عوام دوست بجيٽ جون دعوائون ۽ مھانگائي!
ھاڻ جڏهن اسان موجودہ ساليانہ بجيٽ جو جائزو وٺنداسين تہ موجودہ بجيٽ مان عام ماڻهو کي ڪو بہ فائدو نہ ملي سگهندو، ڇاڪاڻ تہ گذريل ٻن سالن جي ڀيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين کنڊ، اٽي، دالين ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ ٻہ سئو سيڪڙو اضافو ٿيو آھي. حڪمرانن هميشہ عوام کي انھيءَ خوف ۾ مبتلا رکيو آھي تہ پاڪستان سان ڪا جنگ ٿيڻ واري آھي، ان لاءِ مضبوط دفاع ضروري آھي. دنيا ۾ وڌندڙ گلوبلائيزيشن کان پوءِ دشمنيون گهٽجي رھيون آهن ۽ دوستيون وڌي رھيون آهن. دنيا جي نئين حالتن مطابق، آمريڪا ڀارت کي هن خطي ۾ چڱو مڙس مقرر ڪرڻ چاھي ٿو، ۽ آمريڪا جي خواهش تي پاڪ -ڀارت ناتا بھتر ٿي رھيا آهن. 1947واريون قائم ڪيل سرحدون ۽ نفرتون ھاڻ نالي ماتر وڃي رھيون آهن. دفاع تي 27 ارب رپيا وڌائڻ بدران اڳوڻي مخصوص ڪيل رقم ۾ پڻ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي ھا ۽ اھا رقم سماجي شعبن لاءِ مخصوص ڪئي وڃي تہ عوام جي ھانءَ تي ڪجهہ ڇنڊو پوي ھا. هڪ فلاحي رياست جو اهو بنيادي فرض هوندو آھي تہ اھا عوام جون بنيادي گهرجون پوريون ڪري. حڪومت جو اولين فرض ملڪ ۾ وڌندڙ موتمار مھانگائيءَ کي روڪڻ آھي، جنھن جي ڪري عالمي سروي مطابق پاڪستان جو 82 سيڪڙو عوام غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رھيو آھي، يعني انھن کي هڪ ويلو ماني بہ مشڪل سان ملي ٿي. سرڪار جي اھا دعويٰ تہ حڪومت طرفان قائم ٿيل يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ، داليون، اٽو ۽ ٻيون شيون سستي اگهن تي ملنديون. جيڪڏهن ايمانداري سان جائزو ورتو وڃي تہ يوٽيلٽي اسٽور وڏن شھرن ۾ قائم ٿيل آهن ۽ تعلقي ھيڊ ڪوارٽرز ۾ اهڙا يوٽيلٽي اسٽور قائم ٿيل ناهن. ملڪ جي آباديءَ جو 75 سيڪڙو اڄ بہ ٻھراڙين ۾ رھي ٿو. سوال آھي تہ حڪومت هنن مسڪين ماڻهن کي سستي اگهہ تي شيون ڪٿي ۽ ڪيئن فراهم ڪندي؟ شھرن ۾ جيڪي يوٽيلٽي اسٽور آهن، انھن جو تعداد بہ گهٽ آھي. ٻہ ڪلو کنڊ وٺڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ھر ماڻهوءَ جا 8 ڪلاڪ ضايع ٿين ٿا، يعني ماڻهو آفيس مان يا تہ موڪل وٺي يا ڪو مزدور پنھنجي هڪ ڏينھن جي ڏھاڙي وڃائي يوٽيلٽي اسٽور جي لائين ۾ 8 ڪلاڪ بيھي ٻہ ڪلو کنڊ حاصل ڪري ۽ ان سان گڏ ٻيون شيون بہ خريد ڪري. حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ صرف 15 سيڪڙو مھانگائي الائونس جو اضافو ڪيو آھي، جڏهن تہ مھانگائي 200 سيڪڙو وڌي آھي ۽ شين جي اگهن تي حڪومت جو ڪو هٿ وس نٿو هلي. ھر روز ڪنھن نہ ڪنھن شيءِ جو اگهہ وڌي ٿو. پگهارن جي اضافي جو شرط وڌندڙ مھانگائي ۽ افراط زر سان مشروط ڪيو وڃي، نہ تہ سرڪاري ملازم کي مھانگائيءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ بي ايمانيءَ وارا طريقا اختيار ڪرڻا پوندا. ڪو بہ انسان پنھنجي ٻچن کي بک وگهي مرڻ واري حالت کي ڪنھن بہ صورت ۾ پسند نہ ڪندو. ان لاءِ هن کي ھر قانون جي حد اورانگهڻي پوندي، ان ڪري ڪنھن ڏاھي چيو آھي تہ، ”ھر ڏوھہ جي جڙ بُک آھي، جيڪڏهن بُک کي ختم ڪيو وڃي تہ سماج مان خود بخود ڏوھہ ختم ٿي ويندا.“
