نفيس جذبن جو شاعر عبدﷲ آس هنڱورجو
آس پنھنجي اندر جي ڪشمڪش کي بيان ڪرڻ جي فن کان بخوبي واقف آھي. جيڪي ڳالھيون سندس روح تي بار بڻجن ٿيون، جديد سنڌي شاعري ۾ ان ڪيفيت کي سمجهڻ بنھہ مشڪل ناهي آس جي شاعري ۾ سادو سلوڻو ۽ سٻاجهڙو لھجو محسوس ٿئي ٿو. نج سنڌي ٻولي جو استعمال شاعري ۾ رهندو رس-چس کي وڌائي پيو. جيئن:
غم ڌنڌوڙي ڇاڻي ڇڏ تون،
مُرڪ چپن تي آڻي ڇڏ تون.
پلر پاڻي ھُيا تل ترايون ھُيون،
ولر ڪونجن ڪٺا ٿر مٿان او مٺا.
پرين سڪ نہ آهي اُجهاڻي اڃان،
نہ وڃ چاندني تون چٽي ۾ ڇڏي.
ڏسي ڪي ماتمي منظر ستارا سوڳواري ۾،
وطن ويران ۽ ويڙھا ۽ نظارا سوڳواري ۾.
ڌنڌوڙي، پلر، ترايون، اجهاڻي، ويڙھا وغيرہ جيڪي لفظ عام طرح سان گهٽ استعمال ڪيا وڃن ٿا يا جيڪو نئون نسل آھي انھن لئہ هي نوان لفظ آھن، انڪري ئي ليکڪ ٻولي جا محافظ لکيا وڃن ٿا. شاعر جي زندگي ان جي تجربات ۽ محسوسات ۽ ان جي سوچ جي رسائي ۽ ان جي ڏاهپ تي گرفت هميشہ هڪ جھڙي نہ ٿي رهي. پر هڪ قلمڪار جي اها اولين خوبي ليکي ويندي آھي جو هُو پنھنجي مليل ڏات کان ڏانءُ جو سفر ڪندي ماڻھن تائين پنھنجي اندر جي ڳالھہ پُھچائي سگهي ۽ پڙھندڙن ان کي سمجهي سگهن.
عبدﷲ آس هنڱورجو جي شاعري کي پڙھندي جيڪا ڳالھہ مون شدت سان محسوس ڪئي سان اها تہ آس پنھنجي شعر لکڻ ۾ خاص مھارت جو ثبوت ڏنو آھي.
اج ڏينھن تتل آ آرهڙ جو،
مون وٽ ترسي ٿڌو ٽاڻو ڪر.
چنڊ جيان هُو ڏور رهي ٿي،
ڳالھہ اسانجي وس ئي ناهي.
آس صرف قافيہ پئمائي جو قائل ناهي بلڪہ مقصديت کي اورڻ تي يقين رکڻ وارن مان آھي. ٿري لب و لھجو رکندڙ آس جي شاعري جو ڪئنواس ٿر جي ڀٽُن جيان ڪشادو ۽ پاڻ وڻائيندڙ رهيو آھي. پاڻ ذاتي طور هي غزل مونکي ڀي انتھا وڻيو.
سوچي ٿي بس هاڻ حياتي،
گڏجي گهاريون پاڻ حياتي.
روهيڙي جا روپَ نرالا،
رنگ رتانوان آڻ حياتي.
دُور ھُجن سڀ درد اکين کان،
مُحبت اهڙي ماڻ حياتي.
جيون جي هر لمحي جانان،
ساٿ کپي تو ساڻ حياتي.
وقت ڇڏيو آ ويڙھي ڏُک ۾،
تون بہ اچين ڪُجهہ واڻ حياتي.
تو بن آهي آس اسان جي،
کاري لوڻ جي کاڻ حياتي.
غزل فڪر جذبي ۽ اظھار ٽنھي کي ملائي تمام رچاءُ سان پيش ڪيو ويو آھي. آس پنھنجي شاعري ۾ غزلن جي تازگي شگفت کي ۽ جدت خيال کي برقرار رکيو آھي غزل جا تمام بند نظم جيان هڪ خيال يا هڪ موضوع جا پابند هوندا آھن بلڪہ مان پنھنجي دل جي ڳالھہ ڪيان تہ مونکي غزل جو هر بند هڪ نئين ۽ الڳ ڪھاڻي لڳندو آھي. ڇو تہ شاعر جي دل جو آواز سڀني جي دلين جي ترجماني ڪري ٿو.
عورت ڳاڙھي ڀي ڪاري آھي،
مردن تي ڪو ڪس ئي ناهي.
عبدﷲ آس هنڱورجو پنھنجي شاعري ۾ صرف رنڱ نہ رنڱ پر اردگرد جي ماحول تي ڪڙي نطر رکندي غم-جانان سان گڏ غم-دوران کي بہ موضوع سُخن بڻايو آھي، جنھن ۾ معاشري جي اوڻاين کي وائکو ڪيو ويو آھي.
آس جي شاعري جو هڪ مخصوص رنگ آھي، پنھنجو لھجو پنھنجا احساس ۽ ٿڌڙو مزاج بہ آھي ادب سان وابسطا هر انسان اهو بھتر نموني ڄاڻي ٿو تہ پنھنجو هڪ منفرد انداز جوڙڻ هر ڪنھن جي وس جي ڳالھہ ناهي. جيڪڏھن ڪنھن شاعر کي اهو ڪمال حاصل ٿئي تہ اصل ۾ اها ئي سندس معراج آھي، سلڇڻو قربائتو لھجو رکندڙ آس جي لئہ منھنجي اها ئي آس آهي تہ اڃا لکندو رهي ۽ اسان سڀ سندس شاعري پڙھندا رهون، هي ڀيڻ دل سان دعاڳو آھي.
فهميدہ شرف بلوچ