم ڪرڻ آھي.”يونين آف اسلامڪ ڪورٽس“ جي اڳواڻ عمر ادريس تازو بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي چيو تہ، ”ايٿوپيا جون فوجون اڳتي ضرور وڌي آيون آهن، پر اهو جنگ جو خاتمو ناھي. اسان ڄاڻون ٿا تہ آمريڪا کي عراق ۾ ڪھڙن تجربن کي منھن ڏيڻو پيو پوي ۽ ان ڪري اهو چوڻ تہ اسلامڪ ڪورٽس جي فوج شڪست کائي چڪي آھي، محض هڪ خواب آھي.“
آمريڪا جي حمايت سان ايٿوپيا جي ٿيل اڳرائيءَ جي ڪري صوماليہ جي مقبول حڪومت جو خاتمو ڪيو ويو آھي، جنھن 16 سالن جي خانہ جنگي کان پوءِ صوماليہ ۾ امن قائم ڪيو هو ۽ عوام کي تحفظ جو احساس ڏياريو هو. هن کان اڳ قبائلي سردارن ۽ وار لارڊس وڏي پيماني تي ملڪ ۾ ڦرلٽ ۽ افراتفري ڦهلائي هئي. ايٿوپيا جي جارحيت کانپوءِ انھن سردارن وري ڪر کنيو آھي. شھرن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا آهن. آفريقي يونين مطالبو ڪيو آھي تہ ايٿوپيا جون فوجون ملڪ خالي ڪري واپس هليون وڃن. اهڙي طرح ڪينيا، جيڪو پڻ آمريڪا ۽ ايٿوپيا جو دوست آھي، ان پڻ ايٿوپيا جي فوجن جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو آھي. صوماليہ تي ايٿوپيا جو حملو ۽ قبضو اقوام متحدہ جي ٺھرائن ۽ بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آھي، پر هميشہ جيان آمريڪا جي صدر بش ايٿوپيا جي فوجن جي حمايت جو اعلان ڪيو آھي ۽ انھن جي ھر طرح سان مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو آھي. آمريڪا، صوماليہ ۾ ايٿوپيا جي حملي کي بہ دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي سلسلي جي ڪڙي ڄاڻائي ان جي غير مشروط حمايت ڪري رھيو آھي. آمريڪي حمايت سان ايٿوپيا جي صوماليہ تي جارحيت جو اصلي مقصد تيل سان مالا مال ملڪ ۾ پنھنجي پسند جي ڪمزور حڪومت قائم ڪرڻ آھي، جيڪا آمريڪي اشاري تي هلي آمريڪا جي مستقل مفادن جو دفاع ڪري سگهي. آمريڪا، صوماليہ ۾ اقوام متحدہ طرفان اسلحي جي فراهميءَ تي لڳايل پابنديءَ جي پڻ ڀڃڪڙي ڪري رھيو آھي ۽ وار لارڊز جي حمايت ڪري رھيو آھي، جن صوماليہ جي عوام کي سدائين ڦريو ۽ لٽيو آھي ۽ پنھنجي خونخوار چنبن سان عوام جو قتل عام ڪيو آھي. هن حملي جو مقصد اسلام پسندن کي هن خطي مان هميشہ لاءِ نيڪالي ڏيڻ آھي ۽ صوماليہ ۾ جمھوريت ۽ جمھوري ادارن کي مستقل طور تباھہ ڪرڻ آھي. 1993ع ۾ صوماليہ جا اھي آمريڪي حمايت يافتہ وار لارڊز اقوام متحدہ جي امن فوج کي نيڪالي ڏيئي چڪا آهن، جيڪا صوماليا ۾ سالن کان هلندڙ خانہ جنگيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ آئي هئي ۽ ان حملي ۾ وار لارڊز طرفان 18 آمريڪي پڻ ماريا ويا هئا.
ڏٺو وڃي تہ صوماليہ ۾ اسلام پسندن جي پسپائي عارضي آھي. اسلام پسندن جو پوئتي هٽڻ دراصل ويٽنام ۽ عراق وانگر هڪ ڊگهي گوريلا جنگ جي شروعات آھي، جيڪا غير مقبول وار لارڊز جي طاقت کي عبرتناڪ شڪست ڏيندي. صوماليہ جھڙي مسلمان ملڪ ۾ اسلام پسندن جي فوج کي عوامي حمايت پڻ حاصل آھي ۽ عوام جي حمايت سان وڙهندڙ قوتن کي ڪڏهن بہ ڪا سامراجي قوت شڪست نٿي ڏيئي سگهي. ان جو مثال اسان عراق ۽ افغانستان مان وٺي سگهون ٿا، جتي آمريڪي حمايت يافتہ حڪومتن جو ملڪ مٿان ڪو بہ ڪنٽرول ناھي، اھي صرف گاديءَ جي هنڌ تائين آمريڪي پھريداريءَ ۾ قائم ٿيل حڪومتون آهن، جن کي عراق يا افغانستان جي عوام جي ٽڪي جيتري حمايت بہ حاصل ناھي. عراق ۾ آمريڪي حمايت يافتہ صدام حسين کي ڦاسي ڏيڻ جو صرف ھي آمريڪي مقصد هو تہ جيئن آمريڪا خلاف وڙهندڙ وطن پرست عراقين کي ورھائي سگهجي، فرقيواراڻا فساد ڪرائي سگهجن يا عربن ۽ ڪردن وچ ۾ خانہ جنگي ڪرائي سگهجي، پر عراق جي وطن پرست قوتن انھيءَ آمريڪي سازش کي پرکي ورتو ۽ صدام حسين جي ڦاسيءَ کي ڪا بہ اهميت نہ ڏني ۽ پنھنجون نظرون پنھنجي اصل مقصد کي ماڻڻ تي رکيون. عراق، آمريڪا لاءِ ٻيو ويٽنام بڻجي چڪو آھي. افغانستان جي حامد ڪرزئي جي ڪمزور حڪومت اتحادي فوجن جي پھري ۾ رهندي پنھنجو مقصد نہ پئي ماڻي سگهي.
اڳتي هلي صوماليہ جي صورتحال بہ ساڳي وڃي بيهندي. موجودہ هلندڙ جنگ اڳتي هلي هڪ نئون رخ اختيار ڪري سگهي ٿي، جتي آمريڪا مخالف انقلابي فيڪٽر جي غالب اچڻ جا روشن امڪان آهن. آمريڪا ۽ ايٿوپيا ان ڳالھہ کان خوفزدہ پڻ آهن تہ صوماليہ ۾ هلندڙ جنگ، انقلاب جي جذبي ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ انقلاب جو ھي جذبو ايٿوپيا ۽ اريٽيريا ۾ پڻ هڪ نئين عوامي مزاحمت کي جنم ڏيندو. ايڪوھين صدي آمريڪا جي شڪست جي صدي هوندي ۽ وطن پرستن ۽ عوام جي طرفدار ماڻهن جي ڪاميابيءَ جي نويد هوندي.