شاعري

اڃارو جيون

ڪتاب ”اڃارو جيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ ۾ ترتيب ڏنل شاعري (سنڌوءَ حرفي) تي مشتمل هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار سومار سنگم مڱڻهار آهي. سومار سنگم جي شاعري ۾ چائت چِت ۾ پائي سَنهُون ڪتڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي . پر محبت مَن ۾ پائي نه هئڻ جي جاءِ تي، ڪجهه هئڻ جي احساس سان ڀرپور رنڍا روڙ ڪيل آهي .

Title Cover of book Unjaro Jeewan

سنگم درد جو عڪاس شاعر (مهاڳ)

زندگي جتي کوڙ ساريون معنائون رکي ٿي، اتي هئڻ جو احساس ئي زندگي جو اصل مقصد آهي. جتي جيئرو رهڻ، کائڻ پيئڻ، آرام ۽ آسائش جي ڳولا ۾ رت ولوڙڻ ۽ پاڻ کان ٻاهر نڪري نه سوچڻ، پنهنجي ذات تائين محدود رهڻ ، زندگي جي حسن کي لانجهو ڪن ٿا. اتي جيئڻ سان گڏ جاڳڻ، پنهنجي وات جو گرهه ٻئي جي ضرورت تي قربان ڪرڻ، پنهنجي نيڻن جي ننڊ ڦٽائي، سماج جي ناسورن جا ڦٽ سڪائڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ ئي زندگي جو ازلي حسن آهي. خاموشي موت جو نالو ۽ هلچل زندگي جو نالو آهي. زندگي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ بجاءِ ڪجهه ڪرڻ جو نالو آهي. انهي ئي ضرورت جي اهميت کي محسوس ڪندي، بلنگز اهو چيو هو ته، ”انسان هتي ڪجهه ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي ، جيڪڏهن هو ڪا چڱائي نه ٿو ڪري سگهي ، ته برائي به ڪري ، وقت جي رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو لکائي . گمنامي جي موت مرڻ کان بهتر آهي ته ، انسان ڄمي ئي نه .“
ڪجهه ڪرڻ سان ئي ، ماڻهو تاريخ جي دفتر ۾ پنهنجو نالو لکائي سگهي ٿو. پوءِ وقت جي ساهمي ۾ انهي ڪيل عمل جي تور تڪ ٿيندي آهي . تاريخ جي رڪارڊ ۾ بري يا ڀلي عمل ڪرڻ وارن جي لسٽ موجود آهي . ماڻهو جا عمل توري انهي لسٽ ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي . تاريخ جي بي رياءَ عدالت ئي عملن جي نتيجن کي ڏسي ، پنهنجي فيصلن جا تاج گذري ويل ماڻهن جي سرن تي رکي ڇڏيا آهن . جن کي ڏسي پونئر سندن ياد ملهائين ٿا . ڪنهن به ڪم جي نتيجي جي تورتڪ بروقت ڪرڻ مشڪل آهي . عملن جي نتيجن جو وزن ڪجهه عرصي بعد ئي ظاهر ٿيندو آهي . پوءِ انهي وزن آهر انهي ماڻهو کي امرتا ملندي آهي . اهوئي سبب آهي ، جو پنهنجي وقت جي نامور حڪمرانن جا ڪيل عمل تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ سندن پونئرن لاءِ شرمساري جو سبب آهن . پر پنهنجي وقت جي مسڪين ۽ توجهه نه ڇڪائيندڙ فقيرن جا عمل وقت جي پارس سان سڃجي سونا ٿي پيا آهن . اهوئي سبب آهي جو تاريخ جي رڪارڊ ۾ نامور بادشاهن جا ڪنڌ پنهنجي دور جي فقيرن جي قدمن ۾ جهڪيل آهن .
تاريخ ۾ نالي لکائڻ لاءِ ماڻهو جي عملن کان وڌيڪ ماڻهن جي ثابت قدمي وڌيڪ ڪمائتي ثابت ٿيندي آهي. ڪي ماڻهو پنهنجي عملن جي پاڻ تورتڪ ڪندا آهن. سندن خود تنقيدي عمل جي غلطي کين گهڻو پوئتي ڇڏي ويندي اهي. سنهي ڪتڻ جي خفقان ۾ هو پنهنجي زندگي وڃائي گمنامي جي موت مري ويندا آهن . پر ڪي ماڻهو پنهنجي اڀري حال سارو به سنهي ڪتڻ جي آسري ۾ وقت وڃائڻ بدران ڪجهه نه ڪجهه ڪري ويندا آهن . سندن انهي ڪيل عمل سان هو تاريخ جي رڪارڊ ۾ نالو لکائي، گمنامي جي لعنت کان بچندي ، پويان پنهنجو نالو يادگيري لاءِ ڇڏي ويندا آهن. انهي بابت شاهه سائين ڪيڏو نه معنيٰ خيز نياپو ڇڏي ويو آهي .
