پنڌ پرينءَ ڏي تاڻي جوڀن،
جڳ کي ڪون سُڃاڻي جوڀن.
پَن ڇَڻ جي رُت ارپي من کي،
وڇڙي ويندي ڇاڻي جوڀن.
کولي ڇڏيو وقت ڏُکن جي،
ڪير اوهان بن واڻي جوڀن.
منشا ھُن جي ٻي ڪا ناهي،
تنھنجون مُرڪون ماڻي جوڀن.
هيل نہ آئين ‘آس’ اڱڻ تي،
ڏُک جي پيڙيو گهاڻي جوڀن.
نوجوان شاعر عبدﷲ آس هنڱورجو انھن سلڇڻن شاعرن مان هڪ آهي جنھن پنهنجي بھترين شاعريءَ ذريعي سنڌ ۾ سھڻي موٽ حاصل ڪئي آهي هن جي شاعريءَ ۾ وجد بہ آهي تہ اظھار دلڪشي بہ آهي . شاعريءَ جي اڪثر مروج صنفن تي هن خوبصورتيءَ سان لکيو آهي. دراصل هي غزل جو سُٺو شاعر آھي. هن شعري مجموعي ۾ گهڻا غزل آھن. جيڪي اڪثر رومانوي ڪيفيت ۾ لکيا ويا آهن، ڪُجهہ نظم ۽ چند چوسٽا پُڻ شامل آھن، پر غزل ۾ آس کي وڌيڪ مھارت حاصل آھي. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي تہ سُٺي شاعر ٿيڻ لاءِ ڏات سان گڏ ڏانءُ بہ ھُجڻ گهرجي سو اِن معيار تي بہ قدرتي پورو لھي ٿو.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو