(گ)
غزل
گيڙو پاتو رنگ جوڳي!
مُرلي ڍارو ڍنگ جوڳي!
ڪِشِتو، ڪُندري، بغل بگري،
چارڻ چوري چنگ جوڳي!
دلبريون جانچي ڏٺيون ،
در در ڳولي دنگ جوڳي!
گُھنگھرُو پيرن، ڇم ڇم آ،
چولو تن تي، تنگ جوڳي!
ڌوڻي قلندر، در تي ڪنڌ،
وارن کولي، ونگ جوڳي!
جهيڙو جوٽي نفسي ويٺو،
من جو ماري ڏنگ جوڳي!
تڪيو پٽ ”سنگم“ آ جن جو،
رب تي تن جو ننگ جوڳي!
(2)
غزل
گُل وفا جا هُن مٿان ، ورکڻ لڳس!
با وفا سوئي نه هو ، ڀُلجڻ لڳس!
غير کي پنهنجو سڏي ، غلطي ڪيم،
وقت جي رهزن هٿان، فُرجڻ لڳس!
ٿوهلان نفرت سندي، تلوار تي،
پير ڌاريءَ تي رکي، گُذرڻ لڳس.
ڪوٽڪاڻو ڪو نه هو، منهنجو ڪٿي،
رات جو هِت هُت پهر، ترسڻ لڳس!
تو هئين تاڙي ڀري ، تاڙيءَ مٿان،
ٿر اُڃاري جان پکيءَ ، اُڏرڻ لڳس!
تو وڃڻ جي جي ڪئي ، روندو ڇڏي،
پاڻ کي تنها ڏسي ، سُڏڪڻ لڳس!
ٿي پوي تو سان ”سنگم“، جيون سندو،
ساهه پل جي اِرتقا، اَرپڻ لڳس!