چائت پائي چِت ۾، سَنهُون ڪَتِيو جن،
تن جو صَرافن، دُڪو داخل نه ڪيو!
محبت پائي مَن ۾، رَنڍا روڙيا جن،
تن جو صَرافن، اڻ توريو اگهائيو. (شاهه)
اهي مٿيان ٻئي بيت زندگي جي عمل جا رهنما اصول آهن . جن تي عمل ڪندي سومار سنگم پنهنجي شاعري جو هي ٻيون ڪتاب اُڃارو جيون منظرِ عام تي آندو آهي . جنهن جي مهاڳ لکڻ لاءِ مون کي حڪم ڪيو اٿس.
سومار سنگم جي شاعري ۾ چائت چِت ۾ پائي سَنهُون ڪتڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي . پر محبت مَن ۾ پائي نه هئڻ جي جاءِ تي ، ڪجهه هئڻ جي احساس سان ڀرپور رنڍا روڙ ڪيل آهي . هن ڪتاب سان نه صرف سومار سنگم جي شاعري جو ٻيون ڪتاب ميدان ۾ اچي، سندس صاحبِِ ڪتاب هئڻ واري اعزاز کي ٻيڻو ڪندو ، نه صرف سنڌي ڪتابن جي لسٽ ۾ هڪ وڌيڪ ڪتاب جو اضافو ٿيندو . پر سندس رنڍا روڙ ، سندس ثابت قدمي ۽ فيصلي جي قوت سبب ، سندس دور جي ڪيترن ئي سنهون ڪتيندڙ شاعرن کان کيس اڳتي کڻي ويندي . مون کي ذاتي طور خبر آهي ته سندس ڪيترن ئي خيرخواهن سندس شاعري جي فني خامين جي نشاندهي ڪندي ، کيس ڪتاب منظر عام تي آڻڻ کان روڪيو پئي . پر هن پنهنجي روڙيل رنڍن کي نيٺ ميدان ۾ آڻي ئي ڇڏيو .
هن ڪتاب ۾ شامل سومار سنگم جي شاعري جي فني گهاڙي ٽن جي خامين تي ، يا لفظن جي اُبهام بابت ته ڪو جڳاندري شاعر اڳتي هلي تنقيد ته ڪري سگهي ٿو ، پر سومارسنگم جي حقيقي مشاهدن ۽ حالتن جي عڪاسي ، مجبورن جي دلين ۾ ٻاريل روشني جي ڏيئن کان انڪار نه ڪري سگهندو . سومار شاعري جي فني پيچيدگين کان واقف نه هئڻ جي باوجود به پنهنجي شاعري ۾ جام مينا اوتڻ بجاءِ ، درد جي عڪاسي ڪندڙ شاعر آهي . سندس شاعري ۾ محبوب جي رتامي ڳلن ، لالي لاتل لبڙن ، ڪنڍن ڪارن ڪاڪلن جي ڪوڙڪين جي مانڊاڻ جي جاءِ تي ، هڙٻاٺيون نڪتل مهانڊن جي درد جي عڪاسي ضرور ٿيل آهي . هو پنهنجي وقت جو اهو شاعر آهي . جنهن زندگي جي درد کي نه صرف ڀوڳيو آهي ، پر انهي تي رت جا ڳوڙها به ڳاڙيا آهن . هو درد سان عشق ڪندڙ اهو سجاڳ شاعر آهي .جنهن دردن جو انت آڻيندڙ جدوجهد ۾ شامل ٿِيڻ لاءِ وڏي واڪي سڏ به ڪيا آهن .
