ڇوڪِريءَ جو بدن ڇا تہ ڳورو هُيو،
نيھُن جنھن سان نئون ۽ نڪورو هُيو.
دل تڏھن هِي قلندر جيان ٿي نچي،
تو پري کان ڪيو پاڻ ھورو هُيو.
رات رولاڪ کي دڳ لڳائي ڇَڏيئي،
بس اِھوئي! ڄڻ تہ ٿورو هُيو.
هِي تہ جيون اوهان جي اچڻ کان اڳي،
ٿي لڳو ڄڻ تہ ڪو ٻار ڇورو هُيو.
هُن ڪنڌيءَ تي تماچي پُڳو تو لئہ،
سچ پُڇين ڄڻ تہ ڪينجهر هندورو ھُيو.
ها اوهان کي اچي اوڏڙو ايئن لڳو،
عشق تنھنجي اکين ۾ نِسورو هُيو.
رات جو ٿا وِھاڻا پُسائي ڇڏيون،
نيڻ بڙ جو ڄڻ تہ ڪوئي ڍورو ھُيو.