(گهه)
غزل
گهران ناٺِيءَ وٺِي ڌيءَ کي، اچڻ جو پيءَ ٻَڌو پٽڪو!
خُلا ڇورِي وٺڻ ڪورٽ، وڃڻ جو پيءَ ٻَڌو پٽڪو!
کِجي پاسو کڻِي ڌيءَ جو، فٽائڻ هٿ وٺي گھر کي،
رهي راضي پئي ورسان، ڇِنڻ جو پيءَ ٻڌو پٽڪو!
ڪرڻ منٿون سڄو پاڙو، هلي آيا چڱا در تي ،
مٽي رُخ ماڻهپو مُنڪر، ڀڃڻ جو پيءَ ٻَڌو پٽڪو!
لڳي لالچ لنگهو نوٽن، ٻتڙ پنج لک ٻَڌِي ٻولِي!
نياڻي گونگڙي پرڻو، ڪرڻ جو پيءَ ٻَڌو پٽڪو!
وڪامڻ ڌڻ لڳا ڌيئرن، وڃي آچرپِڙِيءَ تي هِتِ،
جُهڪائي ڪنڌ ڪُسڻ ڪاتِيءَ، وڍڻ جو پيءَ ٻَڌو پٽڪو!
رُڳو سُڏڪڻ سِکي نارِي، ڪرڻ ماتم هتي هاڻي،
ٿئي تذليل ٿِي تنهنجي، ڏسڻ جو پيءَ ٻَڌو پٽڪو!
سِکو جوڙڻ ”سنگم“ ٽوڙڻ، ملي ڇا ٿو مُنافق کي،
کِلائي جڳ پيو ٽهڪن، ٻُڌڻ جو پيءَ، ٻڌو پٽڪو!
(2)
وائي
گهڙو ڪڇ پيا سو سڄڻ ڀي اُڃارا !
سُڪل کوهه اوڙو اسان ڀي اُڃارا!
صبر جو ڪنڊو دل ڳِلافن ۾ اٽڪي!
پرين جا ڪيا هُن هُئا چپ سُڪارا
سُڪل کوهه اوڙو اسان ڀي اُڃارا!
ڪڪر جي وُٺو هو پکي جي ڏريءَ تي!
وُٺا لُڙڪ اکين وٺي نڪ ڪنارا!
سُڪل کوهه اوڙو اسان ڀي اُڃارا!
سفراڻ کُٽو ٿي پيو هاڻ جيون!
ٿڪا سون پيا دل هلي بي سهارا!
سُڪل کوهه اوڙو اسان ڀي اُڃارا!
اسان جوڙيو آ ”سنگم“ سورڙن سان!
ڏسي ڌُک ٻين جا ٿيون ٿا ڏُکارا!
سُڪل کوهه اوڙو اسان ڀي اُڃارا!