غزل
اُڃارو اُسَ تَتل جيون، ڪنڊن جو گهر وٺان جوڙي،
هٿن تي لُڙڪ ڪريا تن، ڇنڊن جو گهر وَٺان جوڙي!
لِڪائي ٿو ڪڪر سج کي، خِلا جيڪر وَڃِي مونکان،
جهلي تارا کَڻِي چوڏس ، چنڊن جو گهر وٺان جوڙي!
اُپائي تر سمنڊ سارو، اچان هيرن ڀري ڪِشتو،
کڻي سونا سِڪا چاندِي، ڳنڍن جو گهر وٺان جوڙي !
سڏي پينون يتيمن کي ، اچان اڀتال سڀ ڳولي،
گڏي گونگا انڌا ڪاڻا، منڊن جو گهر وٺان جوڙي!
ڪري ورکا پيارن گل، تڙي نفرت ڪڍان سنڌ مان،
ڇڏي وڏ ماڻهپائي بس، ننڍن جو گهر وٺان جوڙي!
ولي سارا وٺي سڪندر، مٿان ڌرتيءَ ڪري جرڳو،
سڄو عالم شهر ميڙي ، ٽنڊن جو گهر وٺان جوڙي!
هُجي دربار جِي ڪُرسِيءَ، عمر ويٺل ”سنگم“ جيڪر،
ملڻ انصاف جي لئه اڄ، گِهنڊَن جو گهر وٺان جوڙي !