ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

خاڪو: پروفيسر لياقت عزيز سولنگي- سنڌ دوست ڪردار

ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻھن سان محبت وارو رشتو ئي حقيقت ۾ ماڻھو کي معتبر بڻائي ٿو، اھي فرد ئي تاريخ ۾زندہ رهندا آهن، جيڪي ڪجهہ ڪري ويندا آهن، انھن فردن جي جاکوڙ تاريخ جي داستانن ۾ سماج جي بھترين اڏاوت جو بنيادي ڏاڪو تصور ڪئي ويندي آھي، جيڪي مختلف شعبن ۾ پنھنجو ڪردار نروار ڪري ويندا آهن. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جو نالو بہ انھن فردن ۾ شامل آھي، جيڪي وطن دوستي جو حوالو بہ هئا تہ جدوجهد ۽ تحريڪ جو بہ نالو هئا، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي ٽنڊو محمد خان ۾ 10 جولاٰءِ 1949ع تي ڄائو، سندس والد جو نالو خميسو خان سولنگي آھي. ٽنڊو محمد خان مان ئي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪيائين. هو جڏهن اٺين درجي ۾ ميونسپل اسڪول ٽنڊو محمد خان ۾ پڙهندو هو تہ هُن ميونسپل اسڪول کي ھاءِ اسڪول جو درجو ڏيارڻ واري احتجاج ۾ شامل ٿي عملي جدوجهد واري زندگيءَ جي ميدان ۾ پير پاتو، ان احتجاج جي بدولت ميونسپل اسڪول ٽنڊو محمد خان کي ھاءِ اسڪول جو درجو مليو، کيس تعليم سان چاھہ ۽ لکڻ پڙهڻ لاءِ اُتساھہ سندس دوستن غلام نبي بھراڻي، زيب ڀٽي ۽ پرواني ڀٽي ڏياريو. لياقت عزيز سولنگي سنڌ جو سچار، بي ڊپو ۽ عملي سياست جي ڄاڻ رکندڙ، دانشور، اديب، تعليمدان، سماج سڌارڪ، ٽريڊ يونينسٽ، سنڌ دوست فرد هو. هُن ٽريڊ يونين واري سياست جي شروعات فوجي شگر ملز ٽنڊو محمد خان جي مزدورن جي يونين قائم ڪري، ان کان ڪئي، فوجي شگرملز ٽنڊو محمد خان جڏهن قائم ٿي تہ ان ۾ صرف ٻاھريان ماڻھو ملازم طور ڀرتي ڪيا ويا، لياقت عزيز سولنگي ڪجهہ دوستن سان گڏجي فوجي شگرملز ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائي. جنھن تحريڪ جي نتيجي ۾ ملز انتظاميہ مقامي ماڻھن کان نوڪري لاءِ درخواستون وصول ڪيون، 35 ماڻھن درخواستون ڏنيون، جن سڀني کي ملز ۾ ملازمت ملي، حيرت جھڙي ڳالھه اھا آھي تہ انھن 35 ملازمن ۾ هڪ بہ سنڌي شامل نہ هو، پر اھي سڀ جا سڀ ٽنڊو محمد خان جي مقامي ماڻھو هئا، فوجي شگرملز يونين جي قيام بعد هن ٽالپر ٽيڪسٽائل ملز ٽنڊو محمد خان، ٻيڙي ورڪرز يونين، ٽانگا ورڪرز يونين جي قيام ۾ پڻ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جيڪي سموريون يونينون پاڪستان ورڪرز فيڊريشن سان سلھاڙيل ھيون. پاڪستان ورڪرز فيڊريشن، ان وقت ڪميونسٽ پارٽي جي پورھيت ونگ هئي، جنھن پورھيت ونگ جو مرڪزي صدر ٽنڊو محمد خان جو ڪامريڊ شميم واسطي پڻ رھيو، 4 فيبروري 1978ع تي ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ شھيد نظير عباسي ۽ حميدہ گهانگهرو جي شادي ٿي هئي، تمام گهٽ ماڻھن کي اھا خبر هوندي تہ سندن شادي جي خوشيءَ ۾ پھرين دعوت پروفيسر لياقت عزيز سولنگي، ٽنڊو محمد خان ۾ پنھنجي گهر ۾ ڪئي هئي. هن سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي، سنڌ يونيورسٽي مان ئي وڪالت جي ڊگري حاصل ڪيائين، 1972ع ۾ لياقت عزيز سولنگي ليڪچرار طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو، 1977ع کان وٺي هن ٽيھه سالن کان وڌيڪ عرصو حيدرآباد جي سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. تعليمي خدمتن جي لحاظ کان هو جتي بہ رھيو، هن کي قوم جي شاگردن جي مستقبل جو وڏو اونو رهندو هو، ان حد تائين جو تعليم جي حصول خاطر هن پنھنجي اولاد سان بہ ڪا سوديبازي نہ ڪئي ۽ کين پنھنجي مدد پاڻ تحت شفاف تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اُتساھيو، هن پوليٽيڪل سائنس تي 8 تدريسي ڪتاب لکيا، جيڪي آر ايڇ احمد برادرس پاران ڇپائي پڌرا ڪيا ويا. لياقت عزيز سولنگي بھترين علم دوست، سماج سڌارڪ، دانشور، اديب ۽ ڪالم نويس هو. سندس ڪالمن جو هڪ مجموعو ”قومي غدار ۽ حساب ڪتاب“ نيو فيلڊس پبليڪيشن 1997ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جيڪي ڪالم هُن ”ڪُڇان تہ ڪافر ٿيان“ جي عنوان سان مختلف سنڌي اخبارن ۾ لکيا. سندس قلم سنڌ جي مختلف سياسي، سماجي، طبقاتي، علمي، ثقافتي ۽ ادبي موضوعن تي هميشہ متحرڪ رھيو، هو سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچرارس ايسوسيئيشن (سپلا) جو باني ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري پڻ رھيو. کيس ڪاليجي استادن جو ھر مسئلو زباني ياد هوندو هو، اهو ئي سندس بھترين حافظي جو مثال هو، هن ڪاليجي استادن جي مسئلن جي حل لاءِ جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ تحريڪ جو بنياد وڌو، جنھن دوران کيس ڪيترائي ڀيرا پابند سلاسل بہ ڪيو ويو. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ هن جو ڪيترن ئي سُٺن ۽ هڏ ڏوکي استادن سان واسطو رھيو، جنکي هُو هميشہ دل سان ياد ڪندو هو، انھن استادن مان ٽنڊي محمد خان جا بھترين استاد محمد عثمان ميمڻ ۽ سائين محمد اسحاق، سنڌ يونيورسٽي جو سائين محمد عمر ميمڻ ھالن وارو، محمد حسن ڀٽو ۽ خالد شھيد آخوند شامل آهن، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي کي سنڌي سفرنامن جي بادشاھہ الطاف شيخ پنھنجي سفرنامي ”ايران ڏي اُڏار“ ۾ شاندار خراج تحسين سان ياد ڪيو آھي. 1992ع ۾ مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شاگرد ڌرين جي جهيڙي ۾ ٻن شاگردن جي قتل تي سنڌي ادبي سنگت پاران قومي جرڳو ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ نورالهدى شاھہ، پروفيسر عمر ميمڻ، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي، يوسف لغاري وڪيل ۽ مشتاق ميراڻي تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي، جنھن ڪميٽي سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلرن، لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال، استادن، شاگردن، پوليس عملدارن ۽ لاڳاپيل فردن جا انٽرويو ڪري، تحقيقات بعد قاتل ظاھر ڪيا ۽ فيصلو ڪري، واسطيدار سياسي تنظيمن کي ڏوھاري قسم جي شاگردن خلاف سخت قدم کڻڻ جي لکت ۾ سفارش ڪئي. جڏھن بہ سنڌ جي ڪاليجي استادن جي تنظيم سِپلا جو ذڪر نڪرندو تہ ان جي بانيڪار مان پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جو نالو سرفھرست طور سُنھري لفظن سان ضرور ياد رکيو ويندو. هن پنھنجي ڪالمن وسيلي سنڌ جي مختلف مسئلن تي خاص طور تعليمي مامرن تي پنھنجو تجربو ۽ نقطہ نظر تمام شاندار نموني پيش ڪيو، ڇاڪاڻ جو تنظيمي اڳواڻ طور سنڌ جي ڪاليجي استادن ۽ تعليم سان وابستہ مسئلا بيان ڪرڻ جو وٽس سهڻو ڏانءُ هو. جڏھن بہ سِپلا جي تعليم کاتي جي عملدارن سان مسئلن جي حل لاءِ گڏجاڻيون ٿينديون ھيون تہ سِپلا جو وفد پروفيسر لياقت عزيز سولنگي کانسواءِ اڌورو ۽ اڻپورو تصور ڪيو ويندو ھو. هو رواني سان سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڳالھائيندڙ هو، تنھنڪري هو ٽيبل ٽاڪس جو پڻ وڏو ماھر سمجهيو ويندو ھو. سِپلا سان سندس محبت جي ڪري کيس وڏيون تڪليفون پڻ برداشت ڪرڻيون پيون، ايتري قدر جو جڏھن هو 19 ھين گريڊ ۾ هو ۽ سندس 20 ھين گريڊ جو پروموشن رھيل هو تہ ان وقت جي وزير تعليم