ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

سنڌي ٻوليءَ وارو مضمون لاڳو نہ ٿيڻ جي ڪٿا

سنڌ صدين کان محبت ۽ ميلاپ جو مرڪز رھي آھي، سنڌ هميشہ ٻاھران آيل انسانن کي پنھنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن، نفرت ڪڏهن بہ سنڌ جي سيڪيولر روح کي نهوڙي نہ سگهي آھي. سڀني جبر، ڏاڍ، زور زبردستين ۽ زيادتين باوجود سنڌ مان انسان دوستي اڃا تائين ختم نہ ٿي آھي. سنڌ وارن پنھنجي جيجل امڙ جي ٻولي سنڌيءَ سان گڏ ٻاھران آيل ڌارين جي ٻولين جو پيار ۽ پاٻوھہ مان آڌرڀاءُ ڪيو آھي، ڇاڪاڻ تہ ٻوليون پيار، محبت، احساس ۽ جذبات جي اظھار جو ذريعو آهن. اهو ئي سبب آھي، جو سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ اردو، پنجابي، پشتو، سرائيڪي، بروھي، بلوچي، هندڪو ۽ ٻين ٻولين وارا لکين انسان امن ۽ آشتيءَ سان رهن ٿا. سائين سچل سرمست رحه کي ”هفت زبان“ شاعر سڏيو وڃي ٿو. قومي شاعر شيخ اياز جو اردو ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جو مجموعو ”گل نالهءِ دل“ موجود آھي، سانئڻ نورالهديٰ شاھہ، زيب سنڌي ۽ ٻين ڪيترن سرجڻھارن اردو ٻوليءَ ۾ شاهڪار ڊراما تخليق ڪيا آهن. اسان نفرت کي هميشہ ڌڪاريو آھي. محبت کي من اندر سانڍي رکيو آھي، اسان سنڌين جي من ۾ ڪا ميرائي ناھي. ماڻهپو اسان جو يقين ۽ عشق اسان جو ازلي رهبر رھيو آھي.
ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ آباديءَ جي توازن ۾ تبديلي اچي ويئي. شھرن ۾ اردو ڳالھائيندڙ آباد ٿي ويا. آيل ڌارين ۾ احساسِ برتري پيدا ٿي ويئي. اھي سنڌين جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي ”بر تر“ ۽ ”بھتر“ سمجهڻ لڳا، پنھنجي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ۽ ٻين ٻولين کي ”علائقائي“ سمجهڻ لڳا. اردو ڳالھائيندڙن سنڌ جي زبان ۽ ثقافت جي باري ۾ ڪو مثبت رويو اختيار نہ ڪيو، حالانڪ ھي هڪ ڪڙو سچ آھي. سنڌي ماڻهن ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان پوءِ ڀارت مان ايندڙن جي فراخ دليءَ سان آجيان ڪئي، پر مقامي سنڌين ۽ مھاجرن جي خوشگوار تعلقات جو رشتو مضبوط نہ ٿي سگهيو. انھيءَ جو وڏو سبب پنھنجي ”ثقافت ۽ زبان“ جي باري ۾ ٻاھران ايندڙن جو ”برتري“ وارو رويو هو. سنڌ جي ثقافت ۽ انھن جي نامناسب رويي جي باري ۾ اردو جو مشھور دانشور ڪراچي يونيورسٽي جو سابق وائيس چانسلر ڊاڪٽر جميل جالبي پنھنجي ڪتاب ”پاڪستاني ڪلچر“ ۾ لکيو آھي تہ، ”مھاجر آبادي تهذيبي سطح تي هڪ احساسِ برتري جو جذبو پنھنجي اندر رکندي هئي ۽ جذبات ۾ اهو وساري ويٺي تہ احساسِ برتريءَ جو ھيءُ عمل نئين ماحول ۽ نئين ملڪ جي قديم آباديءَ لاءِ هڪ منفي عمل جو درجو رکندڙ هو. قديم آبادي ڪنھن ٻاھر کان ايندڙ آبادي، چاھي اھا تهذيبي سطح تي ڪيتري ئي بلند ڇو نہ هجي، احساسِ برتريءَ جي سطح کي قبول نٿي ڪري سگهي. ردعمل طور نفرت جي جذبي ان جي جاءِ والاري. مھاجرن جو ڏوھہ اهو هو تہ انھن قديم آباديءَ جي ڪلچر ۽ انھن جي مسئلن کي سمجهڻ جون ڪوششون نہ ورتيون. انھيءَ ڪري قديم آبادي جلد ئي نئين آباديءَ جو استقبال ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو. ايندڙ آبادي اهو وساري ويٺي تہ ”هجرت“ جي معنيٰ ”تبديلي“ هوندي آھي ۽ هجرت سان گڏ تهذيبي ادارا هجرت نہ ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪن بہ ٿا تہ شڪستہ حالت ۾. انھيءَ لاءِ انھن ادارن کي بہ نئين ماحول ۽ نئين تقاضائن تحت بدلجڻ جي ضرورت هوندي آھي. هجرت ڪندڙ آبادي پنھنجي ڇڏيل سماج کي ٻيھر قائم ڪرڻ جو تصور بہ نٿي ڪري سگهي.“ (پاڪستاني ڪلچر صفحو 119)
