پڳو هان شھر تنھنجي ۾
کڻي پيرا پرين، تنھنجا.
ڪٿي آنءَ تون ڌڻي منھنجا؟
رلان ٿو رات ڏينھن تو لئہ،
انگن ۾ عشق آ ارڏو،
جواني ڪيئن جهليان جاني!
ڪئين توکي پليان جاني!
پتو ڪو پار ئي ناهي،
اکيون تولئہ سڪن ويٺيون،
هوا کان ڏس پڇن ويٺيون،
ملي جي ڏس پتو تنھنجو،
اُڏامي مان اچان تولئہ،
دڳن تي ديد تنھنجي پئي،
نمن وانگي نچان تو لئہ،
مگر ڪو ڏس مليو ناهي.
ڪيان ڇا مان مٺي! هاڻي،
لکان ڪھڙي چٺي هاڻي،
وڇوڙي گهاءُ وڌا آهن،
دُکي هن دل منھنجيءَ جو
پرين! توکي پتو ڪھڙو؟
سکيءَ جي شھر ڏي ويندي،
نِسورو قھر ڀوڳي ٿو،
اسانجي روح جو پنڇي،
رلي ڏاڍو ٿڪو آھي،
ٿڪي پيو جسم جانيئڙا!
وڇوڙي آ ولوڙيو ڄڻ،
ڏڪي پيو جسم جانيئڙا!
وڃان پيو ماڳ ڏي موٽي،
ڏسي ديرا پرين تنھنجا!
پڳو هان شھر تنھنجي ۾،
کڻي پيرا پرين تنھنجا.!