(ڃ)
غزل
ڃوڃڻ محبت سندا، ڇو ڇِنون؟
آهن دل سان ٻڌل، ٻنڌ ٻنون!
دلبر ٿو گھر وڃڻ، جي ڪري،
مونکي هيڪل ڇڏي، اڌ رُنون!
ايڏو روئي نه وڃ، تون پرين،
ڪوئي چولو ڏسي، تو ڀِنون!
ڳڻتي ڇو ٿي ڪرين؟ اي چري،
ٿينداسين تون وني، مان ونون!
بد روحن جي نظر، ٿي لڳي،
وارن کولي نه هل، ڇٽ گھنون!
چنڊ راتون ڇو کسي؟ ٿو وٺي ،
سورن جو هر ڪڍي، سج ڪنون!
توسان پنهنجو ”سنگم“ ٿو لِکان،
مونکي آڻي قلم، ڏي پنون!
(2)
وائي
*ڃوڃڻ ڇِن پيرن،
ٻول ته ٻاڙو سچ،
ڪوڙن لڳي مچ!
سارا لنگهه پنجوڙن،
رسيون ٽوڙي رڇ،
ڪوڙن لڳي مچ!
دهشت سامهون تون ،
سينو تاڻي اچ،
ڪوڙن لڳي مچ!
ڊينگهر سارا گسَ،
پورن ٻارج ڳچ،
ڪوڙن لڳي مچ!
گُهنگھرو ”سنگم“ پائي،
سچ ته بيٺو نچ،
ڪوڙن لڳي مچ!