ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

تعليم جو ٻيڙو ڪيئن ٿو تري سگهي؟

تازو اسٽيٽ بئنڪ طرفان پاڪستان جي معيشت بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ ان ڳالھہ جو اعتراف ڪيو ويو آھي تہ مسلسل مھانگائيءَ جي نتيجي ۾ ھر شيءِ جي قيمت ٻيڻي ٿي چڪي آھي ۽ ناڻي جي واڌ ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، ان صورتحال ۾ وزيراعظم سان ملاقات ۾ سندن پاران ڪيل اهو مطالبو سئو سيڪڙو جائز محسوس ٿئي ٿو تہ، استادن جي پگهارن ۾ بہ سئو سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. اھا ڪا لڪل ڳالھہ نہ آھي تہ استادن وٽ پگهار کان سواءِ گذر سفر جو ٻيو ڪوبہ ذريعو نہ هوندو آھي. ڪنھن دور ۾ پرائمري استاد جي پگهار سون جي تولي جي ملھہ برابر هوندي هئي، پر ھاڻي ائين ناھي، استاد کي جسم ۽ روح جي رشتي کي قائم رکڻ لاءِ وڌيڪ هٿ پير هڻڻا پون ٿا. اهو ئي سبب آھي، جو استادن جي اڪثريت نوڪريءَ سان گڏ ٻيا ڌنڌا بہ ڪرڻ تي مجبور آھي. ڪي ٽيوشن پڙھائين ٿا، ڪي مانڊڻيون هلائين ٿا، ڪي مال پڙين تي چوپائي مال جي خريد و فروخت ڪرائي ٻہ پئسا ڪمائين ٿا، انڪري ئي استادن جي اڪثريت اسڪولن مان غائب رھي ٿي ۽ پيٽ گذر لاءِ ٻين ڪمن ڪارين ۾ مصروف رھي ٿي، توڙي جو جيڪو استاد ڪلاس نٿو وٺي، اهو نہ رڳو سرڪار جو، پر قوم جو بہ ڏوھي آھي. استادن جي ڪلاسن مان غائب رهڻ سبب سموري استاد برادري سماج ۾ خوار خراب ۽ رسوا ٿي آھي، استادن جي اڪثريت ۾ اھا ”ڪميٽمينٽ“ نہ رھي آھي، جيڪا هڪ قوم جي سجاڳ ۽ ذميوار فرد ۾ هئڻ گهرجي، جيتوڻيڪ استاد انھيءَ ڪارخاني جو ڪاريگر آھي، جتي ذهن تيار ٿين ٿا، پر انھن ئي استادن پنھنجي فرض ۾ ڪوتاھي ڪري سنڌي سماج کي ڪيئي سال پٺتي ڌڪي ڇڏيو آھي، ڪي استاد انھيءَ ڳالھہ کي ائين پيش ڪندا آهن تہ استادن جون پگهارون گهٽ آهن، انڪري اھي ٻين ڌنڌن ۾ لڳل آهن ۽ پڙھائيءَ ۾ ڪوتاھي ڪن ٿا، تڏهن عجيب لڳندو آھي، ڇاڪاڻ تہ اھي پنھنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان هن پيشي طرف آيا آهن، کين اڳواٽ اھا خبر هوندي آھي تہ هن شعبي ۾ پگهارون اھي ئي آهن، ان جي باوجود اهڙو ڪو جواز ڄاڻائي، مورڳو ڪلاسن مان غائب رهڻ يقينن قومي ۽ اخلاقي ڏوھہ آھي. اھا ڳالھہ بہ پنھنجيءَ جاءِ تي اهميت جوڳي آھي تہ ضرورتون ئي ماڻهوءَ کي ڏوھي بڻائين ٿيون، مھذب ملڪن ۾ پرائمري استادن جي پگهار سيڪنڊري ڪاليجن ۽ يونيورسٽيءَ جي استادن کان بہ وڌيڪ هوندي آھي، ڇاڪاڻ تہ پرائمري تعليم، تعليمي سرشتي جي پٺيءَ جي ڪنڊي جيان آھي، جيڪڏهن اهو ئي سڌو نہ هوندو تہ زندگي صحيح معنى ۾ سک سان هلي نٿي سگهي، ان ڪري ان ڳالھہ تي هڪ ئي راءِ آھي تہ استادن جي پگهار ۽ الائونسس لاءِ هڪ الڳ ڪميشن ويھاري، انھن کي ان قابل بڻائڻ گهرجي تہ جيئن استاد گهٽ ۾ گهٽ روزاني زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگهن، پر ان جي باوجود ان ڳالھہ کي بہ نظرانداز نہ ڪرڻ گهرجي، تہ پگهارن جي بھاني پنھنجيءَ قوم جي ايندڙ نسلن کي جهالت جي اونداھيءَ ۾ ڌڪڻ هڪ سنگين قومي ڏوھہ آھي، جنھن جي سزا ايندڙ ڪيئي نسلن کي ڀوڳڻي پوندي.
