ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران

مون پنھنجي گذريل ڪالم ۾ لکيو هو تہ عراق کان پوءِ آمريڪي جارحيت جو آئندہ نشانو ايران هوندو ۽ ايران تي حملي ڪرڻ لاءِ آمريڪا هڪ نئين “War Strategy” ٺاھي آھي تہ هو ايران تي سڌي طرح حملو نہ ڪندو پر پنھنجي ناجائز اولاد اسرائيل ذريعي ميزائيلن ذريعي حملو ڪرايو ويندو ۽ پاڪستان تي بہ آمريڪا جو دٻاءُ آھي تہ ماضي وانگر پاڪستان جي سرزمين تي کين آمريڪي هوائي فورس لاءِ اڏا ڏنا وڃن تہ جيئن اھي ايران تي حملي لاءِ استعمال ڪري سگهجن. مون اھا بہ راءِ ڏني هئي تہ عراق جيان ايران کي فتح ڪرڻ آمريڪا لاءِ ناممڪن آھي، ڇاڪاڻ تہ عراق- ايران جي ڊگهي بي مقصد جنگ جيڪا آمريڪا عراق جي سابق صدر صدام حسين ذريعي ايران تي مڙھي هئي، اھا ايران ۾ امام خميني جي انقلاب کان پوءِ پيدا ٿيل ”وطن پرستي“ ڪري ناڪام ٿي هئي. هن جنگ ۾ ايران جي مردن، عورتن، نوجوانن ۽ ٻارن جنھن حب الوطنيءَ سان مقابلو ڪيو هو، اهو جذبو ڏينهون ڏينھن ننڍڙي ٻوٽي مان هڪ مضبوط وڻ بڻجي چڪو آھي. مغربي مفڪرن جي راءِ ۾ تہ ايران تي حملي ڪرڻ جو وقت اچي چڪو آھي. انھن مطابق، هن وقت عراق ۽ افغانستان ۾ آمريڪا جي ناڪامي جي ڪري آمريڪا جي عوام اندر بش حڪومت ذليل ۽ خوار ٿي رھي آھي ۽ آمريڪا جي وزارت دفاع جي حڪمت عملي هوندي تہ ايران تي ڪامياب حملو ڪري ٻيھر آمريڪي عوام جي حمايت حاصل ڪئي وڃي ۽ عراق ۽ افغانستان ۾ ناڪامي جي ڪري ٿيندڙ تنقيد جي باھہ کي ٿڌو ڪيو وڃي. بعض سياسي مبصرن جي راءِ آھي تہ ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي جي ڪري دنيا ۾ ٽين مھاڀاري ويڙھہ لڳڻ جا خدشا وڌي ويندا. مغربي مفڪرن آڏو ھي سوال بہ آھي تہ آمريڪا ايران تي جيڪو حملو ڪندو اهو ڪھڙي نوعيت جو هوندو؟ ۽ اهو حملو ڪٿان شروع ڪيو ويندو؟ ايران زمين جي لحاظ کان دنيا ۾ 70 نمبر تي وڏو ملڪ شمار ٿئي ٿو. ايران جي ايراضي 1648195 چورس ڪلوميٽر آھي. ايران جي پاڙيسري ۽ ويجهي سرحدي ۽ سامونڊي ملڪن ۾ ترڪمانستان، آذربائيجان، آرمينيا، روس، قازقستان ۽ ٻئي طرف عراق، ترڪي، افغانستان ۽ پاڪستان آهن. ايران جي ٻن طرفن کان سمنڊ آهن. هڪ طرف چئني پاسن خشڪي ۽ گهرو کاري پاڻي جي وڏي ڍنڍ جيان بحيره ڪئسپيئن سمنڊ آھي، جنھن سان هن جا سرحدي پاڙيسري ملڪ ترڪمانستان، آذربائيجان، آرمينيا، روس ۽ قازقستان آهن. ٻئي طرف آبناءِ اومان ھرمز ۽ خليج فارس سان سامونڊي حدن جي ويجهو اومان متحدہ عرب امارات، سعودي عرب ۽ ڪويت آهن. زمين ذريعي ايران جي سرحدن جي ڊيگهہ 8731 ڪلوميٽر آھي، جڏهن تہ سمنڊن جي ڪنارن جي سرحدن جي ڊيگهہ 2700 ڪلوميٽر آھي، ايران وچ ايشيا جي ملڪن ۽ مشرق وسطى جي وچ ۾ هڪ پُل وانگر آھي، جڏهن تہ پاڪستان ۽ افغانستان سان ملندڙ سرحدن جي لحاظ کان ايران، ترڪي کان اڳ ڏکڻ ايشيا، سارڪ ملڪن ۽ يورپ کي خشڪيءَ جو رستو ڏئي ٿو.
