شاعري

اکين منجهہ آڙنگ

نوجوان شاعر عبدﷲ آس هنڱورجو انھن سلڇڻن شاعرن مان هڪ آهي جنھن پنهنجي بھترين شاعريءَ ذريعي سنڌ ۾ سھڻي موٽ حاصل ڪئي آهي هن جي شاعريءَ ۾ وجد بہ آهي تہ اظھار دلڪشي بہ آهي . شاعريءَ جي اڪثر مروج صنفن تي هن خوبصورتيءَ سان لکيو آهي. دراصل هي غزل جو سُٺو شاعر آھي. هن شعري مجموعي ۾ گهڻا غزل آھن. جيڪي اڪثر رومانوي ڪيفيت ۾ لکيا ويا آهن، ڪُجهہ نظم ۽ چند چوسٽا پُڻ شامل آھن، پر غزل ۾ آس کي وڌيڪ مھارت حاصل آھي. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي تہ سُٺي شاعر ٿيڻ لاءِ ڏات سان گڏ ڏانءُ بہ ھُجڻ گهرجي سو اِن معيار تي بہ قدرتي پورو لھي ٿو.

Title Cover of book اکين منجهہ آڙنگ

وِجهي ھار- ڀاڪر ڀرين ٿي، وڻين ٿي،

وِجهي ھار- ڀاڪر ڀرين ٿي، وڻين ٿي،
ڊگها وار ڇوڙي ورين ٿي، وڻين ٿي.

جسم، جانَ پنھنجي، پرين! تون مُنھنجي،
جڏھن ڀي حوالي ڪرين ٿي، وڻين ٿي.

انائون بہ ماري، رُساما وساري،
اڱڻ تي قدم تون، ڌرين ٿي، وڻين ٿي.

ڀِڄائي بدن کي، وڏي ڪنھن لھر مان،
نما شام مون سان ترين ٿي، وڻين ٿي.

ٿڌي رات ٿر جي، هجون پاڻ تنھا،
ٻکن ۾ ٻَرين ٿي، ٺرين ٿي، وڻين ٿي.

نہ من تان لھين ٿي، نہ دل تان ڊهين ٿي،
صدا تون بہ دل ۾ رهين ٿي، وڻين ٿي.

وساري ڇڏيو تو اِهو سوچيو مون،
مگر پو بہ مون لئہ مرين، ٿي وڻين ٿي.