اسان وٽ استادن جو هڪ اهم مسئلو ترقين لاءِ ٽائيم اسڪيل نافذ ڪرڻ وارو آھي. ماضيءَ ۾ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن طرفان استادن جي ترقين لاءِ هڪ فارمولو جوڙيو ويو هو، پر ان تي بہ عمل نہ ٿي سگهيو. اهو فارمولا فقط ڪاليجي ۽ يونيورسٽين جي استادن لاءِ هو، جنھن مطابق گهٽ ۾ گهٽ 7 سال ليڪچر طور بھتر نموني فرض نڀائيندڙ استاد کي مقرر ڪيل مدي کانپوءِ اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ڏني ويندي. 6 سال اسسٽنٽ پروفيسر طور ڊيوٽي ادا ڪندڙ کي ايسوسيئيٽ پروفيسر، جڏهن تہ 5 سال ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ڪم ڪندڙ کي سندس ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي پروفيسر طور ترقي ڏني ويندي، جيڪڏهن اهڙو ٽائيم اسڪيل تحت جڙندڙ فارمولو واقعي بہ ھر سطح تي نافذ ڪيو وڃي تہ تعليمي ماحول ۾ گهڻي بھتري اچي سگهي ٿي ۽ استادن جا مسئلا بہ گهڻيءَ حد تائين حل ٿي سگهن ٿا. تازو استادن هڪ مطالبو اهو بہ ڪيو آھي تہ ھائوس رينٽ ڪرنٽ پي اسڪيل تحت ڏنو وڃي. هن وقت وڏن شھرن، خاص طور ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي استادن کي بنيادي پگهار جو 45 سيڪڙو، جڏهن تہ باقي علائقن ۾ 30 سيڪڙو ھائوس رينٽ ڏنو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ پگهارن ۾ تہ واڌارو ڪيو ويو، پر ھائوس رينٽ منجمند (Freeze) ئي رھيو، نتيجي ۾ عملي طور استادن کي وڏن شھرن ۾ جيڪو ھائوس رينٽ ملي ٿو، اهو 20 سيڪڙو آھي ۽ ٻھراڙين ۾ 15 سيڪڙو آھي، جڏهن تہ سيڪريٽريٽ، بينڪن ۽ ٻين خودمختيار ڪارپوريشنس ۾ ھائوس رينٽ ڪرنٽ پي اسڪيل تحت ڏنو وڃي ٿو پر استادن لاءِ اهڙو قانون نٿو جوڙيو وڃي. سالن کان وٺي ڪنوينس الائونس بہ هڪ هنڌ بيھي رھيو آھي، جڏهن تہ گاڏين جي ڀاڙن ۾ غير معمولي واڌ ٿي چڪي آھي، نتيجي ۾ ڪيترائي استاد شاگردن وانگر اڌ ڀاڙو ڏين ٿا ۽ ائين شرمساريءَ جو منھن ڏسن ٿا.