1914ع کان 1918ع تائين اهو زمانو آھي، جڏهن برطانيہ دنيا جي ”سپر پاور“ هو. سڄي دنيا جي واپار تي سامونڊي حڪمراني جي ڪري برطانيہ جو ”ڌاڪو“ هلندو هو. جرمني هن جي ٽوڙ لاءِ ترڪي جي سلطنتِ عثمانيہ سان معاهدو ڪري ”جدہ ريلوي“ لائين شروع ڪئي هئي تہ جيئن تيل جي دولت سان مالامال عرب ملڪن کي ريلوي ذريعي يورپ سان ملايو وڃي. منصوبو ھي هو تہ جدہ (سعودي عرب) کان ريلوي لائين ترڪي تائين اچي ۽ انھيءَ کانپوءِ آسٽريا ۽ جرمنيءَ سان ان کي ملايو وڃي. اهڙي طرح جرمنيءَ جي اھا خواهش هئي تہ مسلمان ملڪن ۾ هن جو اثر ۽ قبضو مستحڪم ٿئي تہ پوءِ هندوستان، ايران ۽ ترڪي کي ريلوي لائين سان ملايو وڃي. انگريزن پنھنجي دور اقتدار ۾ دفاعي نقطہ نظر کان بلوچستان ۾ ريلوي لائين وڇائي، جيڪب آباد کان سبي، ڪوئٽا کي ملائڻ کانپوءِ ايران جي سرحدي شھر زاهدان تائين ۽ پاڪستان- افغانستان سرحد تي ”چمن“ تائين ۽ پوءِ پاڪ- افغان سرحد تي ٻئي طرف ”زوب“ تائين ريلوي لائين وڇائي. ھاڻ تازي صورتحال اھا آھي تہ ايران جلدي تھران کان زاهدان تائين ريلوي لائين مڪمل ڪرڻ وارو آھي، جڏهن تہ ٻئي طرف تھران کان ترڪي تائين ريلوي لائين آھي. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ چند سالن اندر ڀارت، بنگلاديش پاڪستان، نيپال، مالديپ ۽ سري لنڪا جا رهواسي بہ يورپ تائين ريلوي سفر ڪري سگهندا ۽ واپار جي لحاظ کان مال گاڏيون بہ هلايون وينديون. اهڙي طرح پاڪستان بندرگاھہ ”گوادر“ جي ويجهو خليج فارس ۾ آبنائي ھرمز ۾ سامونڊي پٽي ايتري تہ سوڙھي آھي، جو بعض جاين تي جيڪڏهن ٻہ سامونڊي جهاز روڪيا وڃن تہ عرب ملڪن مان تيل جي سپلاءِ ۽ تجارت منقطع ٿي سگهي ٿي. ايران سياسي لحاظ کان دنيا جي گلوبل سياست ۾ اهميت اختيار ڪري ويو آھي تہ هن جو اثر عراق، لبنان ۽ فلسطين تي پئجي رھيو آھي ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي ۾ ايران ايترو باصلاحيت ۽ مضبوط ٿي چڪو آھي جو سمنڊ ۾ ڪافي پري تائين دشمن کي روڪي سگهي ٿو. تازو لبنان- اسرائيل جنگ ۾ ايراني ميزائلن جي ڪري اسرائيل کي ذلت آميز شڪست ملي. ايران اڄ هڪ اهڙي طاقت بڻجي ويو آھي، جيڪو هن خطي ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي مفادن لاءِ هڪ مضبوط چئلينج آھي. ايران کي ايٽمي قوت ناھي، پر عالمي سطح تي ايٽمي صلاحيتن جي معائني کان منع ڪرڻ جي عمل ڪري ھاڻ عالمي سطح تي آمريڪا، برطانيا ۽ اسرائيل ۾ ڪافي پريشاني ۽ ڳڻتي آھي. جيستائين عالمي سياسي ۽ خارجي محاذن جو تعلق آھي تہ اھا بدقسمتي چئبي تہ ايران کي اقوام متحدہ جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ سفارتي طور تي ناڪامي نصيب ٿي آھي، جنھنڪري ايران تي پابنديون وجهڻ جو فيصلو ٿيو. ايران کي ”يورپي يونين“ مان اميد هئي، پر انھن ايران کي مايوسي کانسواءِ ڪجهہ بہ نہ ڏنو. روس ۽ چين ٻنھي ملڪن مان ڪنھن بہ ملڪ ايران جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان حمايت نہ ڪئي. ايران پنھنجي ايٽمي تنصيبات جي معائني جي باري ۾ في الحال Yes sir بڻيل آھي. هو ايران تي حملي جي معاملي ۾ شايد آمريڪا جي ھا ۾ ھا نہ ملائي، ڇاڪاڻ تہ ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي