چئوسٽا
کير ۽ کنڊُ جھڙا پرين!
توکي واڌايون وسارڻ جون،
ڇَمر جي ڇنڊُ جھڙا پرين!
***
ڪير چئي ٿو سَچُ ئي ناهي،
ذرو بہ تنھن ۾ ڪچ ئي ناهي،
سون سريکي سنڌ سموري،
جنھن جو مُلھُه سچ پڇ ئي ناهي.
***
روحَ رهاڻيون ياد اچن ٿيون.
ڳالھيون پُراڻيون ياد اچن ٿيون،
پاڻ ڪيون جي چانڊوڪيءَ ۾،
قرب ڪھاڻيون ياد اچن ٿيون.
***
نظر ڦيرائي نھار اسان جا،
هيڻا حال هن هيار اسان جا،
نہ چوڙيلين چونڊيا ڪڏھن،
پيروئن جھڙا پيار اسان جا.
***
ڪارين اکين کي چنڊُ تڪيندو رهيو
اُڏندڙ پکين کي چنڊُ تڪيندو رهيو
ڪلھہ رات مرد غرض جا ٽولا ڪري گهميا،
پر ڪِن سکين کي چنڊُ تڪيندو رهيو
***
خوشبو گهٽي ۾ گهلي آ ويئي،
جڏھن هُوءَ مُرڪي ملي آ ويئي،
مُک تان مايوسي ٽارڻ جي لئہ،
رکي هٿ هٿن تي کِلي آ ويئي.
***
تنھنجي شھر ۾ ڌاريا سمجهي،
ڌار ڪرين ٿي ڀاڙيا سمجهي،
چڱي ريت ڄاڻون سير سوا کي،
ڀُلج نہ اسانکي ٻاريا سمجهي.
***
سامروٽي جي سيم منجهان
ھُرٻي جي هُٻڪار اچي پئي،
لڳي ٿو ڪٿي وُٺو مينھن آھي،
هوا منجهان مھڪار اچي پئي
***
دير آ ڪھڙي ڪارا بادل،
برسي پئو او سارا بادل،
ٿرين کي آ تئونس گهڻيري،
واھُ ڪريو وسڪارا بادل.
***
توبن اهڙيون چانڊوڪيون.
اوندھ جهڙيون چانڊوڪيون.
هيڪل مون ڪُل گهاري ڇڏيون،
هيل بہ هھڙيون چانڊوڪيون.
***
گُل مروڙي ڇَڏيئي،
ڦُل مروڙي ڇَڏيئي،
ها حَسين ڪيڏا ڪچڙا،
ڪُل مروڙي ڇڏيئي.
***
دل لئہ چين قرار کڻي آءُ.
خوشين جا انبار کڻي آءُ.
زنگ زماني جي کان آجا،
سون سريکا پيار کڻي آءُ.
***
اڃا نہ آئين سانوڻ تون!
ساري سارو ٿر پيو ٿو،
تون ايندين تہ رچي رنگ پوندا.
پُڪاري سارو ٿر پيو ٿو.
***
آيو آھي وسي ويندو.
ٿر هي سارو پُسي ويندو.
مرڪون آڻي چھرن تي ۽
غم سمورا کسي ويندو.
***
سياري جون سرد شامون.
ڏينديون آھن درد شامون.
توبن ڪئين ڪٽجن پرين
حياتي جون زرد شامون.