نيٺ ازالو ڪير ڪندو…!!!
هي منھنجي لوءُ جا لاکيڻا
ها ڪالھہ بہ ڪي ئي مور مئا
جي ڌرتيءَ جا اهڃاڻ هئا
۽ حسن سَندي جت هاڪ هئي
تن جي روز تڏي تي
ٿو واهوندي جو واءُ اچي
افسوس منجهانران ائين پُڇي
هن گهايل کي ڪھڙو گهاءُ ھُيو
۽ ڪئين هتي ڊيل ڏهاڳڻ ٿي
ٿي سرد ڀري شوڪارا
۽ خاموشي سان ويل وچين جي
ڪئين لڙڪ قطارون لاڙن ٿيون
ڪي وچن مٽي جا پاڙن ٿيون
۽ وڇڙيل سارنگ سارن ٿيون
مايوس ونيون ڪي چونئرن ۾
ڄڻ کنھبا تيل سنڀارين ٿيون
سو دشمن ڪاٿي ڄاڻي ٿو
جو تيغ ترارون تاڻي ٿو
۽ سون سريکي صورت تي
هي وقت وري ٿو ويري ٿي
۽ هر هر ڀالو تاڻي ٿو
اي وقت جا حاڪم پاڻ ٻڌاءَ
نيٺ ازالو ڪير ڪندو؟
۽ جهُڙ جُھڙالو ڪير ڪندو.