(پ)
غزل
پڪل پوکون ڇڏي سرڙا، وڃن جِت ٿا پکي واپس!
ورڻ تن جو ورِي مُشڪل، اچن ڪِٿ ٿا پکي واپس!
ٻُڌڻ جهرڪن سندي ٻولِي، اڱڻ وڻ تان اچي ساڳِي،
پرهه ڪڻ ڇن پُڪارون اڄ، ورن وِٿ ٿا پکي واپس!
چُڳي پيرون مِٺِي مَڪَ تي، ڪرڻ چِرچِر وڻي وَهِيَنِ،
ڏيڻ ڦيرا ڪبوترجا ، گهرن گِت ٿا پکي واپس!
رهن راهي رُڳو رڻ جون ، خِلا ڪونجون قطارن سي،
لڳن کائڻ *ظُراتن کي ڪِرن رِت ٿا پکي واپس!
ٻڌل پڃري تتر طوطو، ڀڄڻ جا وجهه پيو ڳولي،
لڳي تاڙي رڳو هٿڙن، ڀڄن ڀِت ٿا پکي واپس!
رهي جھيڙو هتي جيءَ سان، ڏسو هر ساهه تي سختي،
ڪٿي مورن اُهي ڪوڪون، رهن تِت ٿا پکي واپس!
سفر دُنوِي ”سنگم“ پورو، ٿيڻ تي بس اجهو هاڻي،
محل واپس اچي ڀونئرن ، ڏِسن ڇِت ٿا پکي واپس!
(2)
وائي
پڙهي پيو ٻار،
بيت ڀٽائيءَ جا!
سرکا چوي اکر،
سِمَي ٽي سُر تار،
بيت ڀٽائيءَ جا!
ٻوليءَ پيو پنهنجيءَ،
آڻي اُتم اُچار،
بيت ڀٽائيءَ جا!
وايون ٻُڌائي ور،
مارن وري وڻ جهار،
بيت ڀٽائيءَ جا!
سنڌ جو ”سنگم“ پُختو،
هرڪو ٻچو هوشيار،
بيت ڀٽائيءَ جا!