تهذيبن جو تصادم هڪ عالمي مسئلو
فيبروري 1989ع ۾ جڏهن روس، افغانستان ۾ داخل ٿيو تہ ان وقت آمريڪا جي ”سينٽ جيمز يونيورسٽي“ واشنگٽن جي پروفيسر ۽ سي آءِ اي جي دانشور فرانسس فوڪوياما، هڪ نئون دستاويز دنيا اڳيان پيش ڪيو. هن دستاويز کي ”تاريخ جي خاتمي“ (End of History) جو نالو ڏنو ويو. هن نظريي جو مقصد ھي هو تہ سڄي دنيا جي عوام کي اهو باور ڪرايو وڃي تہ ”تاريخ جو خاتمو“ ٿي چڪو آھي ۽ ھاڻ سرمائيدارانہ نظام انھن جو حتمي ۽ ابدي مقدر بڻجي چڪو آھي، انڪري ھاڻ انھن کي پنھنجي زندگين، سوچن ۽ روين ۽ قسمت کي هن نظام مطابق بنائي ان ۾ پنھنجي ۽ پنھنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ٺاهڻو پوندو. معاشي، سماجي، اقتصادي، سفارتي ۽ جنگي شعبن ۾ جيڪي تيزي سان تبديليون ۽ تيز موڙ ۽ ڌماڪي خيز واقعا رونما ٿيڻ شروع ٿيا تہ هن نظريي جي ساک کي وڏو نقصان پھتو ۽ ھي نظريو هڪ ڀوڳ بڻجي ويو، ايستائين جو بورزوا دانشور، مفڪر ۽ ابلاغ جا ذريعا جيڪي هن نظريي کي سڄي دنيا جي عوام جي ذهنن ۽ شعوري زبردستي مڙهڻ ۾ مصروف هئا، اھي بہ هن جي ناپائيداري ۽ استعداد کي ايترو جلدي مڃڻ تي مجبور ٿي پيا.
1997ع ۾ ساڳي يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ سي آءِ اي جي هڪ ٻئي دانشور ”سيميول پي هٽنگٽن“ (Samuel P. Hitington) فوڪويا ماجي”تاريخ جي خاتمي“ جي نظريي خلاف هڪ مضمون “Polemic” لکيو، جيڪو هڪ ٿيسز ”Thesis“ طور تي منظر عام تي آيو، هن جو عنوان ”تهذيبن جو تصادم“ “Clash of Civilisation” رکيو ويو. هن نئين نظريي آمريڪي ۽ عالمي حڪمران طبقن کي درپيش مسئلن ۽ بحرانن مان نڪرڻ لاءِ ۽ ايندڙ پورھيت طبقي جي طبقاتي جدوجهد کي روڪڻ ۽ ٽوڙڻ جي پيش بنديءَ طور تخليق ڪيو ويو. گلوبلائيزيشن جي عمل ۾ قومي رياست ۽ قومي رياستن جو نظريو ڪافي حد تائين ڪمزور ٿيو آھي ۽ سامراجيت کي تقويت ملي آھي. 11/ 9 جھڙن واقعن کي ڄاڻي واڻي جنم ڏنو ويو يا ڪرايا ويا، جن جي ذريعي آمريڪي سامراج هن نظريي کي جواز بڻائي پنھنجي ڪرندڙ معاشي ۽ اقتصادي زوال پذيري ۽ مجروح ٿيندڙ سفارتي سياسي ساک ۽ پنھنجي اثر رسوخ کي بچائڻ لاءِ هن نظريي جي بنياد تي ”دهشتگردي خلاف جنگ“ (War Against Terror) جو آغاز ڪيو. پھريائين افغانستان کي جارحيت جو نشانو بڻايو ويو ۽ پوءِ عراق کي تباھہ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي ويئي. سڄي دنيا ۾ بش انتظاميہ، ”دهشتگردي جي خلاف جنگ“ جي نالي تي خوف ۽ ھراس ۾ هڪ اهڙي وحشت پکيڙي ڇڏي، جو آمريڪا ۽ يورپ جي پورھيتن ۾ هڪ شديد عدم تحفظ جو احساس ۽ نفسياتي ڪمپليڪس پيدا ٿيو. آمريڪا جي خفيہ ايجنسين کي 9 سيپٽمبر 2001ع تي ٿيندڙ دهشتگردي جو اطلاع مليل هو پر انھن کي اندازو نہ هو تہ ايڏي وڏي پيماني تي بربادي ٿيندي، ان ڪري انھن 11/9 جي واقعي کي ڄاڻي واڻي ڪرڻ ڏنو ۽ پوءِ ”دهشتگردي خلاف جنگ“ جيڪا درحقيقت ”پورھيت طبقي خلاف جنگ“ آھي، انھيءَ کي تيز ڪيو، هن ”فوجي مھم جوئي“ جو جيڪو انجام عراق ۽ افغانستان ۾ ٿي رھيو آھي، اهو انھيءَ مڪافاتِ عمل جو نتيجو آھي، جيڪو آمريڪي سامراج جي ”فرعونيت ۽ فوجي طاقت“ جي تڪبر جي جواب ۾ آمريڪا کي تاريخ هڪ عبرتناڪ سبق سيکاري رھي آھي.
