شاعري

اڃارو جيون

ڪتاب ”اڃارو جيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ ۾ ترتيب ڏنل شاعري (سنڌوءَ حرفي) تي مشتمل هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار سومار سنگم مڱڻهار آهي. سومار سنگم جي شاعري ۾ چائت چِت ۾ پائي سَنهُون ڪتڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي . پر محبت مَن ۾ پائي نه هئڻ جي جاءِ تي، ڪجهه هئڻ جي احساس سان ڀرپور رنڍا روڙ ڪيل آهي .

Title Cover of book Unjaro Jeewan

(ک)

(ک)
غزل

کُلي وارن ڏئي ڪارن ڦَڻِي آئِي،
ورِي مونکي اڃان ويتروڻِي آئِي!

چِٽِي مهندِي ڪرايون هٿ، ٻئي پيرن،
ڀِرُن وچَ تي ڪجل بنديا، هَڻِي آئِي!

لبن مُرڪون هٿن گُلڙا، لڪائي اڄ،
ڀَرِي محفل ڏيڻ ڪنهنکي، کَڻِي آئِي!

پگھر منهن تي هُئس موتي، غُصي آور،
الائي ڇو؟ وري ڪنهن تي، تڻِي آئِي!

وٺي سُهڻي سهيلي سٿ، ڀٽائيءَ تي،
ڏسڻ سنڌ ڪوٽ ٿر جو سا، رڻِي آئِي!

مندر اڳيان اِڇا ڌارِيءَ جيان نانگڻ،
رات چوڏس هلِي هِڪڙِي ڄَڻِي آئِي!

گُرو شڪتِي، هُجي احهڙِي، ”سنگم“ جيڪر،
ڪري حاصل وٺان ٻُڪڙن، مَڻِي آئِي!



(2)
غزل

کدڙو کيڪارَ مان ، ڇا ڄاڻي؟
گڏهه جو ڦر گار مان ، ڇا ڄاڻي؟

حرامي هر ٻار، لُچ ٿيندو آ،
عزت بنگلي ، ڪار مان ڇا ڄاڻي؟

چٺ ۾لڪيو جنهن، رُڳو جوٺو سو،
مکڻ ماکي لار مان ڇا ڄاڻي؟

رات جا ڇوري نچي نوٽن تي،
مڙد جي پيارَ مان ڇا ڄاڻي؟

جو وڄائي پيو زندگي ڊڍ ،
تند تنبوري تار مان، ڇا ڄاڻي؟

مٺ مٽيءَ جا ڪنڀر، ٺاهي سو،
تِير سِراڻ ڌار مان، ڇا ڄاڻي؟

”سنگم“ تولئه بس ، اشارو ڪافِي،
چرڳ سنسار مان ڇا ڄاڻي؟