پنھنجي پاران
فطرت جو حسين و جميل خطو ٿر پارڪر۽ انھي جا ثقافتي تھذيبي تمدني ۽ تاريخي رنگ، ٿر جا منفرد ۽ محبوب ماڳ، مڪان ۽ منظر منھنجي اکين اڳيان ھئا جن مون کي موھيو ۽ متاثر ڪيو.
ريڊيو پاڪستان مٺي جا شروعاتي علمي ادبي پروگرام جن اسان پارن نون لکندڙن کي نہ رڳو اتساھيو پر لکڻ ۽ سکڻ جي عادت/ھيرَ بہ وڌي. سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ميرپور خاص جا رنگين ۽ رومانوي ڏينھن بہ منھنجي اندر جي ڪويءَ کي ڊسڪور ڪرڻ جو ڪارڻ بنيا.
لاڙ سان منھنجي لئون ننڍي لاڪئون لڳي ھئي، جنھن سان منھنجا روحاني ۽ جذباتي رشتا اڄ بہ قائم و دائم آھن. لاڙ جنھن جي ٻاجهاريءَ ٻوليءَ ڪلچر ماڻھن ۽ ماحول بہ منھنجي شاعري کي آڪسيجن فراھم ڪئي آھي.
ٿر جي مورن جا ٽھوڪا روھيڙن جا رنگ سارنگ ۽ سانوڻ جو سنگم منھنجي شاعري کي سونھن بخشيندا رھيا آھن. پنھنجي دلبر دؤر جي سينئر توڻي جونيئر شاعرن جي شاعريءَ مان آئون نہ رڳو سکيس پر، متاثر بہ ٿيس! ڪن جو اثر بہ قبوليو اٿم. خاص طور تي محبوب ڪوي سائين امر ساھڙ جنھن منھنجي نہ رڳو شاعريءَ ۾ مون کي ھمتايو ۽ حوصلو ڏنو، پر علمي ادبي حوالي سان بہ منھنجي مُسلسل رھنمائي ڪئي، جنھنڪري ئي آئون ڪجهہ نہ ڪجهہ لکڻ جي لائق ٿيو آھيان. ادبي دوست ۽ ادبي ڪتاب بہ منھنجا بھترين ساٿي ۽ استاد رھيا آھن. جن سڀني جي بي لوث محبتن جي بدولت ئي مون ادبي دنيا ۾ پير پاتو آھي. باقي ڏات قدرت طرفان عطيو ھئڻ سان گڏ مونکي ميراث ۾ ملي آھي، ڇو تہ منھنجو والد سگهڙ شاعر آھي.
مون منافقيءَ جي ميلي بدران اڪيلائي اختيار ڪئي، ھجُومن کان ھيڪلائي طرف آيس جتي آئون پنھنجي پاڻ سان ئي همڪلام ھوندو آھيان. تنھائيءَ جون طويل راتيون ۽ اڪيلائيءَ جا آرھڙ ڏينھڙا مون کي نہ ملن ھا تہ آئون شاعريءَ سان سَنمُک ٿي ڪونہ سگهان ھا.
تنھائيءَ جي تڙپ ۽ تشنگيءَ مان ڦُٽي نڪرندڙ شاعري ئي منھنجي واند ڪائيءَ جي وندر آھي.
مون ھي جيڪي رنڊا روڙيا آھن، اُھي اوهان شاعريءَ سان محبت ڪندڙ سڄڻن کي قبول پون ٿا يا رد ٿين ٿا، ان جي خبر ڪانہ اٿم پر جيڪو ڪجهہ ڪچو ڦڪو ”دلِ-نادان“ جي اصرار تي اظھاريو اٿم انھي جي ساب پوڻ ۽ محبت ڀري موٽ جي آس تي ئي پنھنجي شاعريءَ جو پھريون ڪتاب اوھان جي ھٿن تائين پھچائيندي بي حد سرھائي محسوس ڪريان ٿو. اميد اٿم تہ اوھان سخن شناس سڄڻن جي ھمت افزائي مون ادب جي الف بي کان اڻواقف انسان کي شاعريءَ جي سرزمين تي ھلڻ جو حوصلو ڏيندي.
ٿر ۾ واري ٿوري تھان گهڻيرا ٿورا سنڌ جي سُريلن شاعرن/شاعرائن جا، جن مون جھڙي معمولي ماڻھوءَ جي ڪچيءَ ڦڪيءَ شاعريءَ کي نہ رڳو عزت ۽ محبت جي نگاھ سان پڙھيو پر پنھنجن اصلاحي ۽ قيمتي راين سان پڻ نوازيو.آئون بيحد ٿورائتو آھيان.
بيحد ٿورائتو آھيان محبوب شاعر ۽ منھنجي ادبي رھنما سائين امر ساهڙ جو، جنھن منھنجي ھن ڪتاب جي بيڪ ٽائٽل لاءَ پنھنجي قيمتي راءَ سان نوازيو، ۽ شُڪز گذار آھيان سائين مُحمد هنڱورجي، سائين وسيم سومري، ادي فھميدہ شرف بلوچ، جيجي مريم مجيدي، سائين اياز رضوي، سائين ايوب کوسو، ناشاد رحم علي، پياري منور هاليپوٽو، محبوب دوست چمن آر ٿريءَ ۽ پياري مشتاق جنجهيءَ جو، جن پنھنجي قيمتي وقت مان ڪجهہ پل ڪڍي منھنجي ڪيل ادبي پورهئي کي مان ڏيندي سندر لفظن ۾ سھڻا تاثر لکي ڏنا. بنھہ گهڻو ٿورائتو سامروٽي پبلڪيشن ٿرپارڪر ۽ اُنھي جي سرواڻ ۽ محبوب دوست پرڪاش ڪرمواڻي جو جنھن هن ڪتاب کي سنواري، سينگاري پنھنجي هٿن تائين پُڄايو. هڪ ڀيرو وري بہ سڀني ساھ سريکن سڄڻن جا انيڪ احسان، ڪروڙين قرب ۽ لکين ٿورا.
ساٿ سلامت- سنڌ سلامت.
عبدﷲ آس هنڱورجو
ڳوٺ ٻُگهار مٺي/ٿر
03153137240