استادن جي ٻارن کي پروفيشنل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا توڙي نوڪرين لاءِ ڪوٽا وارو مسئلو بہ سندن مستقبل جي حوالي سان گهڻي اهميت رکي ٿو. ماضيءَ جون حڪومتون ان حوالي سان 25 سيڪڙو ڪوٽا ڏينديون رھيون آهن، پر اھا ڪوٽا صرف پرائمري ۽ سيڪنڊري استادن تائين محدود هئي، جنھن کي بہ اسان جي استاد اڳواڻن غلط استعمال ڪيو. اولاد جي نالي تي نوڪريون وٺي، ٻين ماڻهن کي وڪرو ڪيون ويون. ائين استاد اڳواڻن ۾ ڪرپشن ڪاھي پيئي تہ سموري برادريءَ جي بدنامي بہ ٿي. هن وقت يونيورسٽين جي استادن ۽ ملازمن جي اولاد لاءِ تہ سيٽون مخصوص آهن، پر پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليجي استادن جي اولاد لاءِ ڪي بہ سيٽون مخصوص ناهن. سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر غلام علي الانا استادن جي اولاد لاءِ ٻہ ٻہ سيٽون مخصوص ڪيون ھيون، جنھن کي مظھرالحق صديقي بہ برقرار رکيو آھي. جيڪڏهن ميڊيڪل يونيورسٽي، انجنيئرنگ ۽ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ بہ استادن جي ٻارن لاءِ سيٽون مخصوص ڪيون وڃن تہ اسان استادن جي ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. هن وقت تعليم کاتي جو اهم مسئلو ايڊھاڪ بنيادن تي ڀرتيون بہ آھي. ايڊھاڪ ۽ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي جيڪي ڀرتيون ٿين ٿيون، انھن ۾ سفارش يا رشوت جو عمل دخل وڌيڪ رھي ٿو. هڪ اڳوڻي وزير تعليم ڪانٽريڪٽ جي بنيادن تي 741 ليڪچرار ڀرتي ڪيا هئا ۽ اھا ڳالھہ بہ عام ٿي ويئي هئي تہ ھر هڪ ليڪچرار جي پوسٽ لاءِ 80 هزار کان هڪ لک رپين تائين ورتا ويا آهن. رشوت ڏسڻ ۾ نہ ايندي آھي ۽ نہ ڪو وٺڻ وارو ثبوت ڇڏي ويندو آھي، ان ڪري ايڊھاڪ ۽ ڪانٽريڪٽ جي بنيادن تي ڀرتين جي خامي سان اهل ماڻهن کي موقعو ملندو ۽ تعليم کاتي ۾ بھتر تبديلي ايندي. اسان وٽ استادن جي پگهارن مان ھر مھيني سوين رپيا گروپ انشورنس طور ڪٽيا وڃن ٿا، پر اھي پئسا بہ استادن جي وارثن کي تڏهن ئي ملندا آهن، جڏهن استاد ھي جهان ڇڏي چڪو هوندو آھي. جيڪڏهن ڪو استاد جيئري ريٽائر ٿيو تہ کيس هڪ رپيو بہ انشورنس جو ناھي ملندو، ظاھر آھي تہ اھا هڪ وڏي زيادتي آھي. مرڻ يا جيئڻ سان انشورنس اسڪيم تي تہ ڪو اثر نٿو پوي، ان ڪري انشورنس ڪمپنين جيان گروپ انشورنس جا پئسا رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ڏيڻ لاءِ قانون ۾ ترميم ٿيڻ کپي، جيئن استادن کي اھا ٻڏل رقم ملي سگهي. مرڪزي يا صوبائي سطح تي Monitoring جو سسٽم بہ انتھائي ڪمزور آھي. جيڪڏهن ان نظام کي بھتر بڻائي ان ۾ ڪامورن سان گڏوگڏ سماجي ورڪر ۽ ورڪنگ استاد بہ شامل ڪيا وڃن تہ تعليمي ماحول کي بھتر بڻائي سگهجي ٿو. موجودہ سرڪار استادن کي ”بيسٽ ٽيچر“ ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آھي، پر ان ۾ بہ انصاف نٿو ڪيو وڃي. اسان جي ريجن ۾ ”بيسٽ پرنسپل“ جو ايوارڊ ان ڪاليج جي پرنسپال کي ڏنو ويو، جنھن کي چارج وٺندي ڇھہ مھينا مس ٿيا هئا. هوءَ ويچاري پاڻ ئي حيران پريشان هئي تہ هن کي ڪھڙيءَ طرح ”بيسٽ پرنسپل“ جو ايوارڊ ڏنو ويو آھي؟ بيسٽ ٽيچر جو ايوارڊ بہ هڪ اهڙي استاد کي ڏنو ويو، جنھن ڪڏهن بہ ڪلاس جو منھن نہ ڏٺو هو. جيڪڏهن خود تعليم کاتو ئي اهڙن استادن جي همٿ افزائي ڪندو رهندو تہ آخر تعليم جو ٻيڙو ڪيئن ترندو؟