حقيقت ۾ سومار سنگم جتي درد جو عڪاس شاعر آهي . اتي نواڻ پسند به آهي . هن جڏهن منهنجي شاعري جي سنڌي ٻولي جي پهرين ٻاونجاهه اکري سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جي ڪلاسن ۾ ٻڌي ، ته کيس به شوق پيدا ٿيو ،ته هو به ٻاونجاهه اکري لکي سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ ٻاونجاهه اکري لکندڙ شاعر جو اعزاز ماڻي . حالانڪ منهنجي سنڌي ٻولي جي ٻاونجاهه اکري تي مبني شاعري جي ڪتاب “ سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه ” کي سنڌ ۽ پوري دنيا ۾ ملندڙمڃتا کي ڏسندي ، ساڻس گڏ ڪيترن سنڌي شاعرن جي دل ۾ ٻاونجاهه اکري لکڻ جو اتساهه پيدا ٿيو آهي . ڪيترن سنڌي شاعرن ٻاونجاهه اکريون لکڻ به شروع ڪيون آهن . ٽنڊومحمدخان جو ڀلوڙ شاعر عاشق ڳاهو به اهڙي ڪوشش ڪري پيو . هو سنڌي ٻولي جي ٻاونجاهه اکري ۾ ٽيڙو لکي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ پيش به ڪري چڪو آهي . پر سندس اڃان اهڙو ڪتاب سنڌي ادب جي واڌاري جو سبب ناهي بڻيو . پر سومار سنگم پنهنجي غربت سبب پنهنجي وات جو گرهه قربان ڪندي ، سنڌي ٻولي جي ٻاونجاهه اکري “ سنڌوءَ حرفيءَ ” جو ڪتاب ميدان ۾ آڻي ، مون کان پوءِ ٻئي سنڌي ٻولي جي ٻاونجاهه اکري لکندڙ شاعر جو نيٺ اعزاز ماڻي ورتو. آهي ڪيترن ئي ٻاونجاهه اکري تي طبع آزمائي ڪندڙ سندس هم عصرشاعرن کي پنهنجي غربت ۽ بي سمري هئڻ جي باوجود به ملهه ماري ويو آهي .
سومار سنگم جي شاعري پڙهڻ سان درد جون سُوٽُون اُڀرن ٿيون . هن جي شاعري جي فني خوبين جي نفاست ۽ علم عروض جي قاعدن کي پاسيرو رکندي ، اچو ته ٿورو شاعرانه جائزو وٺون ، ته درد جي هن شاعر جي شاعري ۾ اها ڪهڙي خوبي آهي . جنهن سان سندس هي رنڍا روڙ صرافن وٽ اگهامجڻ جو سبب بڻبي .
سومار ڪا وڏي هام به نه ٿو هڻي ، هو پنهنجي دلي ڪيفيت ڪهڙي نه نماڻائي واري انداز ۾ بيان ڪري ٿو ته:
جـــيــون ڪٿا ويٺو لکان
پنهنجي خـطـا ويٺو لکان
رت سان ڀري قلم اک مان
لــڙڪــن عــطـا ويٺو لکان.
يا وري پنهنجي مشاهدن تجربن ۽ جوڀن جي بيوفائي کي ڪهڙي نه منفرد انداز ۾ بيان ڪيو اٿس . جوڀن جي جاڙ تي ڪافي شاعرن لکيو آهي . پر هن نواڻ جو مظاهرو ڪندي ، گذاريل گهڙين ۽ وارن جي رنگ بدلجي ڪارن مان اڇو ٿيڻ واري ڳالهه کي پنهنجي منفرد نموني سان نئين نڪور تشبيهه ڏيندي ، ڪهڙو نه دل کي وڻندڙ سلوڻو انداز اختيار ڪيو آهي . هو چئي ٿو ته.
ڀــڄـنـدي وڃــي پئي زندگي
پــڇـنـدي وڃــي پئي زندگي
وارن جــئي رنــگــن اوٽ ۾
لڪندي وڃي پئي زندگي.
محبت جو پرچارڪ هي فقير انسان محبت کي ئي مذهب سمجهي ٿو. سماج ۾ ڏڦيڙ ۽ هر قسم جو ڦيٽاڙو وجهندڙن تي ڦٽڪار ڪندي ، محبت جي انڪاري ماڻهن کي ڪافر سمجهندي چوي ٿو:
ڦــٽــڪار وجـهـو ڦـيـٽاڙ تي ، جوڙ جو ٽوڙي .
محبت سنڌو منڪر جو ، ڪفار جي صورت.