ان ”تهذيبن جي تصادم“ جي نظريي جو ٻيو رخ ھي آھي تہ گهڻن ملڪن ۾ مذهبي بنياد پرستيءَ کي ٻيھر اڀرڻ جو موقعو مليو، ڪٿي ”اسلامي بنياد پرستي“ سماجي بنيادن کي وسيع ڪيو، ڪٿي “هندو بنياد پرستي” اڀري تہ ڪٿي ”يهودي بنياد پرستي“ ڪَر کڻي اٿي ۽ دنيا جي صنعتي، ٽيڪنيڪي ۽ مالي اعتبار کان سڀ کان وڏن ۽ ترقي يافتہ ملڪن جي حڪمرانن ”عيسائي بنياد پرستي“ کي جنم ڏئي پنھنجن ڪڌن ڪرتوتن جي مقصد جي حصول لاءِ استعمال ڪيو.
جيڪڏهن اسان غور سان هن نظريي جو جائزو وٺنداسين تہ سڀ کان پھريائين ھي نظريو اڄ جي عالمي سرمائيدارانہ نظام جي جمود، رجعتي ڪردار، معاشي ۽ سماجي ارتقا کي جاري نہ رکڻ جي ناڪامي کي بچائڻ لاءِ ضرورت تحت پيش ڪيو ويو. ايڪويھين صدي جا اھي سماج جيڪي 1400 سال، 2000 سال ۽ 3200 سال ۽ ڪٿي 5000 سال پراڻا آهن، انھن جي پراڻن نظرين، فڪر، سوچن، روين ۽ اخلاقيات کي ڏاڍ جي بنياد تي دنيا مٿان مسلط ڪيو پيو وڃي، ان جو وڏو سبب ھي آھي تہ جڏهن بہ تاريخ ۾ ڪو سماجي، معاشي نظام هلي نہ سگهندو آھي تہ اهو پيداوار جي ذريعن ۽ سماجي ارتقا کي اڳيان وڌائڻ بدران انھيءَ کي ڄؤر جيان چنبڙي، انھن جي ارتقا کي روڪيندو آھي تہ ان جمود مان اڀرندڙ بحرانن مان نڪرڻ لاءِ حڪمران مختلف قسمن جا طريقا استعمال ڪندا آهن ۽ اھي سماج کي مستقبل ۾ وٺي وڃڻ لاءِ نااهل ثابت ٿيندا آهن تہ پوءِ پراڻن نظرين، تصوف ۽ تخيلاتي سوچن کي مسلط ڪندا آهن ۽ اهو ئي ”تهذيبن جي تصادم“ جي نظريي جو مقصد آھي.
اڄ جي عھد ۾ ”تهذيبن جي تصادم جو نظريو“ هڪ انتھائي خطرناڪ ۽ زھريلو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. دنيا ۾ رهندڙ انسانيت جي اڪثريت پاڻ کي انسان سمجهڻ بدران پنھنجو پاڻ کي هندو، مسلمان، يهودي ۽ عيسائي طور پيش ڪري رھي آھي. جيڪڏهن بجلي، پاڻي، گئس، ڪار، جهاز ۽ زندگيءَ جون ٻيون ضرورتون مذهب کان بي نياز هونديون آهن تہ پوءِ پورھيتن جي مذهب جي بنياد تي ورڇ غير منطقي آھي.
