ڪنھن کي ساري روئي ويٺي،
راھ نِھاري روئي ويٺي.
ڪيڏا طعنا اثر رکن ٿا،
عشق جياري روئي ويٺي.
نيڻن ۾ ڪو منظر ناهي،
پاڻ سنواري روئي ويٺي.
چنڊ بہ توکي ساڻ نہ آندو،
آڌيءَ ڌاري روئي ويٺي.
هٿ تان هنجو نانءُ مٽائي،
نانءُ اُچاري روئي ويٺي.
ڏيئن وانگي ‘آس’ اُجهائي،
شام ڪناري روئي ويٺي.