شاعري

اکين منجهہ آڙنگ

نوجوان شاعر عبدﷲ آس هنڱورجو انھن سلڇڻن شاعرن مان هڪ آهي جنھن پنهنجي بھترين شاعريءَ ذريعي سنڌ ۾ سھڻي موٽ حاصل ڪئي آهي هن جي شاعريءَ ۾ وجد بہ آهي تہ اظھار دلڪشي بہ آهي . شاعريءَ جي اڪثر مروج صنفن تي هن خوبصورتيءَ سان لکيو آهي. دراصل هي غزل جو سُٺو شاعر آھي. هن شعري مجموعي ۾ گهڻا غزل آھن. جيڪي اڪثر رومانوي ڪيفيت ۾ لکيا ويا آهن، ڪُجهہ نظم ۽ چند چوسٽا پُڻ شامل آھن، پر غزل ۾ آس کي وڌيڪ مھارت حاصل آھي. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي تہ سُٺي شاعر ٿيڻ لاءِ ڏات سان گڏ ڏانءُ بہ ھُجڻ گهرجي سو اِن معيار تي بہ قدرتي پورو لھي ٿو.

Title Cover of book اکين منجهہ آڙنگ

حال ڪي اورجن، ويجهڙا جي ھُجون.

حال ڪي اورجن، ويجهڙا جي ھُجون.
چس چپن چورجن، ويجهڙا جي ھُجون.

ڪاش ڀيڙا ھُجون، گوڏو گوڏي گڏي،
سور ڪي سورجن، ويجهڙا جي ھُجون.

مان پيو هت سڪان، تون پئي هُت سڪين،
ڪي گهڙيون تورجن، ويجهڙا جي ھُجون.

پاڻ آھيون پياسا ملون موڙ تي،
گيت ڪي گهورجن، ويجهڙا جي ھُجون.

ڇاڇري جي ڇيھہ تي تون ھُجين مان ھُجان،
ڀاڪرون ڀورجن، ويجهڙا جي ھُجون.

کڻ کڻي ھرمِچي ھرک جھڙي بدن،
پور ڪي پورجن ويجهڙا جي ھجون.

مند پن ڇڻ وري، آ ھلي تون پرين،
ڏار ڪي ڏورجن، ويجهڙا جي ھُجون.