ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

مھاڳ: پيڙھيل پورھيت سان پيار ڪندڙ: پروفيسر لياقت عزيز سولنگي

سنڌ ڌرتيءَ جيڪا ھر شيءِ ۾ مالا مال رھي آھي، اُتي ڪيترائي انسان دوست پيدا ٿيا آهن، جن پنھنجي پورھيتن سان پيار ڪندي پنھنجي عُمر سڦل گُذاري، تاريخ جي ورقن ۾ پاڻ کي زندہ رکيو. انسانيت سان اُنس رکندڙ اهڙن مھان انسانن مان پروفيسر لياقت عزيز سولنگي لاءِ چند لفظ لکڻ مناسب سمجهان ٿو. لياقت عزيز سولنگي هڪ غريب ھاري خميسي خان جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس ننڍپڻ غربت ۽ مُفلسي ۾ ٽنڊي محمد خان جي مير محلي ۾ گُذريو. پرائمري تعليم شھر جي ان پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين، جنھن اسڪول م مون بہ پرائمري استاد جي حيثيت ۾ پنھنجا فرائض سرانجام ڏنا. پرائمري، سيڪنڊري ۽ ھاير سيڪنڊري جي تعليم وٺي سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ۽ ماسٽرس جي سنَد وٺي تعليم کاتي ڪرارچي ۾ ليڪچرار طور درس ڏيڻ ۾ مشغول رھيو. گهر جي واحد ڪمائيندڙ جي حيثيت ۾ حيدرآباد شھر اچي وسايائين. ان کان اڳ شاگرديءَ واري دور ۾ هُن شاگرد يونين ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پنھنجا بھترين دوست پيدا ڪري ھر تحريڪ جو مھندار رھيو. هُو پوليٽيڪل سائنس جو ليڪچرار هو، کيس پنھنجي مضمون تي مڪمل عُبور حاصل هو، شاگردن کي ڄاڻ جا خزانا مُھيا ڪرڻ ڏيڻ ڪري شاگرد بہ ساڻس بيحد پيار ۽ محبت ڪندا هئا، جنھن محبت کي اڄ بہ دائمي حيثيت حاصل آھي. هُو وڏو عرصو سچل ڪاليج ۾ رھيو، جتي هُن ڪيترن ئي شاگردن کي سرڪاري ملازمت وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. کيس شاگردن سان بہ بي پناھہ محبت هوندي هئي، تنھنڪري هُو ڪاليج ۾ شاگردن کي فين جي مد ۾ رعايت وٺي ڏيڻ، مفت ڪتاب ۽ ڊريسون ڏيارڻ وارين ڪوششن ۾ وڌي چڙھي حصو وٺندو هو. سندس انھن لِڪل ڪاوشن سبب ڪيترن ئي غريب شاگردن جو مستقبل سنوارجي سگهيو هو. حيدرآباد جي ٽنڊي ولي محمد واري پُررونق علائقي ۾ سندس رھائش هوندي هئي، جنھن ۾ ٻہ ڪمرا هوندا هئا، جن مان هڪ ڪمرو مھمانن لاءِ مخصوص صندل سان سينگاريل هوندو هو. جتي سندس دوست ۽ سياسي ڪارڪن اچي ٿَڪ ڀڃيندا هئا. آرام ڪري، ھر مسئلي توڙي تحرڪ بابت بحث مباحثو ڪري، هُو فيصلا بہ وٺندو هو. 1981ع جي آخر ۾ سيوهڻ ۾ آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي چونڊ ٿي هئي، جنھن جا نتيجا نہ پئي نبري سگهيا، جنھن ڳالھہ جو پرائمري استادن کان وڌيڪ هن کي صدمو رسيو هو. هن جا مرحوم قربان علي ٽانوري سان دُعا سلام جي حد تائين واسطا هئا، مرحوم عبدالرحيم جتوئي سان سندس واقفيت نہ هئي، ان وقت پ ٽ الف جو ٿاڪ (ھيڊڪوارٽر) عرب هوٽل هوندي هئي، جتي هُن اچي ٻنھي ڌڙن سان ڳالھيون ڪيون ۽ ماحول کي سازگار بنائڻ جون اڻٿڪ ڪوششون شروع ڪيون. منھنجي ساڻس اُتي واقفيت ٿي، هُن مونکي سندس گهر اچڻ ۽ ڪچھري ڪرڻ جي دعوت ڏني. آئون ششي پنجي ۾ رھيس ۽ سوچڻ لڳس تہ هن پروفيسر کي پ ٽ الف جي ايتري ڳڻتي ۽ فڪر ڇو آھي؟ ڪٿي سرڪار طرفان ونگار وهڻ جي ڪوشش تہ ڪونہ ٿو ڪري؟ مون پاڻ کي هن کان پَري رکيو، نيٺ ڪجهہ وقت گُذرڻ بعد هن نياپو موڪلي مونکي گهرايو، ڪچھري ڪرڻ ويس، اُتي يعني هن جي رھائشگاھہ واري ڪمري ۾ پيل سامان ڏسي وائڙو ٿي ويس تہ ھي سترھين گريڊ جو ملازم آھي، جنھن جو گهر بہ سادو، کيس سَواري لاءِ بہ ٻين جي سَواري ۾ ڀائيواري ڪرڻي ٿي پوي. سچل ڪاليج بہ ڊيوٽي لاءِ رڪشہ يا پنڌ ڪريو وڃو اُتي پھچي. خير ان ڪچھري ۾ اسان هڪٻئي کي پرکي ناتي نڀائڻ جو عزم ڪيو.اڳتي هلي اُن ناتي اسانکي هڪٻئي جو “گُرو” بنائي ڇڏيو. مارشل لا جي دور ۾ استادن جي مسئلن تي مُلڪ گير تحريڪون گڏجي هلايوسين. اسانجي ان ئي لڳ لاڳاپي جي ڪري پروفيسر دوست مونکي بہ پرائمري استاد بجاءِ پروفيسر سمجهندا هئا ۽ وڌيڪ ڀائيندا هئا. نيٺ اسان گڏجي حيدرآباد شھر جي سطح تي هڪ ڳُجهي ڪميٽي ٺاھي، جيڪا سنڌ جي استادن سان گڏ پورھيتن ۽ مظلومن جي مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪندي هئي. جنھن ۾ سيد علي اڪبر شاھہ، انيس ميمڻ، نذير پٺاڻ، آغا خالد پٺاڻ ۽ ٻيا ڪيترائي رفيق گڏ هوندا هئا. مارشل لا جي دور ۾ لياقت عزيز سولنگي کي ڪافي تڪليفون پھتيون، خوف ڏيارڻ سميت داٻا ۽ ڌڙڪا بہ ملندا هئا. پر “چري ڪيئن! اڳي کان اڳڀري” جي مصداق قافلو هميشہ رَوان دَوان رھيو. هن حيدرآباد ۾ لساني جهيڙن ۾ ڏتڙيل شھرين جي بہ وڏي مدد ڪئي. مونکي تعجب لڳندو هو تہ ڪنھن بہ مسئلي تي تحريڪ هلائڻ لاءِ سڄو پروگرام ٺاھيندو هو پر چندي لاءِ اڳواٽ ڪوبہ پروگرام نہ ٺاھيندو هو. جدوجهد شروع ٿي ويندي هئي، خرچ ضرورت آھر ھر هڪ دوست کي کيسي مان ڪرڻو پوندو هو يا جنرل باڊي جي ميڙ ۾ جهولي فنڊ ڪندو هو، جيڪو بہ ڪارڪنن مان ڪنھن هڪ جي حوالي ڪيو ويندو هو. پاڻ ۾ گڏبا هئاسون تہ سال جا پروگرام ترتيب ڏئي ڇڏيندا هئاسين. آخر ۾ پٽيوالن کان پروفيسرن تائين تنظيم ٺاھي تحريڪ هلائي سون، دريا خان پٽيوالن جو صدر هوندو هو. پرنسپل ويچارا پريشان هوندا هئا تہ ”پٽيوالا چون ٿا تہ سرڪاري ڪم کانسواءِ گهر جو ڪم نہ ڪنداسون، ڊيوٽي لاءِ ڪاليج ٽائيم تائين ٻڌل آھيون پوءِ اسانجي مرضي!“ پروفيسر لياقت عزيز پاڻ انھن جي حمايت ڪندو هو تہ ھي بہ آخر انسان آهن، هنن جا بہ ڪي حق آهن، انڪري سندن ڀرپور مدد ڪرڻ گهرجي. لياقت عزيز جا شھر جي سياسي، سماجي، واپاري تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان خوشگوار لاڳاپا رهندا هئا. منجهس لاتعداد خوبيون هُيون تہ وري کيس سنڌ جي تعليم جو بہ گهڻو اونو هوندو هو. سندس ڪوشش سان اهو فيصلو ڪرايو ويو تہ ڪنھن بہ حالت ۾ سنڌ جو ڪوبہ تعليمي ادارو ڪنھن بہ صورت ۾ بند نہ ڪرايو ويندو. مسئلن تي جدوجهد لاءِ ترتيب ڏنل پروگرامن ۾ تعليمي ادارن جي بند ٿيڻ جو ڪو بہ فيصلو نہ هوندو هو. سندس ڪوشش سان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان تعليمي تباھي واري ڳڻتي جوڳي صورتحال بابت ”جرڳا ڪميٽي“ قائم ڪئي وئي، جنھن ڪميٽي سڀني حقيقتن تان پردو کڻي سفارشون ترتيب ڏنيون تہ آئندہ ڇا ڪرڻو آھي!