اھا هڪ مڃيل حقيقت آھي تہ سنڌي زبان کي انگريزي، اردو ۽ ٻين شاهڪار ٻولين جي برابر حيثيت حاصل آھي، پر اسلام آباد جي حڪمرانن اصل ملڪي ٻولين سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ سرائيڪي کي اھا حيثيت نہ ڏني، جيڪا انھن کي ملڻ گهرجي ھا. ڊسمبر 1971ع ۾ جڏهن پاڪستان جو ورھاڱو ٿيو تہ باقي بچيل حصي جو حڪمران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو بنيو. هن 1973ع جي آئين ۾ صوبن کي اھا اجازت ڏني تہ اردو ٻوليءَ سان گڏوگڏ پنھنجي ٻولين جي واڌ ويجهہ لاءِ قدم کڻي سگهن ٿا. پاڪستان جي 1972ع جي عبوري آئين جي فقري 267 جي شق 2 ۾ اھا ڳالھہ واضح هئي تہ قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي قائم رکندي ڪابہ صوبائي اسيمبلي، قومي ٻوليءَ سان گڏ صوبائي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال لاءِ قانوني اپاءَ وٺي سگهي ٿي. ساڳي ڳالھہ پاڪستان جي 1973ع جي مستقل آئين جي فقري 251 جي شق 3 ۾ بہ موجود آھي. پاڪستان جي 1973ع جي آئين کي سامھون رکندي سنڌ اسيمبلي اتفاق راءِ سان ٻوليءَ جو بل پاس ڪيو، جنھن جو نوٽيفڪيشن 17 جولاءِ 1972ع تي جاري ڪيو. بل پاس ٿيڻ کانپوءِ عوام دشمن قوتن سنڌ ۾ رهندڙ ٻن وڏين آبادين کي هڪٻئي سان ٽڪراءَ ۾ آڻڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪئي تہ هن بل سان اردو ٻولي ختم ٿي ويندي. هن بل ۾ اهڙي ڪابہ ڳالھہ نہ هئي. هن بل جي پاس ٿيڻ کانپوءِ سنڌ اندر انگريزي زبان کي دفتري زبان، اردو ٻوليءَ کي قومي زبان ۽ سنڌي زبان کي ”صوبائي حيثيت“ ملي. سنڌي زبان انگريزن جي دور کان وٺي سنڌ جي سرڪاري زبان هئي. سرڪاري دفترن، کاتن، آفيسن ۽ عدالتن ۾ سڄو وهنوار سنڌي ٻوليءَ ۾ هلايو ويندو هو، پر جنرل ايوب جي مارشل لا واري دور ۾ ان کي زباني حڪم تي ختم ڪيو ويو.
گورنر سنڌ 22 جولاءِ 1972ع تي هڪ ترميمي آرڊيننس جاري ڪيو. هن ترميمي آرڊيننس ۾ ڪوبہ اهڙو فقرو موجود ناھي تہ ”آسان سنڌي“ جو مضمون سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي نہ ڄاڻندڙن کي نہ پڙھايو ويندو. صرف سنڌ اندر ملازمت ڪندڙ ڪامورن کي سنڌي يا اردو ٻولي سکڻ لاءِ ڪجهہ مھلت ڏني ويئي ۽ سياسي طور تي اهو بہ فيصلو ٿيو تہ آئندہ سنڌ جو گورنر اردو ڳالھائيندڙ هوندو. هن فيصلي جي نتيجي ۾ ان وقت سنڌ جي گورنر مير رسول بخش ٽالپر کي هٽائي بيگم رعنا لياقت علي خان کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
سپلا 2005ع ۾ ھيءَ گهر ڪئي تہ سنڌي ٻوليءَ جي ايڪٽ مطابق، يارھين ڪلاس جي سنڌي نہ ڄاڻندڙ رهواسين کي ”آسان سنڌي“ جو مضمون پڙھايو وڃي ۽ ان لاءِ 18 جولاءِ 2005ع کان 31 جولاءِ 2005ع تائين علامتي بک هڙتال پڻ ڪئي ويئي. هن بک هڙتال ۾ اردو ڳالھائيندڙ باشعور استادن پڻ حصو ورتو، جيڪي پاڻ کي سنڌي قوم جو حصو سمجهن ٿا.
