شاعري

اڃارو جيون

ڪتاب ”اڃارو جيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ ۾ ترتيب ڏنل شاعري (سنڌوءَ حرفي) تي مشتمل هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار سومار سنگم مڱڻهار آهي. سومار سنگم جي شاعري ۾ چائت چِت ۾ پائي سَنهُون ڪتڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي . پر محبت مَن ۾ پائي نه هئڻ جي جاءِ تي، ڪجهه هئڻ جي احساس سان ڀرپور رنڍا روڙ ڪيل آهي .

Title Cover of book Unjaro Jeewan

(و)

(و)
غزل

وٺي مُرشد سڌو گهر ٿا، اچون سارا،
اڇو چهرو اندر جن جو، وڇون ڪارا!

اچڻ سان ئي تڪي زالون، ڇتو ڇورِي،
وات ڦاڙي ، گِگُون ڳاڙي، ڪڇون وارا،

ڪُٽِي مهٽِي ، ڪُڪڙَ ڪرٽي، چٽي ماکِي،
رهي راتون، لڪي ٺڪرن، چٺون کارا!

ڪر امت جون هڻي ڦوڪون، ٻڌي ڌاڳا،
فُري مايون وڃي راڄن، ڪري مارا !

جماعت جي ٻڌي پٽڪي، وجهي ٽوپيءَ،
ٺڳي مومِن پيو سڀ کي، ڏئي لارا !

قدر پيرن حيا ڪهڙو، مُريدن جو،
ٻچن ڪاهي وڃن ٻڪرِي، ڳئون تارا!

”سنگم“ پنيا نه درَ پِنِ تون، سُڃاڻي رب،
جُهڪِي غيرن گُهرين ڇا ٿو؟ لُڪون پارا!



(2)
وائي

وفا ڪجي ڀلي ڪجي!
وفا پيار جو عمل!
پيار جي ڪجي پهل!

وقت پيو وڃي هٿان،
ڏسي وٺو گهڙي ٻڌل،
پيار جي ڪجي پهل!

رکو ڀرم رِستن جو،
جڙي نه پٽ سڳو ڇڳل،
پيار جي ڪجي پهل!

پريم ڪار کان نه ڪا،
رهي پريمڙي رُٺل،
پيار جي ڪجي پهل!

پريت جو ”سنگم“ پرين،
وسارجو وري نه پل،
پيار جي ڪجي پهل!