منھنجي اغوا جي واردات ٿي تہ منھنجي عزيزن کان وڌيڪ کيس اونو ۽ گهڻي پريشاني رھي، سڄي سڄي رات پيو واردات بابت جاچ ڪندو هو. جڏهن آئون تنظيم جي عھدي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري چڪو هئس، جنھن جو سبب اهو هو تہ مالي طور مونکي سخت ڏُکيائين کي مُنھن ڏيڻو پوندو هو، ايتريقدر جو مون وٽ حيدرآباد جو ڀاڙو ڏھہ رپيا ڀرڻ جي بہ طاقت نہ هوندي هئي ۽ انفرادي طور ڪنھن دوست کان پئسا وٺڻ جي بہ عادت نہ هوندي هئي. جيڪو مسئلو مون پنھنجي سياسيي رفيقن آڏو رکيو، جن منھنجي حالتن کي مدِنظر رکي اهڙي اجازت ڏني پر لياقت عزيز کي سخت صدمو رسيو. نيٺ حيدرآباد شھري سطح تي سڀني دوستن جي گڏجاڻي پنھنجي گهر گهرايائين، جنھن ۾ عزيز سلام بخاري بہ شريڪ ٿيو هو. ان گڏجاڻي ۾ مون پنھنجي سڄي حقيقت دوستن جي اڳيان رکي، سڀني وڏي بحث مباحثي بعد آخر ۾ اهو فيصلو ڪيو تہ ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد شھر کان ٻاھر گڏجاڻين ۾ نہ وڃڻ کپي، سموري سنڌ ۾ سرڪيولر موڪلي ڇڏجي تہ هفتي ۾ ٻہ ڏينھن ڊائريڪٽر آفيس حيدرآباد ۾ آئون حاضر هوندس ۽ دوستن جا مسئلا حل ڪرائيندس ۽ اھي ڏينھن سومر ۽ جمع هئڻ کپن. مونکي فيصلو صحيح نہ پئي لڳو پر جواب ڏيڻ لاءِ ڪو مواد ذهن ۾ نہ پئي آيو، نيٺ دماغ جاءِ تي آيو تہ کين چيم تہ سکر کان استاد اچن ٿا اڱاري يا اربع ڏينھن، ھاڻ انھن کي چوان تہ واپس وڃو، سومر يا جمع تي اچجو، تہ ان تي استادن جي دل ۾ منھنجي لاءِ ڪھڙا مثبت احساس پيدا ٿيندا؟ ائين مشڪل آھي. اهڙي ريت نيٺ آئون عھدي تي اچڻ کان بچي ويس. مطلب تہ لياقت عزيز تنظيم لاءِ بھترين ورڪر بہ هو تہ بھادر اڳواڻ بہ هو، هُن وٽ سچائيءَ ۽ محبت جا مڻين هوندا هئا. جيڪو ڪجهہ چوندو يا ڪو فيصلو ڪندو هو تہ ان تي پاڻ ۽ سندس ساٿي عمل پيرا بہ رهندا هئا. نوڪري تان ريٽائر ٿيڻ تي دوستن لياقت عزيز کي الوداعي پارٽي ڏيڻ لاءِ جٿن جي صورت ۾ پھچي بار وڌا پر هُو بار بار انڪار ڪندو رھيو. نيٺ تمام گهڻي دٻاءُ بعد الوداعي پارٽي لاءِ شرطيہ آڇ قبول ڪيائين. سندس شرط اهو هو تہ الوداعي پارٽي جي صدارت مظھرالحق صديقي ڪندو ۽ مھمان خاص قادر بخش طالباڻي ( يعني (آئون) هوندو ۽ سندس دوستن ائين ئي اھا الوداعي پارٽي ڪئي. قلم ۽ ڪاغذ ڄڻ تہ سندس خاص ڪِرت هئي، ڏينھن رات جي ان ڪِرت ئي آخر ۾ کيس دماغي بيماري