سڄي جڳ ڪنان آ سُٺي مُون ۾،
رهي ٿي اُها ئي مِٺي مُون ۾.
ڀني مينھن ۾ رات جيڪا ھُئي،
اها ئي تہ آھي وُٺي مُون ۾.
رُسي زندگي وئي ھُئي مون کان،
رُڳي رات هڪ ھُو رُٺي مُون ۾.
کُليا تاڪ دلين سندا آهن،
جڏھن لوڪ ھُن کي ڏٺِي مُون ۾.
آڌيءَ ٽاڻي ٿي ڇرڪائي،
پيار مان لکيل آ چٺي مُون ۾.
مٽي جي گهر وندن جيان آھي،
ٺھي ۽ وري ھُو ڊٺي مُون ۾.
وَئي ٻانھن جي ھُو وراڪن مان،
مگر ساھُ ۾ آ ڪٺي مُون ۾.
عشق جي اُماڙي ڏني اهڙي،
دُکي سار جي پئي بٺي مُون ۾.