سنڌي ٻاونجاهه اکري جي استعمال ۾ ايندڙ سمورن اکرن کي به اصل آوازن وارن لفظن سان استعمال ڪيو اٿس . خاص ڪري پنجن سنڌي اکرن ڃ ، ڙ ، ڱ ، ڻ ، ء ، کي رسمي طور غير ٺهڪندڙ آوازن وارن اوپرن لفظن سان استعمال ڪرڻ بجاءِ . منهنجي ڳوليل اصل آوازن وارن لفظن کي استعمال ڪيو اٿس . جيئن ڃي اکر سان شروع ٿيندڙ لفظ ڃوڃڻ جي معنيٰ آهي . ونگ ، ڍنگ ، جيڪو سُوئاڍڳيءَ کي ڀاڳيا ڏهڻ وقت وجهندا آهن . انهي کي استعمال ڪندي هڪ وائي ۾ چوي ٿو ته :
ڃـــــوڃـــــڻ ڇِـــــن پـــــيــــرن،
ٻـــــول تـــــه ٻـــــاڙو ســـــچ،
ڪوڙن لـڳـي مچ.
دهـــــشت ســـــامـــــهون تون،
ســـــيـــــنون تـــــاڻـــــي اچ
ڪوڙن لڳي مچ.
ساڳئي نموني ٻئي اکر ڙي سان شروع ٿيندڙ لفظ ڙاڪون ، جنهن جي معنيٰ درياءَ ۾ پاڻي جي لاٿ سبب ڪنارن جي واري ۾ پيل ڏار يا ڦوٽون آهي . انهي لفظ کي هڪ ٻي وائي ۾ استعمال ڪندي چوي ٿو ته :
ڙَاڪُون ســـــنڌوءَ جي ڪپ!
وڻ ڀي سُـــــڪي ڇـــــوڏا!
ٿيا هاڻي!
لـــــڳيون لُـــــڪون آهـــــن،
ٿـــــو هـــــر کِـــــپون ٿـــــوڏا!
ٿيا هاڻي!
ساڳئي طرح سنڌي ٻولي جي اکر ڱي سان شروع ٿيندڙ لفظ ڱڱو، جنهن جي معنى چهچ ڳاڙهو رنگ آهي، انهي کي استعمال ڪندي هڪ غزل ۾ چوي ٿو ته :
ڱِڱيون کڻي اکيون، چوڻ ڳالهه وڏي آهي،
هٿ جي اشارن سان. ڪرڻ ڳالهه وڏي آهي.
وري سنڌي ٻولي جي ڻي اکرسان شروع ٿيندڙ لفظ ڻُڻُو ، جنهن جي معنيٰ آهي . چڻن ، مٽرن ، چئونرن يا مانجهلي جو اهو داڻو ، جيڪو پاڻي ۾ تمام گهڻو ڪاڙهڻ بعد به نه ڳري ۽ سڄو رهجي وڃي ، ان کي ڻُڻو داڻو چيو ويندو آهي . انهي کي استعمال ڪندي هڪ وائي ۾ چوي ٿو ته :
ڻـــــاڻـــــو ڪري ڇـــــومن!
مـــــونکي ڇـــــڏي ساجن!
تون نه پرين وڃ!
اکـــــيون ”سنگم“ تولئي،
را تـــــون پـــــيون جــــاڳن،
تون نه پرين وڃ!
سنڌي ٻولي جو اکر ء، جنهن سان شروع ٿيندڙ لفظ ئوئان يعني تازي ڄاول ٻار جي روئڻ جو آواز. انهي لفظ کي به هڪ غزل ۾ڏاڍي معنيٰ خيز نموني استعمال ڪيو اٿس. جيئن چوي ٿو ته:
ئُوئَان واري اوٽ ڇڏي ڏي ،
راڻي دل جي کوٽ ڇڏي ڏي .
نفرت جي ڀِت ڇو ته اڏين ٿي،
ڪيول فيرڻ ڪوٽ ڇڏي ڏي!
اهڙي ريت ٻاونجاهه اکرن سان شروع ٿيندڙ اصل لفظن کي چونڊي استعمال ڪرڻ جي مشق پوري ڪندي ، هن سنڌي ٻولي جي ادبي تاريخ ۾ ٻاونجاهه اکري لکندڙ مون کان پوءِ ٻئي شاعر طور پاڻ کي ڳڻايو آهي. جيڪا ڳالهه کيس سنڌي تاريخ ۾ نمايان درجو ڏياريندي، جيڪا ئي هن فقير جي مڃتا لاءِ ڪافي آهي. انهي مان ئي پتو پوي ٿو، ته هن جي هي رنڍا روڙ اڳتي هلي صرافن وٽ اگهامي ويندي.
مشڪور ڦلڪارو
ٽنڊو محمد خان، سنڌ تاريخ؛ 31 مارچ 2017ع