(د)
غزل
درس گاهن ادب واري ، ادارن سان هلو گڏجِي،
سنگت سنڌ ڏي وڌائي وک، وقارن سان هلو گڏجي!
سنڌو حرفِي لکِي مشڪور ٻاونجهاهه اکر تي نج،
بيت ڪافِي ، گيت وايون، سچارن سان هلو گڏجِي!
امر جليل سچا صُوفِي، عزم وارا اڃان ماڻهو،
سنڌي ٻوليءَ سندا وارث، سنگهارن سان هلوگڏجي!
ٽِکڙ وڻ جي ڦُٽا ٽارِيءَ ، حُسيني، تاج گُل، آڪاش، !
جِندو، وِيران ، هُدى، نُورل نثارن ، سان هلو گڏجي!
علم پرچار جي سنڌ کي ، ضرورت آ گھڻي هاڻي،
پرائڻ تعليم لاءِ سڀ، سگهارن سان هلو گڏجي!
وطن سنڌ جو نه وانجھل ڪو، هنر کان هِت رهي واسي،
مڃائڻ پاڻ کي دنيا، مهارن سان هلو گڏجي.
مشق جارِ ي سُخن رکجان، قلم سان جنگ ”سنگم“ جوٽي،
اناالحق جو هڻي نعرو، هزارن سان هلو گڏجي!
(2)
وائي
در ڀِٽَ ڌڻِيءَ زيارت جا، ڪندي ڇورِي،
گُهري سنڌ جو، امن ڀُوري!
چادر چُمي وليءَ جِي هُن، گُهرِي دُعا،
لوڏي پئِي اُتي پينگهو، جهلي ڏُورِي!
گُهري سنڌ جو، امن ڀُوري!
نفرت ڪَنا، مٿانهين سنڌ اسان جي ربّ،
ڪريو مهر جنهن تي مولا، ذرا ٿوري !
گُهري سنڌ جو، امن ڀُوري!
ڪوسو نه واءُ لڳي ڪڏهن، وري شل تن،
سنڌ سورمن سندي جيجل، لڳي لوري.
گُهري سنڌ جو، امن ڀُوري!
تهذيب جا سنڌي ٽوپِي، ”سنگم“ اجرڪ،
وارث سنڌي رکي هلندا، عمر پُورِي !
گُهري سنڌ جو، امن ڀُوري!