پيش لفظ
دل کڻي هڪ حُور وئي آ،
من ڪري مجبور وئي آ.
خوب خوشيون ارپي مونکي،
دل تان لاهي سُور وئي آ.
ڏاڍو سُھڻو ڏاڍو پيارو،
پيار جو ڏيئي پُور وئي آ.
چاهت وارا ديپ جلائي،
نِرمل ڏيئي نُور وئي آ.
آس اسانکي سُھڻي صورت،
واھ وڻي ڀرپُور وئي آ.
سنڌ جي هر فن مولا عالم/اڪابر مُحترم رسول بخش پليجي شاعريءَ بابت پنھنجي هڪ شاهڪار مضمون ۾ لِکيو آھي تہ ”شاعر لاءِ اهو بہ ضروري آھي تہ کيس ٻوليءَ سان عشق ھُجي، ماڻھن سان مُحبت ۽ پيار ھُجي، دل ۾ درد جو احساس ھُجي، جذبن ۾ خُلوص ۽ سچائي ھُجي“. اِن حوالي سان بہ آس بتدريج اڳتي وک وڌائي رهيو آهي جيئن:
منھنجي ڌرتي پياري آھي،
ساري جڳ کان نياري آهي.
ڪاڇو ٿر ۽ لاڙ اُتر ھُوءَ،
ساري ڀونءَ ڀلاري آهي.
سچل، سامي، شاھ ڀٽائي،
پِرت وطن سان پاري آھي.
سنڌ سموري سُورن ۾ آ،
وسري عيد ڏياري آھي.
جنھن بہ وير رکيو وطن سان،
تنھن جي قيامت ڪاري آھي.
عبدﷲ آس هنڱورجو شروع ۾ ڪُجهہ شعر اصلاح لاءِ آڻيندو ھو پر پوءِ سگهوئي پاڻ پُختو شاعر بڻجي موزون شاعري لکي رهيو آھي.
وجهي هار ڀاڪر ڀرين ٿي وڻين ٿي،
ڊگها وار ڇوڙي وَرين ٿي وڻين ٿي.
جسم جان پنھنجي پرين! پاڻ منھنجي،
جڏھن ڀي حوالي ڪرين ٿي وڻين ٿي.
انائن کي ماري رُساما وساري،
اڱڻ تي قدم تون ڌرين ٿي وڻين ٿي.
ٿڌي رات ٿر جي ھُجون پاڻ تنھا،
ٻکن ۾ ڀرين ٿي ٺرين ٿي وڻين ٿي.
منھنجي خيال ۾ آس کي پنھنجي شاعريءَ لاءِ هاڻي ڪنھن اُڌاري اصلاح جي ضرورت ناهي، البت وسيع مطالعي جي ضرورت بھرحال آھي. هن کي شاعريءَ ڪرڻ لاءِ ماشاءَ ﷲ اڃا ڪافي وقت آھي. سو هن اسٽيج تي کيس مطالعي کي اوليت ۽ اهميت ڏيڻ گهُرجي.
عبدﷲ آس هنڱورجي شاعريءَ جي اُن صنف سُخن غزل کي چونڊيو آھي جنھن جو اڪثر موضوع ئي شوق، شباب، عشق، مُحبت ۽ پيار رهيو آھي. اهو ئي سبب آھي جو سندس ڪيترا ئي ڪلام چڱن خاصن فنڪارن ڳاتا آھن، جن مان هڪ ٻِن جا دلڪش ٿل ڪُجهہ ھِن طرح آھن.
سوچي ٿي بس هاڻي حياتي.
گڏجي گهاريون پاڻ حياتي.
چيٽ جي چاندني ۾ چري ڇوڪري،
ويس پاسي اڇو آ وري ڇوڪري.
قرب توسان ڪيان تون جي چاهين پرين،
ميت تنھنجو ٿيان تون جي چاهين پرين.
هُن جو ڪوئي ڏس ئي ناهي.
ڳوليون ٿا پر گس ئا ناهي.
آس جي شاعريءَ نھايت موزون، پُرڪشش ۽ آسان آھي، موسقيءَ ۾ رچاءُ پيدا ڪندڙ ڪويتا آھي، جنھن کي فنڪار شوق سان ڳائين ٿا ۽ ٻُڌندڙ ٻُڌي محفوظ ٿين ٿا.
هِن جو هي پھريون شعري مجموعو بھترين شروعات آھي، آس ۾ بنيادي طور سُٺي شاعر بنجڻ واريون سڀ صلاحيتون موجود آھن. رکون اميد تہ پنھنجي محنت، مسلسل رياضت ۽ خداداد ڏات سان مزيد بھتر شاعري سِرجي سنڌي ادب کي ارپيندو رهندو. آخر ۾ لطيف سرڪار جو بيت:
تتيءَ ٿڌي ڪاھ، ڪانھي ويل وھڻ جي،
متان! ٿئي اونداھ، پير نہ لهين پرينءَ جو.
پروفيسر مُحمد هنڱورجو
مسلم ڪالوني مٺي.