گنڀير ويچارن جي اپٽار: مريم مجيدي
سندس شاعراڻي لھجي ۾ سادگي جي سونھن بہ آھي تہ گنڀير ويچارن جي اپٽار پڻ نظر اچي ٿي، هي نج نبار سنڌي ٻولي جو شاعر آھي ۽ پنھنجي ماروئڙن لا لکي ٿو.
مارئي جي ديس جا اهي مارو ماڻھو جن کان مورن جا ٽھوڪا رسي ويا آهن ۔۽ روهيڙي جي رُت بہ رتوڇاڻ لڳي ٿي. اُن سموري درد کي آس جي احساسن مان چٽي ريت پرکي سگهجي ٿو. ڇو تہ هن لاءِ ٿر جي اداسي سندس من منڊل جي اٻاڻڪائي بنجي شعرن مان بکي ٿي. تڏهن آس جا غزل ب غمزده گهٽائن جا ڇانورا لڳن ٿا ۔جن ۾ لڙڪن جي اوهيڙن جا آبشار ٿر جي ٿڌي واري کي سيراب ڪرڻ لاء اوتون ڏيندا پسجن ٿا. هي سرجڻھار جيڪي لکي ٿو ان ۾ سندس نہ رڳو ذاتي مشاهدو شامل آھي پر هي انھن اڻانگين حالتن سان مھاڏو اٽڪائيندو لڇندو، پچندو پوءِ لکندو رهيو آھي. اهوئي سبب آھي جو هن جي شعرن ۾ ڏک ۽ نا انصافين جو سچو ۽ چٽو عڪس پسي سگهجي ٿو.
آئون عبدﷲ آس هنڱورجو کي مشاهداتي نہ پر تجربي جي تور تڪ کي ساهن ۾ سھيڙي سوچن کي لفظن جو ستر ڏيندڙ ڪوي ڪوٺينديس، جنھن ۾ هن جي سڀاويڪ ٻولي جو سھڻو لھجو بہ پنھنجو اثرائتو اثر رکي ٿو. آس لاءِ آس اٿم تہ سندس درد جي ڀرم جو سچو آظھار کيس مڃتا جي مآڳ تي ضرور مان ڏياريندو.
مريم مجيدي