جي نتيجي ۾ پاڪستان ”خانہ جنگي“ (Civil War) جو شڪار ٿي سگهي ٿو، حڪمران توڙي حزب اختلاف اھا ڳالھہ سمجهن ٿا. هن وقت ايران جي پاڙيسري ملڪن ۾ گهڻو ڪري سڀ اسلامي ملڪ آهن، پر ترڪي، پاڪستان، عراق ۽ افغانستان ۾ آمريڪي اثر وڌيڪ آھي، جڏهن تہ ترڪمانستان، آذربائيجان، آرمينيا، قازقستان تي روس جو اثر وڌيڪ آھي. دنيا ۾ 1990ع کان پوءِ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ ”گلوبل وليج“ ۽ ”نيو ورلڊ آرڊر“ (New World Order) جي نعرن جي پاڇولي ۾ آمريڪا دنيا ۾ Uni-Polar Super Power بڻجي چڪو آھي. هو روس جيڪو ”مظلوم قومن، غلام ملڪن“ جي آس ۽ اميد هو، صرف پنھنجي وجود جي بچاءَ تائين محدود ٿي چڪو آھي. آمريڪا ۾ چاھي ڊيموڪريٽڪ پارٽي برسراقتدار هجي يا ريپبليڪن، اُنھيءَ جي ڦرلٽ، استحصال ۽ دنيا کي ”مارڪيٽ اڪانامي“ جي نالي تي غلام بڻائڻ واري پاليسي ۾ ڪا تبديلي نہ ايندي. پاڪستان جو ھر سولين يا نان سولين فرد هجي يا پارٽي، انھن کي اھا ڀلي ڀت پروڙ آھي تہ ”اسلام آباد“ پھچڻ جو ذريعو وايا ”واشنگٽن“ آھي، انڪري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کان نيشنل عوامي پارٽي تائين ڪابہ پارٽي پاڪستان جي Mass Power تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي ۽ نہ ئي آمريڪا جي مفادن خلاف ڳالھائڻ لاءِ تيار آھي. پاڪستان ۾ اقتداري ڌر هجي يا حزب اختلاف رڳو عوام ۾ Face Saving لاءِ پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ايران تي آمريڪي، اسرائيلي حملي خلاف بيان بازي تہ ڪري سگهن ٿا، پر عملي طرح عوام کي آمريڪي سامراجي پاليسين خلاف جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. منھنجي راءِ مطابق، ايران تي آمريڪي اسرائيلي حملي جي صورت ۾ پاڪستان جو عوام خودبخود بغير سياسي قيادت جي ڊگهي ويڙھہ وڙھي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ تہ دنيا جي مظلوم انسانن کي ايران جي 1998ع ۾ امام خمينيءَ جي قيادت ۾ آيل انقلاب متاثر ڪيو آھي. لبنان ۾ اسرائيل جي تازي شڪست کانپوءِ ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ آمريڪي پاليسين جي ناڪاميءَ کانپوءِ ھر باشعور انسان جيڪو استحصال، ذلت ۽ غلامي ۾ ڦاٿل آھي، اهو پاڻ کي نئين سر منظم ڪري وري اهو عزم ڪري اٿڻ ۽ وڙهڻ لاءِ تيار آھي تہ سامراجيت ۽ بدبودار ذلت آميز ”سياسي نظام“ مان جند آجي ٿي سگهي ٿي ۽ روس جي ٽُٽڻ کانپوءِ مظلوم قومن ۽ غلام ملڪن ۾ جيڪا مايوسيءَ جي هوا هلي هئي، اھا ھاڻي هڪ ”اميد افروز انقلاب“ ۾ تبديل ٿي رھي آھي. ڪنھن ڏاھي جو قول آھي تہ “جڏهن ماڻهو غلامي جي پنجوڙ مان آزاد ٿيڻ لاءِ وڙهڻ جي واٽ وٺندا آهن تہ پٿرن سان جهاز ڪيرائيندا آهن ۽ هٿن سان ٽينڪون اٿلائيندا آهن.” پاڪستان جو عوام گذريل 60 سالن کان سياسي، اقتصادي ۽ سماجي غلامي ۾ رھي بک، بيماري، ناداري ۽ بيوسيءَ جي اوڙاھہ ۾ سڙي بيدار ٿي چڪو آھي ۽ پاڪستان جي آباديءَ جي اڪثريت ايراني انقلاب کان متاثر آھي، انڪري ايران تي حملي جي صورت ۾ موجودہ هلندڙ بيچينيءَ کان وڌيڪ ڪو انتھائي رستو اختيار ڪري سگهي ٿي، جيڪو پاڪستان لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.