ڳوٺڙو منھنجو
پريان هُن ڀٽ جي ڀر سان،
وچان هڪ واٽ ٿي نڪري،
سريکي سينڌ جھڙي ڪا.
انھي کان ٿورڙو اڳتي
ٽپي اچ ٽونڪ هڪڙو تون
تڪيان پئي راھ تنھنجي مان
اڌوري آس جوڀن جي
جسم جي جوءَ جا سڀئي
سُڪي وڻ ٽڻ ويا آھن
رڳو هن روح کي راڻا
ڀڄائي ماڪ جيان وڃ تون
اڪيلي رات آرهڙ جي
جواني جون جو مھينو
بڍي جي بيوفائي جيان
اها آڪڙ اجائي ٿئي
نگهائون ناچ ۾ آھن
الاهي اسڪاچ ۾ آھن
مگر توسان مُکا ميلو
الاهي هيل ٿي سگهندو
وصالن جي ورڻ سان هي
وڇوڙو ڀيل ٿي سگهندو.