اوهانجي حياتيءَ سَندي هَنج آھي،
اسان لئہ اِها ئي گهڻي، گنج آھي.
ويا ٿڪَ سارا لڱن تان لھي ڄڻ،
اوهان جو وھاريو اکين منجهہ آھي.
پري ڪونہ آھيون پرين! پاڻ توکان،
نہ ڪوئي اوهان سان رکيو رنج آھي.
سَڄڻ شھر تنھنجو اسانجي اکين کان،
سوين ڪوھ ڪونھي وکون پنج آھي.
کڙي کوھَ تي ڪنھن ٿري ڇوڪريءَ جي،
پيل ٻانھن ۾ ڪا سچي کَنج آھي.
اها ‘آس’ آھي تري پار ٿيندس،
مليو ساٿَ تنھنجيءَ سندو وَنجهہ آھي.