عبدالواحد آريسر کي ڀيٽا
تو جهاڳيو سنڌ ساري کي،
اٽل ها حوصلا تنھنجا،
اندر تنھنجو هماليه هو،
ڇڏي ڇو سنڌ کي هيڪل
وڏا ناسور وئين بخشي
سموري سنڌ سڏڪي ٿي
جهريل هي جند سڏڪي پئي
سدا تون آجپو سنڌ جو
امن جو خواب تنھنجو هو
اميدن جو سھارو تون
سڄو هي ڏيھہ ٿو ساري
هئين تون ساڀيان منھنجي
بنا تعبير خوابن جي
اسان جي آس جا ڏيئا
وساڻا ساڻ توسان ها
ٻرن ئي ڪونہ ٿا هاڻي
وڇوڙا ايترا پوندا
ائين ڪاٿي هيو سوچيو
اسان اڊڙڻ لڳا آهيون
لڳي ٿو هاڻ ڪو سيبو
لڳڻ جھڙا رهيا ناهيون
نہ روحل واءِ تي جهرمٽ
ستارن جي ڏٺي آهي
نہ ڪو تون هاڻ سانوڻ ۾
اڌارا ٽھڪ آڇيندين
اسان توکي وڃايو آ
سڄو ڄڻ ٿر وڃايو آ
اتر، ڪاڇو وڃايو آ
لڳي ٿو لاڙ ٿي ويو گم
لڳي ٿو پاڻ ڀي ناهيون
اسان کي جو ڇڏي ويو آن
رڳو گوندر گڏي ويو آن
هُئين تون سنڌ آريسر
اسان جي جند آريسر.