شاعري

اڃارو جيون

ڪتاب ”اڃارو جيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ ۾ ترتيب ڏنل شاعري (سنڌوءَ حرفي) تي مشتمل هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار سومار سنگم مڱڻهار آهي. سومار سنگم جي شاعري ۾ چائت چِت ۾ پائي سَنهُون ڪتڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي . پر محبت مَن ۾ پائي نه هئڻ جي جاءِ تي، ڪجهه هئڻ جي احساس سان ڀرپور رنڍا روڙ ڪيل آهي .

Title Cover of book Unjaro Jeewan

(غ)

(غ)
غزل

غَمِ دل جو نثار، ڪونهي ڪو!
ڪوئي غم گُسار ڪونهي ڪو!

سوچن جي اُڏار، ڇوليون هِن،
يادن کي وسار، ڪونهي ڪو!

گُل ڇانورو لباس، هو پرين پر،
چهري تي نکار، ڪونهي ڪو!

بيجا خوش آمدون، ڪرڻ سان ،
ماڻهو جو وقار، ڪونهي ڪو!

زندگي ٿر ڪنڊا، پئي ٿئي ڇو؟
ٽهڪن وڻ انار، ڪونهي ڪو،

نفرت جا ڀري، کڻي ويو ڇل،
ٻيڙي کي ڪنار، ڪونهي ڪو.

ٽوڙي وشواس جو ”سنگم“ سو
کَرَ جهڙو، مڪار، ڪونهي ڪو!



(2)
وائي

غير کي پنهنجو سڏي، ڀُلجڻ لڳس!
ٿي وڏي سا ڀُل!

مهربان قاتل ٿيو، جذبن سندو،
وقت جي رهزن هٿان، فُرجڻ لڳس،
ٿي وڏي سا ڀُل!

ڏي پيو پنهنجو ڀري، هرڪو زهر،
سور دل جو ماٺ سان سُرڪڻ لڳس،
ٿي وڏي سا ڀُل!

دروليءَ تي جي ويم ، منتون کڻي،
جسم جا ٿي ڇيڇڙا، اُڏرڻ لڳس،
ٿي وڏي سا ڀُل!

روح قلندر جو ”سنگم“ رت سان ٻُڏل،
پاڻ کي تنها ڏسي، سُڏڪڻ لڳس،
ٿي وڏي سا ڀُل!