حڪومت صنعتن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور جو گهٽ ۾ گهٽ پگهار 4000 مھانگائيءَ جي لحاظ کان بلڪل گهٽ آھي. جيڪڏهن ٻن ٻارن، ماءُ ۽ پيءُ تي مشتمل چئن ماڻهن جي ماھانہ بجيٽ ٺاھي وڃي تہ في ماڻهو کي هڪ ويلي جا مشڪل سان 7 رپيا 40 پئسا ملندا. پاڪستان جو ڪوبہ اقتصادي ماھر 4 هزار رپين مان چئن ڀاتين تي مشتمل هڪ خاندان جي بجيٽ ٺاھي ڏيکاري. زندگيءَ جون حقيقتون ڏاڍيون تلخ آهن. پيٽ وڏو پاپي آھي، هن پيٽ کي ڀرڻ لاءِ انسان کي ڇا نٿو ڪرڻو پوي. ڪاش! اسانجي ملڪ جا اقتصادي ماھر انگن، اکرن تي وڃڻ بدران زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کي ڏسي پوءِ بجيٽ ٺاھين. پاڪستان ۾ ڏينهون ڏينھن بيروزگاري وڌي رھي آھي، لکين نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي رلندا وتن ٿا. حڪومت هن بجيٽ ۾ بيروزگار نوجوانن کي بيروزگاري الائونس ڏيڻ لاءِ ڪو بہ اعلان نہ ڪيو آھي، جڏهن تہ ھر مھذب رياست ۾ بيروزگارن لاءِ مثبت قدم کنيا وڃن ٿا. 1977ع کان اڳ رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن جي پينشن جي واڌاري وارو مسئلو سمجهہ ۾ نٿو اچي. جيڪي سرڪاري ملازم 1977ع کان اڳ رٽائر ٿيا هوندا، انھن جي عمر لازمي طور 90 سال هوندي. مونکي سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ اهڙن سرڪاري ملازمن جو تعداد ڪيترو هوندو؟ پر جيڪڏهن اهو فيصلو فوج مان ريٽائرڊ ٿيندڙ ڪميشنڊ ۽ نان ڪميشنڊ آفيسرن لاءِ ڪيو ويو آھي تہ پوءِ ان جي کليل وضاحت ڪئي وڃي. حڪومت کي صرف ۽ صرف مھانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ کاڌي پيتي جي شين، يعني اٽي، دالين، کنڊ، چانھہ، گيھہ، مصالحن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو ڪمي ڪرڻ کپي ھا. پيٽرول، ڊيزل، گئس ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ بہ 50 سيڪڙو ڪمي ڪري ھا تہ پوءِ اسان هن بجيٽ کي ”ويلفيئر بجيٽ“ سڏيون ھا. هن بجيٽ اچڻ کان پوءِ مھانگائي گهٽ ٿيڻ بدران وڌندي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ”مالياتي مئنيجرن“ کي عوام جي مفادن بدران ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جو مفاد پيارو آھي. اسان جي اڪثريتي مالياتي مئنيجرن جو تعلق هن ڌرتيءَ بدران ٻاھرين ملڪن سان آھي. اھي هن ملڪ جي ”مارڪيٽ اڪانامي“ کي يورپ، خاص طور تي آمريڪا ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي تابع ڪرڻ گهرن ٿا. پر شايد اھي اھا ڳالھہ وساري ويٺا آهن تہ دنيا ۾ خاص طور تي لاطيني آمريڪا، نيپال ۽ ٻين ملڪن مان هڪ ”گلابي لھر“ وري اٿي آھي، جنھن ۾ ھر استحصالي نظام تباھہ و برباد ٿي ويندو، ڪا بہ دنيا جي طاقت ان کي روڪي نہ سگهندي.