وفاقي وزارت تعليم جي ڪريڪيولم ونگ يارھين ۽ ٻارھين ڪلاس جي شاگردن لاءِ ”اسٽڊي آف اسڪيم“ ۾ ترميم ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو تہ، ”يارھين ڪلاس جي سنڌي نہ ڄاڻندڙ شاگردن کي ھاڻ اردو لازمي بدران ”آسان سنڌي“ جو مضمون پڙھايو وڃي.“ سنڌ جي تعليم کاتي انھيءَ نوٽيفڪيشن جي روشنيءَ ۾ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان 4 آڪٽوبر 2005ع تي يارھين ڪلاس جي شاگردن لاءِ ”آسان سنڌي“ جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آندو ويو. گورنر ھائوس جي دٻاءَ ۾ اچي تعليم کاتي 27 سيپٽمبر جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو. علمي، ادبي ۽ سنڌ دوست حلقن جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ ”آسان سنڌي“ پڙھائڻ وارو نوٽيفڪيشن ٻيھر بحال ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم اهو اعلان ڪيو تہ ”سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي نہ ڄاڻندڙ شاگردن کي يارھين ڪلاس ۾ آسان سنڌيءَ جو مضمون پڙھايو ويندو.“ سندس اهو اعلان صرف اخبارن ۽ پرنٽ ميڊيا تائين محدود رھيو ۽ عملي طور تي سنڌ اندر آسان سنڌيءَ جو مضمون نافذ نہ ٿي سگهيو آھي. تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري بہ عملي طور تي ڪجهہ نہ ڪري سگهيا، ڇاڪاڻ تہ کين ٻوليءَ کان وڌيڪ ”ڪرسي“ پياري هئي. اڳتي هلي اهو اعلان ڪيو ويو تہ جيئن تہ ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ آسان سنڌي جو مضمون پڙھائڻ لاءِ استاد نہ آهن، ان ڪري 150 استاد ڀرتي ڪيا ويندا ۽ ان کان پوءِ ”آسان سنڌي“ جو مضمون نافذ ڪيو ويندو. ڪراچيءَ ۾ اڳ ۾ سنڌي جي مضمون ۾ 100 کان مٿي استاد موجود هئا. ايڊھاڪ ليڪچرارن جا انٽرويو ٿيا ۽ تازو انھن جي ڀرتيءَ جو نوٽيفڪيشن پڻ ڪڍيو ويو آھي، پر سنڌ جي تعليم کاتي جي ڪامورن خبر ناھي تہ ڪھڙي مصلحت تحت 50 کان وڌيڪ مرد ۽ خاتون ليڪچرارن کي ڪراچيءَ بدران اندرون سنڌ پنھنجي پسند جي ڪاليجن ۾ پوسٽنگ ڏني آھي. پھرين آگسٽ 2006ع کان اڪيڊمڪ سال شروع ٿي چڪو آھي، پر تعليم کاتو ”آسان سنڌي“ پڙھائڻ واري مسئلي تي خاموش آھي! وزير تعليم ۽ وزيراعليٰ سنڌ، جن ”وڏا اعلان“ ڪيا هئا، اھي بہ خاموش آهن. سنڌي ٻار گذريل 33 سالن کان شوق سان سنڌي ٻولي ايڪٽ مطابق ”سليس اردو“ پڙھي رھيا آهن ۽ انھيءَ مضمون ۾ امتحان پڻ ڏين ٿا ۽ سليس اردو جي مضمون جون ”مارڪون“ پري انٽري ٽيسٽ ۾ شامل پڻ ڪيون وڃن ٿيون. سنڌ جو وزيراعلى ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، جنھن آسان سنڌي واري معامري تي گذريل سال ڀلي پار وڃڻ کان اڳ اهو اعلان ڪيو هو تہ، ”هن جي هوندي سنڌي ٻوليءَ کي ڪوبہ بااختيار شخص ختم نٿو ڪري سگهي.“ يارھين ڪلاس ۾ ”آسان سنڌي“ جو مضمون وارو مسئلو هن لاءِ ٽيسٽ ڪيس آھي. مونکي اميد آھي تہ پنھنجي واعدي مطابق سنڌ جي ڪاليجن ۾ زير تعليم يارھين ڪلاس جي غير سنڌي شاگردن لاءِ ”آسان سنڌي“ جو مضمون ضرور نافذ ڪرائيندو.