شاعري

اکين منجهہ آڙنگ

نوجوان شاعر عبدﷲ آس هنڱورجو انھن سلڇڻن شاعرن مان هڪ آهي جنھن پنهنجي بھترين شاعريءَ ذريعي سنڌ ۾ سھڻي موٽ حاصل ڪئي آهي هن جي شاعريءَ ۾ وجد بہ آهي تہ اظھار دلڪشي بہ آهي . شاعريءَ جي اڪثر مروج صنفن تي هن خوبصورتيءَ سان لکيو آهي. دراصل هي غزل جو سُٺو شاعر آھي. هن شعري مجموعي ۾ گهڻا غزل آھن. جيڪي اڪثر رومانوي ڪيفيت ۾ لکيا ويا آهن، ڪُجهہ نظم ۽ چند چوسٽا پُڻ شامل آھن، پر غزل ۾ آس کي وڌيڪ مھارت حاصل آھي. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي تہ سُٺي شاعر ٿيڻ لاءِ ڏات سان گڏ ڏانءُ بہ ھُجڻ گهرجي سو اِن معيار تي بہ قدرتي پورو لھي ٿو.

Title Cover of book اکين منجهہ آڙنگ

پنھنجو ديس وٺو آ جانا

پنھنجو ديس وٺو آ جانان
تون ڇو دور گُذارين ويٺي،
ڏهر بہ سارا ساوڪ ساوڪ
آ ڀٽ ڀٽ جو ڀاڳ ڀليرو
ها پر توکان دور ڏسي وڃ
آئون ساڳيو آھيان ميرو
ڪھڙا چنڊ ڪتيون جانان
ڪھڙا ڏينھن نھارين ويٺي
پنھنجو ديس وٺو آجانان

تون ڇو دور گُذارين ويٺي
تو بن ڏينھن بہ ڇيريل چيتا
هرڪا رات بہ آهي روڳي
تو بن ڪھڙا مينھن مٺڙي
کائڻ ايندي آهي ميھونڳي،
پنھنجي خود کي ڳوليان ويٺو
توکان جيئن ئي وسريو آهيان،
وقت هوا جيئن ايندو آهي
آءُ پنن جيان وکريو آهيان،
ساٺيڪي تي ساريان ويٺو
هاڻ پکين جئين اُڏري اچ تون
هرڻي وانگي ڇال لڳائي،
ٻانھون لوڏي، جهمريون پائي،
وسڪاري جيئن ڀرجي اچ تون
سوچيان ويٺو سانوڻ ۾ مان
وقت هٿن مان واري وانگر
ڇا لئہ خود کي هارين ويٺي
پنھنجو ديس وٺو آ جانان!
تون ڇو دور گُذارين ويٺي