هاءِ! وڇوڙو وار ڪندو هِي،
پاڻ ٻنھي کي ڌار ڪندو هِي.
واڳونءَ جھڙو وات پکيڙي.
چيري هڪ مان چار ڪندو هِي.
ياد اڏي تي چاڙھي پوءِ،
عشق اندر جو آر ڪندو هِي.
ڄاتو مون آ سپنو تنھنجو،
رات اُڪاري پار ڪندو هِي.
اوسيئڙي جو آڙاھ جوڀن،
ساڙي ٻاري ڇار ڪندو هِي.
ضبط ٽٽو جي منھنجي من جو،
لڙڪن جي پولار ڪندو هي.
موٽي ٻيھر ايندين تون جي،
ٻانھون پنھنجون هار ڪندو هي.
‘آس’ اسانجي رب ۾ آھي،
ٻيڙا تاري پار ڪندو هي.