آس ڪڪر جي آس
ننڍڙي هوندي کان ڪتابن سان روح رھاڻيون ڪندي جوان ٿيندڙ عبدﷲ، لکون چيري ايندڙ ريڊيو جي آوازن سان ڪچھريون ڪندڙ عبدﷲ ۽ پنھنجي آسپاس جي اديبن جي ساهتي سنگت ۾ رنگجي پروان چڙهندڙ عبدﷲ اڄ آس هنڱورجو جي نالي سان سڏجندڙ هڪ بيحد خوبصورت شاعر آهي.
ھن ھڪ ڊگهي عرصي کان شاعريءَ جي ڇانوَ ۾ ويھي جيڪو سٽن جو سٽ ڪتيو آهي، اهو غزل، نظم ۽ چوسٽن جي صورت وٺي اسان جي اڳيان مجسم آهي.
جنھن کي هن پنھنجي پھرئين شعري مجموعي "اکين منجهہ آڙنگ" ۾ سھيڙيو آهي.
سچ هي آهي تہ مان آس هنڱورجو جي شاعري پڙهي ڪڏهن تہ سندس ڳوٺ ٻُگهار جي اداس شام ٿي ٿو وڃان، ڪڏهن وري گڊي ڀٽ تان رات جو تارا تارا نظر ايندڙ سندس پاڙيسري مٺيءَ جو شھر بڻجي ٿو وڃان.
اچو تہ آس جي غزليات جي ڪن املھہ سٽن جو نظارو ڪريون:
اوھان جي ڏکن کي کڻي سر پنھنجي،
حياتي ڳنڍيندي چتي ٿي وياسين.
ويس ڪارو ڪرين يا ڪرين ڪو ٻيو،
هر نئين رنگ ۾ تون وڻين ٿي وڻين.
کڙي کوھ تي ڪنھن ٿري ڇوڪريءَ جي،
پيل ٻانھن ۾ ڪا سچي کنج آهي.
نيڻ تنھنجا ننگا آءُ اوڍي سمھان،
ڏيھہ تن مان ڏسان، تون جي چاهين پرين.
آخري شعر ڄڻ لطيف جي مشھور بيت اکين ۾ ٿي ويھہ جو سون سريکو عڪس آهي، جنھن جي اڻت نج آس جي پنھنجي ۽ انوکي آهي.
مٿيان آس جا شعر هن جي اصل زندگيءَ جا مشاهداتي ڏيک آهن.
منھنجي نظر ۾ سچي شاعري اصل شاعر جو پنھنجو مشاهدات نامو هوندي آهي، برابر شاعر جي شاعريءَ جا ٻيا بہ انيڪ پاسا هوندا آهن.
پر شاعر جو بنيادي ۽ ڳرو پاسو سندس نج زندگي هوندي آهي.
آس جڏهن پنھنجي پرينءَ جي ڏکن کي پنھنجي سر کڻي ٿو تہ هو حياتيءَ کي ڳنڍيندي چتي ٿي وڃي ٿو.
ڪرشن رنگي عبدﷲ آس کي پنھنجو پرين هر ويس ۾ وڻي ٿو
اهڙي طرح جڏهن آس ٿر جي ڪنھن ڇوڪريءَ جي ٻانھن ۾ پيل سچي کنج يا چوڙي جي ٿو ڳالھہ ڪري تہ زندگي ڄڻ اهو کڻج ٿي وڃي ٿي جنھن کي ريشمي ٻانھن نصيب آهي.
آس جي سموري شاعري سڀني صنفن سميت نہ رڳو پنھنجي سونھن سٽاءَ ۾ سھڻي آهي، پر اها سانوڻ مينھن جي وسندڙ ڪڻ ڪڻ جھڙي سريلي بہ آهي رڳو ان کي ڪاغذ تان کڻي چپن تي آڻڻ جي دير آهي.
وسيم سومرو
آرهڙ مئي 2021
نوابشاهہ