چيٽ جي چاندنيءَ ۾ چَري ڇوڪري،
ويس پائي اڇو آ وَري ڇوڪري.
عشق جي تيز آتش اُماڙي ڏني،
سون وانڱر سَڄي پي ٻَري ڇوڪري.
سنڌ ڄائي هُئي سا اسان جي اَدي،
ڏاڍ کان ڪون جيڪا ڏَري ڇوڪري.
ڪون ميھر مُلاقات ساڻس ڪئي،
رات ساري گهڙي تي تَري ڇوڪري.
برف جھڙو بدن، پشم جھڙا پَدم،
حُور ڪائي هُئي يا پَري ڇوڪري.
ڪونہ ڪنھن سان لُڇي ڪونہ ڪنھن کان ڪُڇي،
ماٺ ئي ماٺ ۾ وَئي مَري ڇوڪري.
سينڌ ڏيکي سڄي کير جھڙي اڇي،
گڻتين ۾ وڃي ٿي ڳَري ڇوڪري.
محل ۽ ماڙيون عمر جي آڇيون،
سڀ ٿُڏي ‘آس’ آئي ٿَري ڇوڪري.