(هه)
غزل
هڻي ڪوڏر ٿڪو هارِي، گڏي گارو!
مٿان بيٺل وڏيرو هو، صفا کارو!
ڪري نيرون اڱڻ راڳو، سڄي گهرَ جو،
لنگڻ گُزري ويو هُن کي، ڏينهن سارو !
ڇُٽي بيگارمان جي جند، شُڪر نوڪر،
ڀڳو گهرڏي ويو پند ڳوٺ ، ويچارو !
ٻُٻر پيهي ٻچن ويهي ، ٿيو سرهو،
ڏنو جوڻس لسي فيڏر ، گرم ڏارو !
جياپو پورهيتن جو، مثالي ڏس،
وڏيرو هر سندن ويري، رهي مارو !
گزارو جن سندو مُشڪل، هتي آهي،
رهن سي خوش ٿا جن جو، ٻني نه ٻارو !
ڏٺا مارن سندا ڏکڙا ، ”سنگم“ آهن،
ملي ڪاسُک گهڙي تن کي، وري وارو !
(2)
غزل
اَلف حمزو ڀري ٿو جيئن ، اَلف جو کُڻ،
علم شروع ڪجي ٿو تيئن ، اَلف سان ڄڻ !
سنڌي اکرن سندي ترتيب ، ڏسُ سُهڻي،
ڏئي ڏاهو ويو ڃي ڱي ، وري ڻي وڻ !
پٽي ٻارن ڪئي پوري، يڪي سان جن،
لکي پهرين سبق سنڌ جو، سکن پڙهڻ !
ادب اخلاق جا مالڪ، سنڌي ماڻهو،
محب سارا مٺا ماکي، مکڻ جا مڻ !
مشغلو مچ ڪچهري آ، سندو سُگهڙن،
وڄائين چنگ پيا ڏيئي، تنبوري تڻ !
ڪري جِرڳا رهن جھانگي، وطن سنڌ جا،
چرن سارا پيا گڏجي، ڌراڙن ڌڻ !
سڳوري سنڌ سنڌي ٻولي، ”سنگم“ مارُن،
ثقافت تن سندي اجرڪ ، ڀلارو ڏڻ !
(3)
وائي
هت ۾ ڇو ؟ هٿيار کڻجن ، گل ڪتابن جي بجائي!
تون ٻُڌائي، تون ٻُڌائي!
ڏاڍ هيڻن سان ڪري ڪو، پاڻ کي ڏاڍو سڏائي،
تون ٻُڌائي، تون ٻُڌائي!
چور گهرجو ٿي پوي جي ، گهر ڌڻي ڇاڇا ؟ لڪائي،
تون ٻُڌائي، تون ٻُڌائي!
من شياتي زهر کان هِت ، جند وري ڪوڪِٿ ڇڏائي،
تون ٻُڌائي، تون ٻُڌائي!
سود جي بازار ڪنڃري ، مڙس چڱڙو ڪنڌ جُهڪائي،
تون ٻُڌائي، تون ٻُڌائي!
پوڙهو ڇوڪر پيو ٿي، وارڪاراهو ڪرائي،
تون ٻُڌائي، تون ٻُڌائي!
جوڙيو دل کي ”سنگم“ تو، لوڀ سان لالچ لڳائي،
تون ٻُڌائي، تون ٻُڌائي!