ڪيڏي پياري لڳندي آھين،
پايل پائي ايندي آھين.
مونکي وکريل وارن وانگي،
روز سنواري ويندي آھين.
هڪڙي پل ۾ حُب هيڪاندي،
ڀاڪُر پائي ڏيندي آھين.
منھنجي من کي واسڻ خاطر،
گُل گُلابي ٿيندي آھين.
ڳائي گيت وصل جو جانان،
دل کي دل سان ڇُھندي آھين.
ڪَجرارين ۾ ڪجل پائي،
صبح سانجهي ڪُھندي آھين.
تنھنجا ٽھڪ وڄُ وراڪا ھِن،
کينچل ڪندي کلندي آھين.
ٻارن وانگي ڪاوڙ تنھنجي،
پل ۾ پرچي ملندي آھين.
منھنجي من_نگر جي ڍنڍ تي،
آڙي وانگي اُڏندي آھين.
سڏُ اسان جا ورنائي،
پاڻ کڻائي پُڄندي آھين.
ڳالھہ وڇوڙن واري ٻُڌندي،
‘آس’ اندر ۾ روئيندي آھين.