(ڍ)
غزل
ڍولڻِي وَڻِي وئِي آهين!
اک ڪنڊو هَڻِي وئِي آهين!
چپن تي پيو وساريان پر،
دل اندر ڳڻِي وَئِي آهين !
من اُڇلَ ۾ ، چند ٽهڪ داڻا،
ڇو چِڻِي چُڻِي وئِي آهين ؟
اکڙيون ڏسن اڃان سي گَس،
پير جت کڻِي وئِي آهين !
کوڙ هتي هيون، حسينا تون؟
لک منجهان ڌُڻي وئِي آهين!
ڪن ڏئي لڪل سندي دل جو،
راز رن سُڻِي وئِي آهين!
چيٽ پوءِ ٿيو ”سنگم“ ناهي،
جا ڪَتِي لُڻِي وَئِي آهين !