ڏئي مفلوج ڪري ڇڏيو. ان عرصي ۾ چڱا ڀلا هٿ اڳتي وڌڻ کان نابري واري بيھي رھيا پر پروفيسر يعقوب چانڊيي سندس واھہ جي خدمت ڪئي، جنھن مھل جتي بہ هڪل ڪندو هو چانڊيو صاحب پھچي سندس سڀ انگل بي ڌڙڪ پورا ڪندو هو. نيٺ سندس صدوري فرمانبردار ٻچڙي ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي کيس نسيم نگر حيدرآباد مان لڏو کڻائي، ٽنڊي محمد خان پنھنجي اکين آڏو منتقل ڪري، باقي ڏھاڙا سندس دل و جان سا خدمت ڪئي. هُو ”راڄن جو راڻو، مُور نہ وِڪاڻو“ هوندو هو، جنھن پاڻ يا سندس ڪنھن بہ عزيز سندس علاج لاءِ ڪنھن کي ڪا بہ ايلاز يا منٿ نہ ڪئي. کيس ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ داخل ڪرائي، ذاتي طور هڙان وڙان خرچ ڪري سندس علاج ڪرايو ويو پر شاھہ لطيف چواڻي تہ ”ڦڪيون تڏهن فرق ڪن، جڏهن امر ٿئي ان کي.“ اُتي ئي 30 سيپٽمبر 2018ع تي هُن دم ڌڻي حوالي ڪيو. کيس سندس آبائي قبرستان ٽنڊي محمد خان ۾ مٽيءَ ماءٌ حوالي ڪيو ويو. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي تہ هليو ويو پر پويان ڪيئي داستان ۽ قصا ڇڏي ويو، جيڪي اسانجي اُتساھہ لاءِ ڄڻ تہ آڪسيجن آهن. لياقت عزيز سولنگي جي پَر سندس ٻچڙو ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي اڄ بہ اسان سان نڀاھيندو اچي. هُو کيرون لهڻي جو نہ رڳو پروفيسر لياقت عزيز کي ياد ڪرڻ جي ڪِرت هٿان نہ وڃائي اٿس پر سندس دوستن سان بہ ھر وقت رابطي ۾ رھي ٿو. وڏي ڳالھہ اھا آھي جو پروفيسر لياقت عزيز جي وڇوڙي پُڄاڻان سندس علمي ادبي خدمتن جي تاريخ کي زندہ رکڻ لاءِ سندس ٽڙيل پکڙيل لکڻيون سھيڙي ڪتابي صورت ۾ ان کي ڇپائي پڌرو ڪري، انھن لکڻين کي هميشہ لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو اٿس. جيڪو ڪم هڪ لائق فرزند ئي ڪري سگهي ٿو. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي لکڻين ۾ سموري سنڌ ڇلڪي ٿي، ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ سندس پيڙاءُ خاص طور سنڌ جي تعليم جو اونو ۽ تعليم جي تباھي جي پريشاني سندس لکڻين ۾ پڌري پٽ پروڙي سگهجي ٿي. شال لياقت عزيز سولنگي جي هن قلمي پورھيي کي هڪ تاريخي دستاويز جي شڪل ۾ آڻڻ وارو ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي جو پورھيو سنڌ جي ساڃاھہ وٽ قبول پوي.

قادر بخش طالباڻي