شاعري

اڃارو جيون

ڪتاب ”اڃارو جيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ ۾ ترتيب ڏنل شاعري (سنڌوءَ حرفي) تي مشتمل هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار سومار سنگم مڱڻهار آهي. سومار سنگم جي شاعري ۾ چائت چِت ۾ پائي سَنهُون ڪتڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي . پر محبت مَن ۾ پائي نه هئڻ جي جاءِ تي، ڪجهه هئڻ جي احساس سان ڀرپور رنڍا روڙ ڪيل آهي .

Title Cover of book Unjaro Jeewan

(ٿ)

(ٿ)
غزل

ٿوهر جوجسم، چِيري ڪنڊا،
ساوڪ ڇڄ ڳِلون ، جِهيري ڪنڊا !

جيڪي روز ٿا ، نڪرن ورِي ،
ڇو ؟ آڪاشَ جي، نِيري ڪنڊا!

فِرموٽِي ٺهِي، پلڙي منجهان ،
تو هَٿَ تي وِڌا، هيري ڪنڊا!

مورا کي مڇي، گندڻي ڀلي،
دريا جي پلي، کيري ڪنڊا،

تو جيوت ٻچا، ورتا جهلي،
سيڙهه ٿي هڻي، تيري ڪنڊا،

تُنهنجا هِنَ لڳا، اُب هم لفظ،
مون دل کي ورِي، سِيري ڪنڊا!

اکين جي ”سنگم“ ڇپرن لِڪِي،
تو اکين هنيا ، ڦيري ڪنڊا !



(2)
وائي

ٿر جا سُڪا هِن اَڪ!
لڳي جا لُڪ!

واريءَ ڀٽن سِرڪِي،
آهِن اُڏاڻا ڪک،
لڳي جا لُڪ!

پاڻيءَ اُڃارا ٿر،
جيوت مرن ٿا بُک،
لڳي جا لُڪ!

ڪوراڙيون ماڻهن،
کائن ڪري سي ڊُڪ،
لڳي جا لُڪ!

ڏاهي ”سنگم“ جيجل،
ڏاڍا ڏسي ٿي ڏُک،
لڳي جا لُڪ!