”تهذيبن جي تصادم جي نظريي“ مان وچ اوڀر کي جيڪو نقصان پھتو آھي، ان جو ازالو ناممڪن آھي، ڇاڪاڻ تہ وچ اوڀر جي ملڪن ۽ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ ليڊر ۽ دانشور بہ هن نظريي جو شڪار ٿي نظرياتي ۽ سياسي طور تي ختم ٿي چڪا آهن. وچ اوڀر جي حڪمرانن بہ هن نظريي کي پنھنجي بدعنوان ۽ ظالماڻي حڪمراني کي طويل عرصي تائين قائم رکڻ لاءِ استعمال ڪيو آھي. اسرائيل جي حڪمرانن جي اھا رجعتي ۽ قدامت پرستانہ سوچ تہ ”عظيم اسرائيل“ جيڪو انھن جي خدا مطابق درياءَ نيل کان درياءَ فرات تائين پکڙيل هوندو، ان کي ٻيھر شدت پسنديءَ سان اُڀاريو پيو وڃي.
اڄ جو سامراج ۽ سڀني مذهبن سان تعلق رکندڙ حواري ”سيميول هٽنگٽن“ جي هن نظريي کي استعمال ڪري پنھنجي دولت جون ٽجوڙيون ڀري رھيا آهن ۽ نسل انساني کي خونريزي، قتل و غارت، بربادي جي اونداھي سان اوتيل کاھيءَ ۾ ڌڪي رھيا آهن ۽ اھا ڪيفيت هڪ اهڙي مخصوص عھد جي پيداوار آھي، جتي سالن کان ”طبقاتي جدوجهد“ (Class Sruggle) ٿڪي ٽٽي چڪي هئي پر دنيا ۾ اڄ هڪ ڀيرو وري ”غير طبقاتي سماج“ Classless Society کي قائم ڪرڻ لاءِ تحريڪ تيزي ۽ شدت سان اڀري رھي آھي ۽ ھر هنڌ سامراجيت ۽ سرمائيداري کي ختم ڪرڻ جا سانباھا ٿي رھيا آهن. طبقاتي ڪشمڪش جي نئين لھر جيڪا ”لاطيني آمريڪا“ مان اڀري آھي، جلد ئي تيزيءَ سان پوري دنيا تي ڇائنجي ويندي. جڏهن پورھيت طبقو رنگ، نسل، مذهب ۽ ماضيءَ جي مدي خارج تعصبن کي پاسيرو ڪري ”طبقاتي جدوجهد“ ۾ اڳيان وڌندو تہ پوءِ سڀ ”انسان دشمن نظريا“ ۽ ان جا پيروڪار خودبخود غائب ٿي ويندا. ٻن دورن جو ٽڪراءُ ھاڻ فيصله ڪن ڪيفيت ۾ داخل ٿي چڪو آھي، انسانيت جي نجات جي نئين عھد جو آغاز ٿي رھيو آھي، انھيءَ عھد کي انساني خوشحالي ۽ فلاح جو عھد بنائڻ لاءِ هڪ ”سوشلسٽ انقلاب“ جي ضرورت آھي. هن عھد جو ڪردار رھيو آھي تہ جيڪڏهن ڪنھن هڪ ملڪ ۾ ”سوشلسٽ انقلاب“ آيو تہ پوءِ انھيءَ کي ”جاگرافيائي سرحدن“ ۾ قيد نہ ڪري سگهبو ۽ پوءِ ”عالمي انقلابن“ جو سلسلو شروع ٿي ويندو ۽ دنيا ۾ هڪ اهڙو سماج جنم وٺندو، جنھن ۾ هٿ هٿ جو محتاج نہ هوندو، انسان، انسان جو غلام نہ هوندو. ھي انساني سماج، تهذيب ۽ تمدن کي انھيءَ عظيم معراج ڏانھن وٺي ويندو، جتي ماضي جي سڀني تعصبن ۽ سڀني نفرتن کي هميشہ هميشہ لاءِ دفن ڪيو ويندو ۽ اتان ئي تسخيرِ ڪائنات جي مقدر جو آغاز ٿيندو.