پير مظھر الحق ، ڪاليجي استادن جي ان وقت تائين ڊي پي سي روڪي ڇڏي، جيستائين پروفيسر لياقت عزيز سولنگي رٽائر ٿئي. کيس ڪيترائي ڀيرا مختلف عھدن جو لالچون پڻ ڏنيون ويون، جن ۾ٍ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو چيئرمين، حيدرآباد ضلعي جو اِي ڊي او تعليم، ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم وغيره جھڙا عھدا شامل هئا پر سنڌ جي ھن ارڏي استاد، علم دوست، ادب دوست، سنڌ دوست شخص ھر لالچ کي ٺڪرائي پنھنجو پاڻ کي انفرادي مفادن بجاءِ اجتماعي مفادن سان سلھاڙي ڇڏيو. پروفيسر لياقت عزيز هڪ سُٺو مقرر پڻ رھيو، هُن وٽ ماڻهن کي سمجهائڻ ۽ قائل ڪرڻ جو فن بہ بيمثال هو، هن نہ رڳو وطن دوستي وارو شاندار ڪرادار ادا ڪيو پر هن چاليھہ سالن تائين سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي، هو ادارن جو اڏيندڙ پڻ هو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ افيئرز جو بانيڪار هو، هن قاسم آباد ڪاليج، ٽنڊو محمد خان ۾ گرلز ڪاليج جي قيام لاءِ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، ٽنڊو محمد خان گرلز ڪاليج کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏيارڻ لاءِ اڳيان اڳيان رھيو ۽ ان مقصد ۾ پڻ ڪاميابي ماڻيائين. سندس علمي، ادبي، سماجي خدمتن جي بدولت کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي تعليم کاتي مان 19 ھين گريڊ ۾ ريٽائرمينٽ ورتي، ريٽائرمينٽ کانپوءِ بہ هن لکڻ ۽ پڙهڻ سان پنھنجو ناتو ڳنڍي رکيو. عمر جي آخري عرصي ۾ هو دماغي بيماري سبب ڇھہ سال سخت علالت ۾ رهڻ بعد 30 سيپٽمبر 2018ع تي ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. 01 آڪٽوبر 2018ع تي کيس سوين آلين اکين سان ٽنڊو محمد خان جي ”سخي برھان شاهه“ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. کيس ٽن ٻارن جو اولاد ٿيو، جن مان وڏو پُٽ جمال ناصر سولنگي ۽ ننڍي نياڻي شازيہ عزيز مسيحائي پيشي سان سلھاڙجي ويا ۽ سندس ٻي نِياڻي نازيہ عزيز ڪمپيوٽر سائنس ۾ ايم ايس سي ڪري، ليڪچرار مقرر ٿي ۽ هن وقت ايسوسيئيٽ پروفيسر/ پرنسپال طور ڪراچي ۾ پنھنجا فرائض سرانجام ڏئي رھي آھي. سندس ڊاڪٽر نياڻي شازيہ عزيز سولنگي 6 جولاءِ 2021ع تي لاڏاڻو ڪري وئي. سنڌ جي هن وطن دوست ۽ جاکوڙي ڪردار جون کوڙ ساريون لکڻيون وکريل هُيون، جن کي نہ رڳو سھيڙڻ جي سخت ضرورت هئي، جنھن ضرورت کي نظر ۾ رکندي، سندس لکيل تاريخي ڪالمن ۽ مضمونن کي سھيڙي هن مجموعي ۾ شامل ڪيو ويو آھي. سندس علمي، ادبي، سماجي خدمتن جي مڃتا طور سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان 2019ع کان نہ رڳو سندس ورسي ھر سال ملھائيندي پئي اچي، پر مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ جو مظاھرو ڪندڙ ٽنڊو محمد خان جي متحرڪ ۽ محنتي ڪردارن کي ”پروفيسر لياقت عزيز سولنگي يادگار ايوارڊ“ سان پڻ نوازيو ويندو آھي. انھن ئي تقريبن ۾ سندس لائق فرزند ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي، پنھنجي والد پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي وکريل مواد کي سھيڙي ڇپائڻ جو اعلان ڪيو هو، جنھنکي عملي شڪل ڏيندي، وڏي محنت بعد سندس وکريل مواد کي سھيڙي هن ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويو آھي تہ جيئن هُن جي شاندار ۽ مثبت ڪردار کي ايندڙ نسلن جي ڄاڻ لاءِ تاريخ ۾ محفوظ ڪري سگهجي. يقينن هن ڪتاب ۾ شامل سمورو مواد ماضيءَ جي پسمنظر ۾ نئين نسل جي ڄاڻ ۽ معلومات لاءِ هڪ املھہ خزانو ثابت ٿيندو.

اعظم ڀٽي
ٽنڊو محمد خان