(ز)
غزل
زال چهري وارَ ڪريل، هٽائي ور،
پيو پينگهي سُتل جِي ننڊ ، ڦٽائي ور!
چُمڻ رُخسار، پي جُوڻس ، ڏٺا ٻارن،
اها ڳالهه ڪري ڀوڳن، نٽائي ور!
جوان جذبا رهن تازا، جيان وڻ جي،
فُٽن پريت پيارا گُل، پٽائي ور!
اسي سالن جنم ڏينهڙو ، ڪري تازو،
اڱڻ ساري پيو گُلڙا، ڇٽائي ور!
وٺي سو عيد جا ڪپڙا، ڏئي درزيءَ،
ڪڙائي ڀرت تي ڪُڙتو، چِٽائي ور!
ٽنڊو پارڪ ڇٻر ويهي، ڪڍي ڦوٽا،
پيو ور، ور نوان، جوڙا مٽائي ور!
عمر جِي حَدَ سندو پابند، نه ڪو ماڻهو،
سندا دُنيا ”سنگم“ رنگڙا، مَٽائي ور!
(2)
وائي
زُلف ريشم وڻِي، مهڪڻ حناء مونکي.
سڄڻ ٻانهُنِ، پناهه مونکي!
ڪندي واکاڻ دلبر ڇو؟ زبان ٿڪجي،
چپن تي تازگي ساڳي، ثناء مونکي!
سڄڻ ٻانهُنِ، پناهه مونکي!
سڳو سائو ٻَڌو ساڄِيءَ ڪرائِي تو،
وڳو ڪارو وڻِي اجرڪ اڃان مونکي !
سڄڻ ٻانهُنِ، پناهه مونکي!
ڏسن اکيون پيون توکي، سندا گھوري،
ملي راحت پئي دل تو ڪنان مونکي!
سڄڻ ٻانهُنِ، پناهه مونکي!
جسم هڪ ٿِي رهون ، يڪسان ، ”سنگم“ هاڻي،
اچي صد بار، هنجهه تُنهنجي، فنا مونکي !
سڄڻ ٻانهُنِ، پناهه مونکي!